مان ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه پيو ڪريان ته 1911ع وارو پورو سال ايران “آمريڪي دور” ۾ زندگي گذاري رهيو هو ۽ شوسٽر تمام گهڻو مقبول ۽ سڀ کان وڌيڪ طاقتور عهديدار هو. اخبارون سندس کنيل قدمن جي جوش و خروش سان حمايت ڪري رهيون هيون، ڇو ته انهن جي ايڊيٽرن کي هو وقت بوقت دعوتون ڏئي گهرائيندو رهندو هو، کين پنهنجي مختلف منصوبن کان آگاهه ڪرڻ ۽ ڪجهه ڏکين مسئلن تي انهن کان صلاحون ۽ مشورا به وٺندو هو-
سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته سندس ڏکيو مقصد ڪاميابيءَ جي راهه تي روان دوان هو- مالي نظام کي سڌارڻ کان اڳ ئي، هن چوري ۽ شين جي غير ضروري استعمال کي محدود ڪري نظام ۾ توازن قائم ڪري ورتو هو- گذريل دستور اهو هو ته ڪيترائي امير، شهزاده، وزير ۽ اڪابر پنهنجن مطالبن لاءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون لکي اهڙيون پرچيون خزاني جي وزير ڏانهن موڪلي ڇڏيندا هئا، جو حڪومتي ملازم انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي مجبور سمجهندا هئا، نه ڪرڻ تي کين پنهنجي جان يا نوڪري تان هٿ ڌوئڻا پوندا هئا- مورگن جي ايندي ئي اهو سڀ ڪجهه اک ڇنڀ ۾ بدلجي ويو-
هونئن ته ڪيترائي مثال آهن، پر صرف هڪ ئي بيان ڪرڻ ڪافي آهي- 17 جون تي “مجلس” جي اجلاس ۾ تهران ۾ جيڪي سپاهي مقرر هئا انهن جي پگهارن جي ادائگي لاءِ هڪ ڪروڙ چاليهه لک تومانن جي ايذائيندڙ درخواست شوسٽر کي پيش ڪئي وئي-
“نه ته هڪ بغاوت برپا ٿي ويندي ۽ سڄي ذميداري خزاني جي وزير تي هوندي!”
“وڏا وزير،” دفاع جي وزير چيو-
شوسٽر جواب ڏنو:
“ڏهه ڏينهن اڳ ايتري ئي رقم پاڻ وزير ورتي هئي- اها هن ڪهڙي مد ۾ خرچ ڪئي آهي؟”
“ڇا وزير کي پورو يقين آهي ته ان کنيل رقم مان ڪجهه به ناهي بچيو؟”
“هڪ پائي به نه!”
شوسٽر پنهنجي کيسي مان هڪ ننڍڙو ملاقاتي ڪارڊ ڪڍيو جنهن تي تمام سنهن اکرن ۾ ڪا تحرير لکيل هئي ان کي غور سان ڏسڻ کانپوءِ چيائين:
“خزاني مان جيڪا رقم ڏهه ڏينهن پهرين ادا ڪئي وئي هئي سموري رقم وزير جي ذاتي حساب ۾ جمع ڪئي وئي آهي- هڪ تومان به خرچ ناهي ڪيو ويو- هي آهي بينڪر جو نالو ۽ انگ اکر-”
“اميرِ اعظم،” هڪ ڳري جسم وارو ٿلهو ماڻهو، اٿي بيهي رهيو ڪاوڙ مان سندس وار ڪانڊارجي ويا، ڇاتيءَ تي هٿ رکي پنهنجي ساٿين تي ڏاڍي غضب ناڪ نگاهه وڌي:
“ڇا منهنجي نالي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟”
جيئن ته ان ڳالهه تي کيس ڪنهن به تسلي ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي، هن وڌيڪ چيو:
“مان قسم ٿو کڻان ته اها رقم جيڪڏهن واقعي منهنجي حساب ۾ آهي ته ان جي خبر رکڻ وارو مان آخري ماڻهو آهيان-”
ڪجهه نظرن کيس غير يقينيءَ مان ڏٺو، بينڪر کي گهرائڻ جو فيصلو ٿيو ۽ شوسٽر وزيرن کي چيو ته پنهنجي جاءِ تي ئي رهن- ٺيڪ جنهن وقت خبر پئي ته ماڻهو اچي ويو آهي، وزير دفاع ان سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌيو- ڪن ۾ سس ڦس ٿي ان کانپوءِ “اميرِ اعظم” پنهنجن ساٿين سان گڏ ڏاڍي سادگيءَ سان مسڪرائيندو اتان روانو ٿيو-
معاملو ختم ڪيو ويو، جيتوڻيڪ گهڻي گڙٻڙ ٿي وئي، پر ان کانپوءِ رياست جي اعليٰ عهديدارن کي خزاني کي لٽڻ جي جرئت نه ٿي جيڪا صدين کان هلندي پئي آئي- ظاهري ڳالهه آهي ته ناراض ماڻهن جي به ڪا گهٽتائي ڪونه هئي، پر انهن کي به پنهنجي زبان بند رکڻي پئي ڇو ته ڪيترائي ماڻهو جن مان ڪيترائي آفيسر طبقي مان هئا انهن وٽ به غير مطمئن هجڻ جو ڪو سبب نه هو: ڇو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت جي ملازمن کي، سپاهين ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ ايراني سفارتي عملي کي پنهنجا پگهار ملي رهيا هئا-
ٻيو ته ٺهيو، پر بين الاقوامي مالياتي حلقا به شوسٽر جي معجزن تي حيران هئا- ثبوت جي طور تي: لنڊن جي بينڪار “سيلگمان برادران” ايران کي چار ڪروڙ پائونڊ اسٽرلنگ قرض ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهڙو ڪوبه شرط نه لڳايو جيڪو انهيءَ قسم جي سودي جي ضرورت هجي ٿو- نه پرڏيهه اماڻيل سامان تي ڪو ٽيڪس يا ڪا ضمانت- اهو قرض بلڪل عام ۽ سادو قرض هو جيڪو هڪ عزتدار آساميءَ کي ڏنو ويو هو، جيڪو هڪ احسن قدم هو- انهن ماڻهن جي نگاهه ۾ اهو هڪ اهڙو ترقي پسند مثال هو جو ايران کي غلام بنائڻ جو سوچي رهيو هو- برطانوي حڪومت قرض روڪي مداخلت ڪئي-
انهيءَ وچ ۾ زار اڃان وڌيڪ استحصالي طريقي سان ايران جا وسيلا لٽڻ شروع ڪيا- جولاءِ ۾ معلوم ٿيو ته گذريل شاهه پنهنجن ٻن ڀائرن ۽ ڪجهه ڪرائي جي سپاهين جي هڪ فوج جي قيادت ڪندو ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ واپس آيو آهي- ڇا اهو اوديسا ۾ نظربند ڪونه هو، روسي حڪومت جي واعدي مطابق ته کيس وري ڪڏهن ايران واپس وڃڻ نه ڏنو ويندو؟ جڏهن هن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي وئي ته سينٽ پيٽرز برگ جي ڪجهه چڱن مڙسن ٻڌايو ته هو ڪوڙي پاسپورٽ ذريعي لڪي ڇپي اتان نڪتو آهي ۽ وٽس جيڪي هٿيار آهن اهي اهڙن دٻن ۾ بند ڪيا ويا آهن جن تي لکيل آهي قدرتي چشمن جو پاڻي ۽ سندس فرار جي ذميداري ڪير به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي اهڙيءَ ريت هو اوديسا مان پنهنجي رهائشگاهه مان پنهنجن ماڻهن سان نڪتو- يوڪرين ۽ ايران جي وچ ۾ ڪجهه سئو ميلن جو فاصلو طئي ڪيو، پنهنجي سڄي اسلحي سميت هڪ روسي جهاز ۾ سوار ٿي قزوين عبور ڪري ايران وڃي پهتو- زار جي حڪومت کي ڪوبه شڪ نه ٿيو، نه سندس فوج کي، نه ان جي خفيه پوليس “اوخرانا” کي؟
پر ان معاملي تي ان بحث مان ڪهڙو نتيجو نڪرڻ وارو هو؟ اهم ڳالهه اها هئي ته ايران جي نازڪ جمهوريت کي ٽُٽڻ کان هر قيمت تي بچايو وڃي- پارليامان شوسٽر کان ايندڙ ادائگيءَ تي رقم گهري ۽ هن ڀيري آمريڪا چُون به نه ڪئي- پر ان جي ابتڙ هن سڄو ڌيان ان ڳالهه تي ڏنو ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پوري هڪ فوج تيار ٿي وڃي جنهن وٽ بهترين جنگي سامان دستياب هجي ۽ وافر مقدار ۾ هٿيار به- هن پاڻ افرائيم خان جو نالو ان جي قيادت لاءِ ڏنو جيڪو هڪ بيحد ذهين آرميني آفيسر هو جنهن ٽن مهينن جي تمام گهٽ عرصي ۾ اڳوڻي شاهه کي شڪست ڏئي سرحد پار ڌڪي ڇڏيو هو-
سڄي دنيا جي سفارتي آفيسن ۾ ان ڳالهه تي يقين ڪيو ويو ته ايران هڪ جديد رياست بڻجي چڪو آهي ان قسم جون بغاوتون عام طور تي سالن جا سال پيون هلنديون آهن، تهران ۽ ٻاهرين ملڪن جي وچ ۾ گهڻو ڪري ناظرين جي جواب جو صرف هڪ جادوئي لفظ ۾ جواب ڏئي سگهجو ٿي: “شوسٽر” هاڻي سندس ڪردار هڪ خزاني جي نگهبان کان تمام گهڻو وڌيڪ هو، هن پارليامان کي تجويز پيش ڪئي ته گذريل بادشاهه کي قانون کان ڀڳل مجرم قرار ڏئي، سڄي ملڪ جي ڀتين تي “مطلوب” جو اشتهار لڳائي ڇڏجي، جيئن پري پري مغرب وائلڊ ويسٽ ۾ ٿيندو آهي ۽ شاهي باغي بادشاهه ۽ ان جي ڀائرن جي گرفتاريءَ ۾ مدد ڪرڻ وارن کي به ڳرا انعام ڏنا وڃن- ان ريت اهي سموريون تدبيرون معزول شاهه کي عوام جي نگاهه ۾ بي توقير ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون-
زار اڃان ڪاوڙ ۾ هو، هاڻي مٿس اهو راز کلي چڪو هو ته ايران ۾ سندس منصوبا ان وقت تائين پورا نٿا ٿي سگهن جيستائين شوسٽر اتي موجود هوندو- ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان کي اتان روانو ڪرڻو پوندو! ڪو حادثو ڪرائڻو پوندو، هڪ وڏو حادثو هڪ ماڻهو کي خاص طور تي اهو مشن ڏنو ويو: پوختيا نوف، تبريز جو اڳوڻو قونصل ۽ هاڻي ايران جو عام قونصل-
ان ڪم لاءِ “مشن” هڪ اهڙو بي دعويٰ لفظ هو جيڪو ان سڄي سلسلي ۾ لڪل سازش ۾ ڏاڍي احتياط سان ملوث هو توڙي جو ڪٿي ڪٿي ان جو پول کُلي ٿي ويو، حصو هو- پارليامان اڳوڻي شاهه جي سڄي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان جي ٻن ڀائرن جي ملڪيت به جيڪي ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا هئا- ان حڪم جي بجا آوريءَ لاءِ عام خزانچي جي حيثيت سان شوسٽر هر ڪم مڪمل قانوني طريقي سان ڪرڻ ٿي چاهيو- لاڳاپيل خاص ملڪيت، جيڪا “قصرِ اتابيڪ” کان گهڻو پري نه هئي، شاهي شهزادي جي هئي جيڪو “شعاع الملڪ” سڏرائيندو هو، آمريڪي پوليس جي دستي کي ۽ حڪومتي عملدارن کي مختيار نامي سان اوڏانهن موڪليو- انهن پنهنجي آمهون سامهون قذاق ۽ ان سان گڏ روسي قونصل جي آفيسرن کي ڏٺو جن پوليس کي جاگير ۾ اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو، جيڪڏهن اهي اتان هڪدم واپس نه موٽيا ته طاقت استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي-
جڏهن شوسٽر کي ان ڳالهه جو پتو پيو ته هن پنهنجي معاون کي روسي لگيشن اماڻيو- پوختيا نوف سندس سامهون آيو ۽ ڏاڍي رعبدار لهجي ۾ اها وضاحت ڪئي: شهزادي “شعاع الملڪ” جي والده زار ۽ زارينا کي حمايت ڪرڻ لاءِ لکيو آهي جيڪا ڏاڍي فراخدليءَ سان عطا ڪئي وئي آهي-
آمريڪي کي پنهنجن ڪنن تي اعتبار ئي نه آيو: اهو انصاف جي خلاف آهي، هن ڄڻ احتجاج طور چيو ته ايران ۾ غير ملڪين کي رهائي ڏيڻ جي رعايت حاصل هجي ۽ هڪ ايراني وزير کي قاتلن سان قانوني ڪارروائي صرف ان ڪري نه ڪرڻ ڏني وڃي جو اهي زار جي رعايا آهن- اهو هڪ قديم رواج هو ۽ هاڻي ان کي تبديل ڪرڻ مشڪل، اهو ته ايراني رات وچ ۾ پنهنجي جاگير غير ملڪي حڪمرانن کي امانت طور حوالي ڪندا ته جيئن اهي پنهنجي ملڪ جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري سگهن– اهو ته ڏاڍو غير معمولي ۽ عجيب عمل هو- شوسٽر ان کي تسليم ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار نه هو- هن پوليس کي حڪم ڏنو ته اتي وڃي لاڳاپيل جاگير جو قبضو حاصل ڪري، تشدد کان پرهيز ڪري، پر هٿيار هرگز ڦٽا نه ڪري- هن ڀيري پوختيا نوف مزاحمت نه ڪئي- هن هڪ حادثو ڪري وڌو- سندس مشن ختم ٿي چڪو هو-
رد عمل ٿيڻ ۾ دير نه لڳي- سينٽ پيٽرز برگ ۾ هڪ اعلان جاري ڪيو ويو ته جيڪو به ٿيو اهو روس جي خلاف جارحاڻو قدم ۽ زار ۽ سندس زارينا جي بيعزتي لائق هو- هو تهران جي حڪومت کان معذرت جو مطالبو ڪري رهيا هئا- ايراني وزيراعظم گهٻراهٽ ۾ گرفتار ٿي برطانوين سان صلاح ڪئي، پرڏيهي آفيس خبر ڏني ته زار ڪا راند نه پيو کيڏي، هن باڪو ۾ فوج جمع ڪري ورتي آهي ۽ ايران مٿان حملو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي- عقلمندي اها آهي ته سندس مطالبو پورو ڪيو وڃي-
پوءِ ٿيو ايئن جو 24 نومبر 1911ع تي ايران جو پرڏيهي معاملن وارو وزير دل تي پٿر رکي روسي وفد جي سامهون حاضر ٿيو ۽ ڏاڍي عاجزيءَ سان لاڳاپيل وزير سان هٿ ملائيندي اهي لفظ چيا:
“جناب اعليٰ، منهنجي حڪومت اهو ڪم منهنجي حوالي ڪيو آهي ته جيڪا سبڪي اوهان جي قونصل جي آفيسرن جي ٿي آهي ان معاملي تي اوهان کان معذرت ڪيان-”
وزير جو هٿ هٿ ۾ جهلي نمائندي ڏاڍو چڀندڙ جواب ڏنو:
“اسان جي پهرين مطالبي جي جواب طور تنهنجي معذرت قبول ٿي ڪجي، پر مان توکي اها ڳالهه ٻڌايان ته هڪ ٻيو مطالبو سينٽ پيٽرز برگ ۾ تيار ٿي رهيو آهي- ان جي متن جو علم ٿيندي ئي مان توکي اطلاع ڏيندس-”
هن پنهنجو واعدو پورو ڪيو- پنجن ڏينهن کانپوءِ 29 نومبر تي ڏينهن جو 12 وڳي سفارتڪار پرڏيهي معاملن واري وزير کي پنهنجي نئين مطالبي جو متن پيش ڪري ڇڏيو، ۽ زباني اهو اضافو ڪيو ته اڳ ۾ ئي لنڊن کان ان جو جواب حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان کي 48 ڪلاڪن اندر اندر پورو ڪرڻو پوندو-
پهرين ڳالهه: مورگن شوسٽر کي برطرف ڪيو وڃي-
ٻي ڳالهه: روسي ۽ برطانوي لگيشنز جي مرضي حاصل ڪرڻ بنا ٻيهر ڪنهن به غير ملڪيءَ کي ملازم نه رکيو وڃي-