خاصنئون

دل جي ڌڙڪڻ سان انسان جي سڃاڻپ ڪندڙ مشين تيار

آمريڪا جي دفاعي اداري “ناسا جيٽ سن” نالي هڪ اهڙي ليزر مشين تيار ڪئي آهي جيڪا انسان جي دل جي ڌڙڪڻ جي ذريعي ان جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿي، هن عمل کي مڪمل طور تي ڪامياب ٻڌايو پيو وڃي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ليزر جي مدد سان 200 ميٽر پري دهشتگردن جي شناخت ڪرڻ ممڪن بڻجي ويو آهي هن مشين جي خاص ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن سامهون موجود شخص ٿلهي جيڪٽ به پاتي هوندي ته ان صورت ۾ به ان جي دل جون ڌڙڪنون محسوس ڪري ان جي شناخت ڪري سگهبي. واضح رهي ته هن مشين ۾ اها ئي ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي جيڪا ڪجهه سال اڳ تائين ونڊ ٽربائين جي سنڀال لاءِ استعمال ٿيندي هئي. هاڻي جيٽ سن ۾ ان کي اڃان به وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. هن وقت اها مشين ڪنهن به انسان جي شناخت 30 سيڪنڊن ۾ ڪري ٿي پر سائنسدان ان جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻي ان جي شناخت جي وقت کي 5 سيڪنڊن تائين آڻڻ چاهين ٿا جنهن بعد  ان کي آمريڪا جي فوج جي حوالي ڪيو ويندو.