مچ سانحي جي متاثرين جو وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويٺل شخص کي احساس نه آهي: مريم نواز
مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته مچ سانحي جا متاثرين حڪومتي داد رسي جا منتظر آهن. وزيراعظم جي ڪرسي تي ويٺل شخص کي ذرو به احساس نه آهي. قومي سانحي تي سياست نٿي ڪري سگهجي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ڪوئيٽا رواني ٿيڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته رياست ماءُ ۽ وزيراعظم پيءُ جو ڪردار ادا ڪندو آهي. مونکي افسوس آهي ته اوهان کي قوم جو احساس نه آهي. غريب پورهيت انتظار ڪري رهيا آهن ته هي هنن جي ڏک ۾ شريڪ ٿئي. هن چيو ته نواز شريف ڪوئيٽا وڃڻ جي هدايت ڏني. مچ سانحو ڏکوئيندڙ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هزارا برادري جي ماڻهن سان ڪافي وقت کان ظلم ٿيندو آيو آهي. ماڻهو پنهنجي پيارن جا لاش روڊ تي رکي ويٺا آهن. اهڙي واقعي تي متاثرين سان گڏ بيهڻ اسان جو فرض آهي. هوڏانهن ڪوئيٽا ۾ مچ سانحي جي متاثرين جو احتجاجي ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري آهي. بلوچستان جو وڏو وزير به پوئينرن کي راضي نه ڪري سگهيو. هزارا برادري سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي پئي وڃي.

