سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سيڪريٽري فوڊ کي ڇنڊ

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خوراڪ کاتي کان ڪڻڪ خريد ڪري 40 ڪروڙ رپين جا غبن ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري، نيب عملدارن ۽ فلور ملز جوابدارن جي وڪيلن کي هڪ ڀيرو ٻيهر گڏجاڻي ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو آهي ته گڏجاڻي ڪري ايندڙ ٻڌڻي تائين مارڪ اپ جي رقم طئي ڪريو، عدالت خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان ڪنهن جي اک جا تارا آهيو؟ توهان جي مقرري ڪهڙي عهدي تي ٿي هئي؟ جنهن تي سيڪريٽري فوڊ چيو ته هو سيڪشن آفيسر جي عهدي تي مقرر ٿيو هو. عدالت پڇيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن ابتڙ ڪيترا آفيسر سنڌ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. عدالت چيف سيڪريٽري کان اهڙن سمورن آفيسرن جي حوالي سان جواب طلب ڪري ورتو آهي
