خاص

ٺل جي ناري سائره خاتون مٿس لڳل ڪارنهن جي الزام خلاف عورتن سان گڏ ٻاهر نڪري آئي

ٺل جي صدور آباد پاڙي جي ٻرڙا برادري جي عورتن ڪارنهن الزام خلاف رهبر چوڪ تي پنج ڪلاڪ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو. جتي عورتن ٽائرن کي باهه ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري سائره خاتون جي مڙس سندس ڏيرن، سميت ڪارنهن جو جرڳو ڪندڙ ڀوتارن خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي ڪارنهن هيٺ آيل ناري سائره خاتون ٻڌايو ته هڪ سال اڳ سندس شادي ٿي هئي. مڙس محمد ايوب ٻرڙو کيس ڪنراڻي برادري جي ماڻهو سان ڪارنهن جي ڪوڙي الزام ۾ گهران ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪارنهن جو جرڳو صدام حسين ٻرڙو ۽ راجا خان ڪنراڻي ڪري ٻارنهن لک رپيا عيوضو رکيو ويو جيڪا رقم سائره خاتون جي مڙس ۽ ڏيرن وصول ڪئي. سائره خاتون جو چوڻ هو ته سندس مڙس سندس کير پياڪ نينگري زهرا کي اغوا ڪري ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن ٿاڻي تي پنهنجي ڌيءَ جي اغوا ۽ مٿس ڪوڙي لڳل الزام خلاف دانهن به ڪئي، پر کيس ڪوبه سڏ نه ڏنو ويو. هن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته کيس سندس ننڍڙي ٻارڙي واپس ڪرائي وڃي ۽ مٿس ڪارنهن جو الزام مڙهيندڙ سندس مڙس خلاف ۽ جرڳو ڪندڙ ڀوتارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سنڌ جي نياڻي کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.