آءِ ايس پي آر آرمي چيف جي مقرري جي سمري جي ايڇ ڪيو موڪلي ڇڏي آهي
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري لاءِ 6 سينيئر جنرلن جي نالن تي ٻڌل سمري موڪلي وئي آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جي ايڇ ڪيو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي (سي جي سي ايس سي) ۽ چيف آف آرمي اسٽاف (سي او ايس) جي چونڊ لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 6 سينيئر ليفٽيننٽ جنرلن جي نالن تي ٻڌل سمري بچاءَ واري وزارت کي موڪلي وئي آهي.

