ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم
ڀارت جي حڪومت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت مستقل آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ختم ڪندي رياست کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي طرفان حڪم نامون جاري. والاريل ڪشمير هاڻي رياست نه پر وفاقي يونٽ چورائيندو. جنهن جي هڪ قانون ساز اسيمبلي هوندي. هن حڪم نامي تحت ڄمون ۽ ڪشمير کي لداخ کان الڳ ڪيو ويو آهي. هاڻي لداخ کي وفاقي جي انتظام هيٺ علائقو قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان جي به قانون ساز اسيمبلي هوندي. ياد رهي ته ڀارت جي داخلا واري وزير اميت شاهه پاران آرٽيڪل 370 ۽ اي-35 جي حيثيت ختم ڪرڻ وارو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن ته ڀارت جي مخالف ڌر والاريل ڪشمير جي صورتحال تي احتجاج ڪيو. هن نئين حڪم نامي کان اڳ ۾ والاريل ڪشمير کي پنهنجو آئين ٺاهڻ جي اجازت هئي ۽ ڪيترن معاملن ۾ ڀارت جي آئين جو ڪشمير ۾ نافذ ٿيڻ ناممڪن هو.

