بگھڙ
ان کان اڳ ڪڏھن فرانسيسي پھاڙن تي ايڏي سخت سردي نه پئي ھئي ۽ نه ئي وري سياري ايڏي تانگھ ڏني ھئي. ھفتن تائين ھوا صاف، تکي ۽ يخ ٿڌي گھُلي ھئي. ڏينھن جي وقت وسيع ھيٺانھان برفاني پڊ، ميٽوڙا اڇا ۽ ديد جي حد تائين پکڙيل نظر ايندا ھئا. رات جو مٿانئن ننڍڙو، شفاف، رٺل ۽ بي رحم چنڊ لنگھي ويندو ھو. مگر ان جي چانڊوڪي ٿڌي نيرڙي ٿي چمڪندي ھئي، جيڪا بذات خود پاڻ ۾ ٿڌاڻ جو جوھر کنيو ھلندي ھئي. خاص طور تي پھاڙن تي ويندڙ اُڀ-ڪپرا رستا ۽ پير-چارا سنسان ٿي ويا ھئا. ماڻھو وسندين اندر پنھنجن پنھنجن گھرن ۾ نڪمائپ کان ستي ستي، پيا بيبيندا ھئا. رات جو دريون دونھين نما ڳاڙھسريون ٿي چمڪنديون ھيون ۽ ستت گگھ اوندھ منجھ ٽُٻي ھڻي وينديون ھيون.
پوري علائقي جي جانورن تي ڏکيو وقت ھو. ڪيئي ننڍڙا جانور ۽ پکي پسڻ ڏڪڻيءَ ۾ مري چڪا ھئا ۽ سندن ڏٻرا ۽ ھڙٻاٺيون نڪتل لاشا، بازن ۽ بگھڙن جو کاڄ ٿي چڪا ھئا. ليڪن اھي به ٿڌ ۽ بک کان بريءَ طرح مري چڪا ھئا. ان علائقي ۾ بگھڙن جون ٿوريون آڪھيون آباد ھيون، جن کي انھيءَ مصيبت لاڙي، گڏ رھڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھو. ڏينھن جو منجھانئن ڪو ھڪ اڌ ٻاھر نڪرندو ھو. سو برف ۾ نوسيندو وتندو ھو. اھو ڏٻرڙو، بکيو، چؤڪنو ۽ ڪنھن ڀوت وانگر ڪاوڙ ۾ ھوندو ھو. سندس پاڇو، سندس ويجھو، برف جي اڇاڻ تي پيو چمڪندو ھو. جيڪو پنھنجو چُھنبيارو دوناڙ، ھوا ۾ گھمائي نوسيندو ھو. وري رکي رکي کُھري ۽ ڦٽيل انداز ۾ ڪنجھندو ھو. ليڪن رات ڌاري اھي مڙئي مِڙي مُچي ٿي ٻاھر نڪرندا ھئا ۽ وسنديون سندن درديلين اوناڙين ۾ پيون وڄنديون ھيون. مال متاع ۽ ڪڪڙ ڪاز کي ساري سڪاري سان واڙي ڀانيڪو ڪيو ويندو ھو ۽ جانٺن ڪلھن تي بندوقون تاڻجي وينديون ھيون. ورلي ڪنھن ڪتي يا ننڍڙي جانور جو بگھڙ شڪار ڪري سگھندا ھئا. جڏھن ته بگھڙن منجھان ٻن کي ته اڳي ئي گوليءَ سان ماريو ويو ھو.
ٿڌ جي موسم ھلندڙ ھئي. ڪيترا بگھڙ گرميءَ جو تؤ وٺڻ واسطي ھڪ ٻئي ۾ گھڙي ويندا ھئا ۽ آري تي ويٺل ڪڪڙ وانگر پِئي پِئي پنھنجي چؤڦير پکڙيل ۽ سُن ٿيل علائقي جي چپڙا چپ کي ڀو ۾ تيستائين ٻڌندا رھندا ھئا، جيستائين منجھانئن ڪو بک وگھي وڦلجي اوچتو ٽپو ڏئي مٿي نه اٿي ۽ دھشتناڪ انداز ۾ چيھاڙ نه ڪري. تڏھن اھي سمورا پنھنجا دوناڙ، ڏانھنس موڙيندا ھئا، ڀو ۾ ڏڪندا ھئا ۽ پوءِ سمورا گڏجي وحشتناڪ، ڊيڄاڙيندڙ ۽ اداسيءَ واريون رڙيون ڪندا ھئا.
آخرڪار منجھانئن ھڪڙي ننڍڙي ٽوليءَ اتان تياڳڻ جو فيصلو ڪري ورتو. صبح مردان جو انھن پنھنجون ڀيڻيون تياڳي ڇڏيون ۽ ڪٺو ٿي، پريشانيءَ ۽ ڦٿڪي کان خالي ھوا کي سُنگھڻ لڳا. پوءِ ھو تڪڙا تڪڙا ۽ ٺينگ ٽپا ڏئي ھلڻ لڳا. پٺتي رھيلن منجھان سندن پونيئر پنھنجن چمڪندڙ اکين سان کين تڪيندا رھيا. ڪجھ وکون سندن پٺيان کنيائون، رُڪيا ۽ ٿوري جھٽ ’ھا ۽ نھ‘ جي عالم ۾ بيٺا رھيا. پوءِ ھو ھوريان ھوريان ھلندا، وڃي پنھنجي ويران ڀٽن ۽ ڀيڻين ۾ ٿانيڪا ٿيا.
ٻپھريءَ ڌاري مسافرن جو ڌڻ ٻن ٽولن ۾ ورھائجي ويو. ٽن بگهڙن سوس جيورا ڏانھن ويندڙ اوڀاريون پاسو ورتو. جڏھن ته ٻين ڏاکڻئي پاسي سفر جاري رکيو. اھي ٽئي ھاٺي ڪاٺيءَ ۾ سڪما ھئا، پر خوفناڪ حد تائين ڏوٻر لاھي چڪا ھئا. سندن ھلڪي رنگ جا اندر ٿي ويل پيٽ سنھي فتيل کان وڌيڪ ويڪرا نه ھئا. سندن پاسراٽيون سندن سينن تي اڀريل جيڪو ڏسي، تنھن کي مٿن ڪياس پيو اچي. سندن وات سڪي ٺوٺ ٿيل ۽ دوڏا ٻاھر نڪتل ۽ مايوسيءَ جا اھڃاڻ ھئا. اھي جيورا ۾ گھڻو اندر تائين ھليا ويا.
اڳئين ڏينھن تي انھن ھڪ رڍ کي، ٻئي ڏينھن تي ھڪڙي ڪتي کي ۽ ورندي ڏينھن تي ھڪڙي گابيءَ کي ماري وڌو. مڇرجي پيل ڳوٺاڻن سندن شڪار ڪرڻ شروع ڪيو. تر جي ڳوٺن ۽ وسندين ۾ اڻ ڄاتل دخلڪارن جو خوف پکڙجي ويو. برف گاڏيون ھٿيار کڻي ھلڻ لڳيون. ھڪڙي ڳوٺ کان ٻئي تائين وڃڻ وارا پاڻ سان بندوقون ساڻ کڻڻ لڳا. اھڙن احتياطن پڄاڻان، ٽنھي بگهڙن ٿڏي تي انھيءَ اڻ ڄاتل جُوءِ ۾ مقابلي ۽ غير يقينيءَ جي ماحول کي محسوس ڪري ورتو. جيتري پنھنجي جوءِ ۾ جان جوکي ۾ وجهندا ھئا، ان کان وڌيڪ جوکو کڻندي، ڏينھن ڏٺي جو ھڪڙي مال جو واڙو وڃي ڀڳائون. ننڍڙي گرم عمارت ڍڳين جي رنڀڻ، ڪاٺين جي پٽين جي ٽٽڻ، کُرن جي ٽاپڙ ٽاپڙ ۽ بگهڙن جي گرم ۽ بکايل ساھن جي آوازن سان ڀرجي وئي ھئي، ليڪن ھن ڀيري ماڻھو پھچي ويا ھئا. بگهڙن کي مزڙو چکايائون. جنھن سان ھارين جا حوصلا ٻيڻا ٿي پيا. ھڪڙي کي ڪنڌ ۾ گولي ھڻي ماريائون ته ٻئي کي ڪھاڙي سان ڪٺائون. ٽيون پڇ پائي ڀڳو ۽ تيسيتائين ڀڄندو رھيو، جيتري تائين اڌ مئو ٿي، برف تي وڃي نه ڪريو. اھو بگهڙن ۾ نوجوان ۽ ڏاڍو سھڻو ھو. سندس سينو فخر لائق مضبوط ۽ سندر ھو. اھو گھڻي دير تائين پيو پيو سھڪندو رھيو. رتاوان ڳاڙها ڇلا سندس اکين آڏو ڦرڻ لڳا. ڪيڏي ڪيڏي مھل سندس واتئون درد ڀريون ۽ سورائتيون سَٽون نڪري پئي ويون. تڪي، زمائتو ھنيل ھڪڙي ڪھاڙي سندس چيلھ کي چُٽيو ھو. ليڪن ھو پاڻ سنڀالي وٺي ڀڳو ھو. صرف ان وقت وڃي ھن ڏٺو ته ھو ڪيترو پري تائين ڀڳو آھي. گھڻو ڏور تائين جتي نه ماڻھو نه ماڻھوءَ جي ذات ھئي. سندس اڳيان برف سان ڍڪيل چيسرل جو عظيم الشان پھاڙ ھو. ھن ان جي پاسي کان ولو ڪري ڀڄڻ جو فيصلو ڪيو. سخت اڃ جي عالم ۾ ھن ٺوس ۽ ڄميل برف تي ٻه ٽي ڀيرا دوناڙ ھنيو.
پھاڙ جي ٻئي پاسي ھن ھڪڙو ڳوٺ ڏٺو. رات پوڻ واري ھئي. ھيءُ اوسيئڙو ڪرڻ لاءِ صنوبر جي وڻن جي جھنڊ ۾ ٿَمُ ڪري بيھي رھيو. پوءِ ھن چؤڪنو ٿي، باغ جي جھنگلن جي وٽ پاسي کان لنگھندڙ مال متاع جي گرم واڙن جي بوءِ جو پيڇو ڪيو. گھٽيءَ ۾ ڪير به نه ھو. ڀَوَ وتي انداز ۾ بکين اکين سان گھرن جي وچ ۾ ليئو پاتائين. گولي چُٽي ويس. ھن پنھنجو سيس پوئتي ھٽايو ۽ ڀڄڻ تي ھو جو ٻي گولي ڇوڙي ويس. سندس اڇي پيٽ جو ھڪڙو پاسو رتائون ٿي ويو. رت ٺينڍيون ڪري ڳڙڻ لڳو. زخمي ھئڻ جي باوجود، ھو ڄڻ اڏامندو جھنگ سان جنجھيل پھاڙيءَ تائين پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اتي ترسي لمحي کن لاءِ ھن ڪنايو. ھن پري کان ايندڙ ڳالھو ۽ پيرن جا کڙڪا ٻڌا. سندس جيءَ ۾ ڊيڄڙو ڀرجي ويو. ھن پھاڙ جي مٿانھين پاسي تڪيو. رستو اُڀَ-ڪپرو، وڻن سان ڳتيل ۽ چڙھائي ڏاڍي اھنجي ھئي. ليڪن وٽس ان کانسواءِ ٻيو چارو به نه ھو. سھڪندي ھن اُڀ-ڪپريءَ تي چڙھڻ شروع ڪيو. سندس پٺيان ھيٺان کان ايندڙ گارين جا دوساڙ ھشڪارون ۽ شمعدانن جا شعاع پھاڙ سان پئي ٽڪرايا. خوف کان رڦندڙ زخمي بگھڙ اڌوگابري روشنيءَ ۾ وڻن وچان ٿيندو مٿي چڙھندو ويو ۽ خاڪي خون سندس پاسي کان آھستي آھستي ٽمندو رھيو.
ٿڌ وڌي وئي ھئي. اولھ ۾ آسمان ڌنڌ ۾ وڪوڙجي برف پوڻ جا آثار ٺاھيو بيٺو ھو. آخرڪار اڀساھيءَ سان ھيءُ پھاڙيءَ جي چوٽيءَ تي پڄي ويو. ھو وڏي ۽ مڙني کان اوچي برفائين ميدان جي ڪناريءَ تي ھو، جيڪو مائونٽ ڪروسن کان گھڻو پري نه ھو ۽ ان ڳوٺ کان گھڻو اوچائيءَ تي ھو، جتان ھو جان بچائي ڀڳو ھو. کيس بک محسوس ئي نه پئي ٿي، ليڪن سندس زخم ۾ لڳاتار ڏکائيندڙ سور ٿي رھيو ھو. سندس ڏکايل ڏاٺن منجھان ڪمزورڙي ۽ مروڌڙي روڙ نڪتي. سندس دل جو دھڪو ڳؤرو ۽ ڏُکندڙ ٿيندو ٿي ويو ۽ دل تي موت جو ھٿ ڳوري شيءِ وانگر رکيل ھيس. پکڙيل ٽارن واري اڪيلي بيٺل صنوبر جي وڻ کيس پناھ ڏني. ھو ان جي ھيٺان ويھي رھيو ۽ بيوسيءَ منجھان برفاني اونداھي رات جي وڳڙي کي واچڻ لڳو. ائين ئي اڌ ڪلاڪ کن گذري ويو. پوءِ ڳاڙھي رنگ جي اڻ چٽي روشني برف تي پئي. ڪِنجھندي، ھو اٿي بيٺو ۽ پنھنجو سھڻو سِسُ، روشنيءَ جي رخ ۾ ڦيريائين. وڏو ۽ رت جھڙو ڳاڙھو چنڊ، ڏکڻ اوڀر کان اڀري ھوريان ھوريان ڌنڌ-وتي افق تي مٿي چڙھڻ لڳو. ڪيترن ئي ھفتن کان ته چنڊ ايڏو وڏو ۽ ڳاڙھو ته نه ھوندو ھو. مرندڙ بگھڙ جون اکيون افسوسناڪ انداز ۾ ڌنڌلي ٽِڪيءَ ۾ اٽڪي بيھي رھيون. ھڪ دفعو ٻيھر ھلڪڙي اوناڙ دردناڪي ساڻ ڪيو، رات جي سانت ۾ گونجي.
تڏھن اتي ھلندڙ پيرن جا کڙڪا ۽ روشني اچڻ لڳا. ٿلھن ڪوٽن ۾ ھاري اوني ٽوپين ۽ بي ڊولين پتلونن ۾ شڪاري ۽ ڇوڪرا برف تي گيھاٽيون ڏيندا پھچي ويا. فتح وارو دنبھو لڳو. انھن مرندڙ بگھڙ کي تاڙي ورتو ھو. ٿڏي تي ٻه گوليون ڇٽي ويون. ٻئي نشاني تي نه لڳيون. ھنن ڏٺو ته ھو ته اڳيئي مرڻينگ آھي. سو مٿس لٺين ۽ ڏنڊن سان کپي ويا. جنھن کانپوءِ ھن جا اوسان خطا ٿي ويا.
ھن جون ھڏيون ڀڃي، ھو کيس گھيليندا، سينٽ اِمِر (Saint-Imier) کنيو ويا. انھن ٽھڪار ڏنا، ڊاڙون ڊش ھنيا، راڳ ڳاتائون، لعنتون وسايائون ۽ برانڊيءَ ۽ ڪافيءَ جا حقدار بڻيا. منجھانئن ڪنھن به جنگل کي ڍڪي ڇڏيندڙ برف جي حسن کي يا مٿانھين سطح واري ھموار ميدان جي چمڪ ڌمڪ کي يا چيسرل مٿئون لڙڪندڙ چنڊ کي نه ڏٺو، جنھن جي ھلڪڙي چانڊاڻ سندن بندوقن جي نالين تي شفاف برف اندر ۽ مئل بگھڙ جي اکين منجھ ٽمڪي رھي ھئي.
(نيشنل بڪ فائونڊيشن، اسلام آباد جي ڇپايل ڪتاب ’عالمي افساني‘ تان نجم الدين احمد جي اردو ترجمي ’ڀيڙيا‘ تان الٿو ڪيل).
***


