چار هزار جج 19 لک ڪيس نٿا اڪلائي سگهن: سپريم ڪورٽ

چار هزار جج 19 لک ڪيس نٿا اڪلائي سگهن: سپريم ڪورٽ ملڪ اندر هر 62000 ماڻهن لاءِ هڪ جج آهي سپريم ڪورٽ پاران شروع ڪيل عدالت اصلاحات تحت ڳالهائيندي جسٽس آصف سعيد چيو آهي ته ملڪ اندر ڪورٽن ۾ هلندڙ 19 لک ڪيسن کي چار هزار جج نٿا اڪلائي سگهن. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ جا سڀئي جج ڏينهن ۾ 36 ڪلاڪ به ڪم ڪن تڏهن به چار هزار جج 19 لک ڪيس نٿا اڪلائي سگهن. ۽ جڏهن به اسان حڪومت کي چيو آهي ته اها ججن جو تعداد وڌائي ته هن اهو ئي جواب ڏنو آهي ته اسان وٽ فنڊ ڪونه آهن. جسٽس آصف سعيد اهو به چيو ته ملڪ اندر پوليس ٿاڻن تي هڪ ايل ايل بي يا ايل ايل ايم پاس ۽ پنجن سالن جو تجربو رکندڙ شخص کي ايس ايڇ او مقرر ڪرڻ گهرجي جنهن جو به 17 گريڊ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ 62 هزار ماڻهن جي لاءِ صرف هڪ جج مقرر ڪيل آهي. صرف پنجاب ۾ هر جج وٽ 660 ڪيس آهن جنهن کي هو ڏسي رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published.