انگلينڊ پهريون دفعو ڪرڪيٽ جو ورلڊ چئمپين بڻجي ويو
لارڊز جي تاريخي ميدان ۾ کيڏجندڙ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ نئين تاريخ لکي وئي آهي. عالمي ڪپ جي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو اهم ميچ برابر رهيو، جنهن بعد ميچ ۾ فاتح لاءِ سپر اوور ڏنو ويو جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن 15، 15 رنسون ٺاهيون ان بعد وڌيڪ بائونڊريون هڻندڙ ٽيم انگلينڊ کي فاتح قرار ڏنو ويو. ڪالهه وارو فائنل جو مقابلو انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو. نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ ڪندي 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 241 رنسون ٺاهيون جنهن بعد انگلينڊ به 50 اوورن ۾ 241 رنسون ٺاهيون جنهن بعد ٻنهي ٽيمن کي سپر اوور مليو، ان سپر اوور ۾ به ٻنهي ٽيمن 15، 15 رنسون ٺاهي هڪ ڀيرو ٻيهر مقابلي کي ٽاءِ ڪري ڇڏيو جنهن بعد ٻنهي ٽيمن پاران ميچ ۾ هنيل بائونڊرين جي حساب سان ميچ فاتح ٽيم جو اعلان ڪيو ويو. هن فائنل ميچ ۾ فاتح ٽيم کي 40 لک ڊالر ۽ هارائيندڙ ٽيم کي 20 لک ڊالرن جو انعام ملندو.

