سياري نيپچون جو نئون دريافت ٿيل چنڊ نظام شمسي جو سڀ کان ننڍو چنڊ قرار

عالمي ماهرن پاران نيپچون جي ويجهڙ ۾ دريافت ٿيل چنڊ هپوڪيمپ کي سڄي نظام شمسي جو ننڍي ۾ ننڍو چنڊ قرار ڏنو ويو آهي. هي چنڊ تمام ننڍو آهي هن جو قطر صرف 12 ميل آهي جنهن سبب 1989 ۾ ووييجر (Voyager) نالي خلائي جهاز به هن کي  ڏسي نه سگهيو هيو. ان بعد به سائنسدان هن کي صرف هڪ پٿر سمجهندا رهندا هئا ۽ زمين کان پري ۽ سائيز ۾ ننڍو هئڻ سبب ان کي سمجهي نه سگهيا هيا، پر هاڻي هبل ٽيلي اسڪوپ ذريعي ان جي باري ۾ معلوم ٿي سگهيو آهي. ياد رهي ته نيپچون جا ڪل 14 چنڊ آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *