پاڪستانخاصنيو‍‍ز

انڊونيشيا زلزلي سبب فوتين جو انگ 268 ٿي ويو، 151 ماڻهو اڃا تائين گم آهن

انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا ۾ گذريل ڏينهن آيل تباهي واري زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 268 ٿي ويو آهي ۽ 151 ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن. خبرن موجب 5.6 ريڪٽر اسڪيل جي شدت سان آيل تباهي سخت نقصان پهچايو آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز سيانجر جو شهر هو، جنهن جي گهرائي 75 ڪلوميٽر هئي. ڊزاسٽر ايجنسي جي سربراهه سهريانٽو چيو آهي ته زلزلي سبب هڪ هزار ماڻهو زخمي، 58 هزار بي گهر ۽ 22 هزار گهر متاثر ٿيا آهن.