خاص

چوريءَ  جي الزام ۾ گڏهن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

چترال جي علائقي دروش ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر گهرو اڏاوت ۾ ڪم ايندڙ ڪاٺ اسمگل ڪرڻ ۾ ملوث سهولتڪار گڏهن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ  جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. اسسٽنٽ ڪمشنر دروش طرفان دروش گول ۾ ڪيل ڪارروائي دوران ٽن گڏهن کي حراست ۾ ورتو ويو هو ۽ انهن کي ٻيلي کاتي ذريعي محمود آرا مشين دروش جي مالڪ محمود الحسن جي حوالي ڪيو ويو هو، پر ٻئي ڏينهن جڏهن ڪارروائي ڪئي وئي ته حيرانگي ٿي ته ساڳيا ئي گڏهه ڪاٺ اسمگل ڪندي پڪڙيا ويا هئا. رپورٽ موجب اسسٽنٽ ڪمشنر فاريسٽ مئجسٽريٽ دروش کي حڪم ڏيندي ٻيلي کاتي کي ڇهه عدد گڏهه عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو  آهي. گڏهه ڪاٺ اسمگل ڪرڻ ۾ استعمال ٿي رهيا هئا، ڄاڻايل گڏهن بابت چيو پيو وڃي ته انتهائي هوشيار هئا ۽ ڪاٺ سٿجڻ کانپوءِ مالڪ جي موجودگي کانسواءِ ڪاٺ گهربل ماڳ تائين رسائيندا هئا، جنهن جي انهن کي سکيا ڏني وئي هئي ۽ مالڪ جي موجودگي کانسواءِ انتهائي ايمانداري سان پنهنجي ذميواري انجام ڏيندا هئا.