خاص

نئين مردم شماري لاءِ نادرا کان 13 ارب جو سافٽ ويئر ۽ ٽيب تيار

چيف شماريات ڊاڪٽر نعيم الظفر چيو آهي ته ستين مردم شماري پهريون ڀيرو ڪاغذ ۽ قلم جي استعمال کانسواءِ جديد ٽيڪنالاجي سان ٿيندي، مارچ کان نئين مردم شماري جو آغاز ٿيندو، جيڪو 30 اپريل تائين مڪمل ٿيندو، مردم شماري جا نتيجا گڏيل مفادات ڪائونسل مان منظوري کانپوءِ پبلڪ ڪيا ويندا. پريس بريفنگ دوران ڊاڪٽر نعيم الظفر ۽ چيف مردم شماري ڪميشن محمد سرور گوندل ٻڌايو ته ڊجيٽل مردم شماري لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ستين قومي مردم ۽ خانه شماري جو عمل 20 فيبروري کان شروع ٿيندو، پهرين مارچ کان نئين مردم شماري جو آغاز ٿيندو، 3 مارچ تائين ازخود رجسٽريشن ٿيندي، پهرين مارچ کان پهرين اپريل تائين گهر گهر وڃي ڊيٽا جمع ڪيو ويندو، 2 اپريل کان 20 اپريل تائين ڊيٽا فائنل ڪيو ويندو، 30 اپريل تائين مردم شماري جا سمورا مرحلا مڪمل ڪيا ويندا.