افغانستان ۾ ڪرنسي ڪنٽرول آرڊر جاري
افغانستان ۾ طالبان حڪومت ڪرنسي ڪنٽرول سخت ۽ ڪرنسي ڪنٽرول آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. عالمي جريدي بلوم برگ مطابق افغانستان ۾ سبب ۽ حجم ٻڌائڻ کانسواءِ ڊالر آڻڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق ڊالر اسمگلنگ رپورٽ کانپوءِ افغان طالبان حڪومت ڪرنسي ڪنٽرول کي سخت ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽس مطابق افغان طالبان حڪومت جي آرڊر کان پهرين بنا ٻڌائڻ جي زرمبادلي جي اجازت هئي. بلوم برگ مطابق افغانستان جي زميني رستن تان زرمبادلو کڻي وڃڻ جي حد 500 ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي. رپورٽن مطابق افغانستان مان 10 لک ڊالر اسمگلنگ جي سزا 1 سال قيد ۽ 1 لک ڊالر ڏنڊ آهي. بلوم برگ مطابق افغانستان مان 1 لک ڊالر اسمگل ڪرڻ جي سزا 1 مهينو قيد آهي، جڏهن ته هڪ لک ڊالر کان گهٽ ماليت جي اسمگلنگ جي سزا 10 ڏينهن قيد آهي. افغانستان مان سون ۽ قيمتي پٿر کڻي وڃڻ تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي.

