عدالت حڪم ڏئي ڇڏيو، افغانين کي هاڻ پاڪستاني شهريت به ملندي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جيان اسان جو قانون به ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ هر ٻار کي شهريت ڏيڻ جو پابند آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله افغان پناهگير خاندان جي پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار کي شهريت ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. 24 ورهين جي فضل حق جي وڪيل عمر اعجاز گيلاني عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته منهنجي اصيل 24 سال پاڪستان ۾ بنا ڪنهن شهريت جي گذاريا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جيان اسان جو قانون به ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ هر ٻار کي شهريت ڏيڻ جو پابند آهي، پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ڪو به ٻار پاڪستاني شهري بڻجي ويندو. واضح رهي ته پاڪستان ۾ هن وقت 40 لک کان وڌيڪ پناهگير موجود آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ افغاني آهن. ذريعن موجب هن وقت پاڪستان ۾ 30 لک کان وڌيڪ افغاني آباد آهن، جن مان 12 لک غير قانوني طور هتي رهن ٿا. اها دعويٰ به سامهون ايندي رهي آهي ته افغان شهرين جعلي دستاويزن ذريعي پاڪستاني شهريت حاصل ڪئي آهي.

