ايڊيٽوريلنئون

سنڌ جي تعليم واري وزير وزارت تعليم جو “وائٽ پيپر” جاري ڪري ڇڏيو

سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه 20 فيبروري 2026ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي پنهنجي تعليم واري وزارت بابت “وائٽ پيپر” جاري ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ جي تعليم جو “ٻيڙو ٻڏي چڪو آهي.” جڏهن ته هن وقت سنڌ جي تعليم جو بجيٽ سنڌ جي GDP جو 20 کان 25 سيڪڙو آهي، پر ان هوندي به سنڌ جي تعليم ڏينهون ڏينهن ابتريءَ جو شڪار آهي. تعليم واري وزير مطابق هن وقت سنڌ ۾ 9 هزار گوسڙو استاد، 4 سئو اسڪول بند پيل آهن، 15 هزار اسڪول بجلي کان محروم ۽ 12 هزار اسڪول واشرومن کان محروم آهن. شاهه صاحب اهو اقرار ڪيو آهي ته هن وقت 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. جڏهن ته يونيسيف مطابق 60 کان 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. پاڻ اهو به اعتراف ڪيو آهي ته هن وقت ڪراچي جي ستن ضلعن ۾ ڪل 232 اسڪولن جون عمارتون خطرناڪ بڻيل آهن. هن چيو ته تعليم کاتي ۾ هن وقت تائين 9 هزار 632 ڊيوٽي تان استاد مسلسل گم آهن، جن مان اڍائي هزار استادن تي ڏنڊ ۽ سزائون لاڳو ڪيون ويون آهن، باقي 7 هزار 159 فرار ٿيل استادن خلاف ڪارروائي جاري آهي. سندس چوڻ موجب بجيٽ جو 92 کان 93 سيڪڙو پگهارن ۾ وڃي ٿو. ان سڄي نظام کي درست ڪرڻ لاءِ حڪومت کي وڏا فنڊ گهرجن. سندس “وائٽ پيپر” ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته هر سال تعليم کاتي کي 9 هزار اسڪول گهرجن.

هر سال 18 لک ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿيڻ جي اهل ٿي وڃن ٿا. پاڻ اهو به اقرار ڪيو آهي ته نون استادن کي پوسٽنگ لاءِ آفيسر تنگ ڪن ٿا، کانئن پئسا گهرن ٿا، پر اهڙن آفيسرن جي استادن نشاندهي نه ڪئي آهي. وزير صاحب تعليم کاتي جي جيڪا تصوير پيش ڪئي آهي ان مان عوام کي سخت مايوسي حاصل ٿي آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم صوبائي سبجيڪٽ آهي ۽ ڏٺو وڃي ته سنڌ جي بجيٽ جو 20 کان 25 سيڪڙو تعليم تي خرچ ٿيڻ ڪا مذاق ناهي، ان جي باوجود به تعليم جي ميدان ۾ تبديلي وارا اهڃاڻ نظر نٿا اچن آخر ڇو؟ ڇو ته نظام ڪرپشن ۽ بدانتظاميءَ جي ور چڙهيل آهي، 9 هزار 632 استاد گوسڙو آهن، مطلب ته اهي بجيٽ جو وڏو حصو انتظاميه جي ملي ڀڳت سان پگهارن ۽ پينشنن جي صورت ۾ ڳڙڪائي رهيا آهن، پر ميدانِ عمل تي موجود ناهن. بغير ڪم ڪرڻ جي ڪنهن سرڪاري عملدار کي پگهار ملندي رهي ان جو ڏوهه وزارت تعليم کي ڏجي يا ٻئي ڪنهن کي؟ سنڌ جو عوام گذريل 15، 20 سالن کان تعليم جي مسئلي تي ڳالهائي رهيو آهي. سنڌ حڪومت هڪ دفعو تعليمي ايمرجنسي پڻ نافذ ڪئي ۽ تعليم کي ترجيح بڻائي ان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ واعدو پڻ ڪيو ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪافي اڳڀرائي به نظر آئي آهي. ان جي باوجود سنڌ حڪومت کي تعليم کي سڀ کان وڌيڪ اوليت ۽ ترجيح ڏيڻي پوندي. ڇو ته تعليم ئي هر شبعي جي لاءِ هيومن ريسورس پيدا ڪري ٿي. ميلن تي وڏا وڏا حڪومتي بجيٽ خرچ ٿيندي نظر اچن ٿا. جڏهن ته اهڙا ادبي ميلا خانگي سطح تي به منعقد ٿي سگهن ٿا. ڏسجي ته حڪومت ميلن تي خرچ ڪري ٿي، حڪومت جي خرچ تي گوسڙو استاد پگهارون ۽ پينشن کڻن ٿا، حڪومت جي خرچ تي ٺيڪيدار اسڪولن جون عمارتون جن ۾ واشروم ناهن، چار ديوارون ناهن ۽ پنجن ڇهن سالن جي اندر عمارتون ڊهي پون ٿيون.

آخر ۾ ڳالهه اتي وڃي بيهي ٿي ته انهن سڀني سببن جي ڪري 60 کان 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر ٿي وڃن ٿا. معاشري ۾ ڏوهارين جو انگ وڌي ٿو ۽ پوءِ اسان پوليس تي خرچ ڪريون ٿا. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سردار شاهه ايمانداريءَ سان پنهنجي وزارت جو وائٽ پيپر جاري ڪري حقيقتن کي سامهون رکيو آهي ۽ پنهنجي خراب ڪارڪردگيءَ جو اعتراف ڪيو آهي. جنهن ۾ ميرٽ تي ڀرتين نه ٿيڻ کان وٺي تعليم جي بجيٽ تي گوسڙو استادن جي ڌاڙي ۽ عمارتن مٿان ترقياتي فنڊن جي استعمال نه ٿيڻ جي حالت کي بيان ڪيو آهي. هاڻي سردار شاهه جڏهن تعليم جي بدحالي جو اعتراف ڪيو آهي ته ان جي علاج بابت سوچجي. وري تعليمي ايمرجنسي نافذ ڪجي، استادن جي تقرري ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، 25 سيڪڙو بجيٽ جو آڊٽ ٿيڻ گهرجي، ڏوهارين کي سزائون ملڻ گهرجن، نظام ۾ شفافيت پيدا ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ٿيڻ گهرجي. ان کان علاوه ننڍن ننڍن ڳوٺن اندر اسڪول ۾ داخل ٻارن جي والدين تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙي انهن کي اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي ۽ استادن جي  تربيت ڪئي وڃي ته جيئن اهي ايمانداريءَ سان پنهنجون پيشا وراڻيون ذميداريون نڀائي سگهن. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ اسڪولن جو انگ وڌايو وڃي ۽ انهن جي مانيٽرنگ لاءِ سخت انتظام جوڙيو وڃي. ڇو ته ان نظام ۾ به ڪجهه اسڪول تمام سٺو رزلٽ ڏئي رهيا آهن ته ڪجهه صرف پئسو ڪمائڻ لاءِ هلايا پيا وڃن. گوسڙو استادن جي نشاندهي اسان جي عوام کي به ڪرڻي پوندي. چاهي اهي گوسڙو انهن جي پنهنجي گهر يا خاندان جا ڀاتي هجن. تڏهن اسين پنهنجي تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. اسان جو گڏيل جذبو ئي اسان جي تعليمي نظام ۽ قوم جي مستقبل کي محفوظ ڪري سگهي ٿو.