خاص

ٽنڊوالهيار جا 150 اسڪول بند: چيف سيڪريٽري تعليم طلب

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ گلاب لغاري جي رهواسي نوجوان وڪيل راجا جهانزيب لغاري طرفان مشهور عالم ۽ اسڪالر حاجي احمد لغاري جي نالي سان قائم پرائمري اسڪول کي بند ڪرڻ خلاف داخل پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي. وڪيل استدعا ڪئي ته هڪ استاد طرفان رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ ٻن سالن کان اسڪول تي استاد مقرر نه ڪيو ويو آهي. داخلا ٿيل شاگرد تعليم کان محروم آهن. ٻڌڻي دوران تعليم کاتي ٽنڊوالهيار جي عملدارن کان عدالت پڇيو ته بند اسڪولن تي استاد مقرر ڇو نه ڪيا ويا آهن، عملدارن رپورٽ ڏني ته سيڪريٽري تعليم استاد مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جيڪو هاڻي رٽائر ٿي چڪو آهي. هاءِ ڪورٽ حيدرآباد آرڊر جاري ڪيو ته ٽنڊوالهيار ۾ 150 اسڪول بند آهن ۽ انهن جي حالت خراب آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اسڪولن، ڪتابن ۽ استادن جي رڪارڊ سميت، وزير تعليم سعيد غني ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي طلب ڪندي ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي