بلاگ

ڪلاسيڪل ڪردار  مير علي بخش خان ٽالپر

خالد پرويز

ڪوٽ  غلام  محمد  کان  ايندي  ۽ مير  جي  لانڍي  کان ويندي  ريلوي  ڦاٽڪ  کان  اترئين  طرف  جمڙائو  جي  موري ٽپي،  کٻڙلو  وارو   رستو   وٺبو   ته  ٿورو  اڳيان    هلي، ڪولهين ڀيلن جي ڳوٺ  ڀرسان هڪڙي  لانڍي     ٺھيل  هوندي ھئي ۽  ڪچو  اسڪول  هوندو  ھو. ٻڪرين  جو  واڙو     ڍڳيون،  گابا، ٻه ٽي گهوڙا بيٺل  نظر ايندا. انهي ڳوٺ  کي سڏبو  آهي” امام واه” جيڪو  مرحوم مير علي بخش خان ٽالپر  جي  ڏاڏي  مير امام بخش ٽالپر  جي  نالي  تي جوڙيل  آھي.مير علي بخش خان  ٽالپر اسان جي تر  جو  غير  معمولي ڪردار  رهيو  آھي. منهنجي گذريل ٽن ڏهاڪن کان اھا پختي راء رهي آهي ته، سنڌ جي لاڙ واري پاسي جيڪڏهن فاضل راهو  ۽ مير علي بخش ٽالپر  بي  وقتائتا  ھي  جهان نه ڇڏين  ھا  ته  سنڌ  جي  سياست  جا  رخ  ئي  تبديل ٿيل هجن ھا.مير علي بخش ٽالپر  سنڌ  جو  يگانو   ۽  کاھوڙي  ڪردار رهيو  آھي. مير علي بخش ٽالپر ، ڊي جي ڪاليج  ڪراچي مان  گريجويشن  ڪئي،  هو  علم، فڪر، ۽  جهموري  مزاج رکندڙ  وطن  پرست  ۽   انقلابي  شخص رهيو  آھي. سنڌي عوامي تحريڪ کي  اھو اعزاز رھيو  آھي  ته ، مير علي بخش ٽالپر سنڌي عوامي تحريڪ جو پهريون صدر رهيو آهي، رسول بخش پليجي ۽   فاضل راهو  سان  سندس  جوڙ  هوندو  هو. رسول بخش پليجو  ڪيترا ڀيرا فخر سان اھو اعتراف ڪندو  رهيو آهي  ته مونکي فخر آھي ته مون  سنڌي عوامي تحريڪ  ۾   مير علي بخش خان ٽالپر جي  دور صدارت ۾  سندس  ڪارڪن  طور تنظيم  ۾ ڪم ڪيو آهي.نعپ  ۾  وري  عبدالولي، عطاالله مينگل  سان سياسي وابستگيون ۽  بلوچ اڳواڻن سان سندس لاڳاپا جهموري    ۽ انقلابي مزاج  جون  شاھد  آهن.پاڪستان جي ،  رئيساڻي  ۽   جاگيرداري  نظام  ۾ ، علي  بخش خان  ٽالپر جو  هڪ  اھڙي  خاندان  سان تعلق  آهي،  جنهن  جي  وڏڙن انگريز  سرڪار  سان مهاڏا اٽڪايا. سندس   خاندان جو تعلق حڪمران گهراڻي مير شير محمد خان ٽالپر ،جيڪو “شير سنڌ “جي  نالي سان سڃاتو وڃي ٿو انهي سان آھي.  مير علي بخش ٽالپر” شير سنڌ “مير شير محمد خان ٽالپر  جا پڙ پوٽا ۽ مير  الهداد  خان ٽالپر جا  فرزند آهن.1843  ۾ انگريزن  خلاف  مياڻي ۾    انگريزن  سان جنگ  وڙھندي ،مير شير محمد  ٽالپر  ۽ ھوش محمد شيدي  جنهن  بي جگري  سان  جنگ وڙهيا  ته جنگ هارائڻ   باوجود  انگريز  سندس  بهادري جا قائل ٿي ويا،انهي   جنگ  ۾  ھوش محمد  شيدي  شهيد  ٿي ويو.سندس شھادت بعد  انگريزن کيس  پوري فوجي اعزار سان حيدرآباد جي  قلعي ۾   تدفين  ڪرائي.مير شير محمد  خان  ٽالپر  جا  پونئيرن  ( ڪوٽ ميرس ) مير  جي     لانڍي، ميرپورخاص  ۾   مير شير محمد ٽالپور  ڳوٺ   ۽   ڪنري  ۾  مور جهنگو  ۾ مير امان الله ٽالپر ،مير مظهر ٽالپر جن آباد  آهن.

انهي سموري ٽالپر  برادري جنهن ۾ مير منور خان ٽالپر پ پ طرفان هاڻوڪو ايم اين آهي. مير لطف الله ٽالپر،۽ مير مهر الله خان ٽالپر جن آهن.جن ڪڏهن  به  پنهنجي  خانداني  سھپ،  رواداري، ۽ پنهنجي  روايتي  خانداني  اشرافت  کي  ھٿان  وڃڻ  ڪون ڏنو  آھي. جي انهن  تي لکبو  ته  پوء  اھي  قصا ڊگها  ٿي ويندا،  انهي  ڪري  اڄ  جنهن   ڪردار جو ذڪر   ٿا ڪريون  سو  آھي مير علي  بخش خان  ٽالپر.

مير  علي  بخش  خان  ٽالپر   توڻي  سنڌ  تي حاڪميت ڪندڙ  خاندان  مان  هو  پر  سندس  طبيعت  ۾  فقيري ھئي.هو  انهي  وقت  به  اهي  سڀ. آسائيشون  حاصل  ڪري پئي  سگهيو  جيڪي اسان  جي  وڏيرڪي  سسٽم  ۾ سندس  ڪلاس  کي  ميسر  آھن، پر  مير  علي  بخش خان  ٽالپر  ته  انهي  وقت  به  امام  واه  ۾  ٺھيل  لانڍي ھيٺان پٽ تي  چادر  وڇائي  ڳوٺ  جي  ۽ آسي  پاسي  جي  ڪولهين  ڀيلن  ھارين  نارين ۽  غريبن  سان پيو  ڪچهريون  ڪندو  هو.اهو نه رڳو سندس عوامي مزاج  هو  پر  سندس  اقليتن لاء  ۽  غربت  ۾  پيڙهيل  طبقي  لاء  محبت  ھئي، جنهن  سندس  شخصيت  کي  عوامي  بڻائي  ڇڏيو هو. وليز جيپ  تي  مير  صاحب  سان  گڏ  ڪمي  ڪاسبي  ڪولهي ڀيل  ويٺا  آهن .ٻنيون  ٻارا  پيا  گهمجن. جتي  بک  لڳي  اتي ڪنهن  ٻٻر  جي  ڇانوء  ھيٺ  ويهي  انهن  سان  گڏ  ماني کائي  ڇڏبي  ھئي.

مون  کي  هن  وڏيرڪي  سسٽم  ۾   اڄ  اهڙو  ماڻهو  ڪون  سجهي  جيڪو  اميري  جي  بلندين  تي  هوندي فقيري واري  بادشاهي  قبولي.  ڊائينگ  ٽيبلن  جيون  ست رڇيون  ڇڏي،  ڪولهين  ڀيلن  ميگهواڙن، ۽  انتهائي غريب  ۽ سماج  جي   ڏتڙيل  ماڻهن  سان  ٻٻرن  هيٺيان  ويهي   ماني کائي  ڇڏجي.اهي هئا سندس ،پرولتاريا رويا، هو مارڪسسٽ  ۽ ليفٽسٽ  هو. ۽  انهي  سان  گڏ هو،  سماجي  علم  جو  ماھر هو. ايئن  کڻي  چئجي  ته  هو  سڀني  خوبين  سان  گڏ انٿروپالاجسٽ  به  هو.منهنجي  يادگيري  ۽ ننڍپڻ  ۾ ساڻس  پهرئين  ڏيٺ ويٺ ،اسان  جي  تر  مين  لڳندڙ  ميلي ” رام جاڳو”  ۾   ٿي.

منهنجا ماما سڄي عمر پورھيت رهيا.شادين مرادين ۾ تڏهن ٺڪر جي ٿانون جو ڪارج گهڻو هو.ڪنڀار ان وقت راڄ ڀاڳ جي ضرورت هوندا هئا،ڏياريء جي ڏينهن ۾ هندو ڀائر ڏيئا ٺهرائيندا ھئا.ڪاڄن ۾ ڪاڄ ڌڻي نه رڳو ڪاڄ جي ضرورت جا ٿانو  ٿپا ٺھرائيندا هئا.پر ڪاڄ پوري ٿيڻ کان پوء ڪنڀار کي خوشي سان ٻڪري، ڇيلو،   وڇ يا پاڏيء ڏيندا ھئا.۽ دعائن جي طلب به ڪندا ھئا.قصو ڪوتاه “رام جاڳي” جو ميلو ايندو هو ته ماما وارا ميلي جي نسبت سان مٽ دلا،پاڻي جون گگهيون، مٽي جون ناديون ،مٽي جا  گلاس ،مٽي جا پيالا ٺاهي رکندا ھئا. جيئن اهي ميلي ۾  وڪرو ڪري چار ڏوڪڙ ڪمائجن . ميلي ۾  ٿانوء رکي کپائبا هئا.۽ ڪجھ ڏوڪڙ ڪمائي وٺبا ھئا.مونکي وري مددگار طور گڏ کڻندا هئا.اهڙي ئي ڪنهن ميلي ۾ هڪڙو همراه اجرڪ جو ٻروچڪو پٽڪو ٻڌل،ڄاڻي ھيٺيان ڍري ٻٽ ٻڌل جنهن ۾ سندس چهرو ظاھر هو ،ننڍڙو لڪڻ  هٿ ۾ کڻي اچي ٿانون واري اسٽال تي بيٺو.ماما الھ وسايو ايئن ماما عبدالروف نيازمندي مان ھٿ ادب جا ٻڌي اٿي بيهي رهيا.ويهو ويهو بابا ويهو ،مير صاحب چيو  پر ماما جن ادب ۾ بيٺا رهيا.هڪڙي پاڻي واري گگهي کڻي پڇائين،بابا ٻيا ڪهڙا ڪھڙا ٿانوء ٺاهيو؟ سائين بس اھي ئي آهن ،ڪجھ ٻيا به  آهن؟سائين ميلي جو منهن آھي غريب غربو وٺي ٿو سو عام ٿانوء کڻيو اچون.ڀلا ڪي سٺيو گگهيون اٿئو ٻيون؟ سائين ڳوٺ رکيل آهن اوهان کي ڳوٺ پهچائي ڏبيون . تيسيتاء مير علي بخش خان جي  نظر مونتي پئي.آء به هيسيل ٻهراڙي جو ٻار نماڻيون اکيون کڻيو کيس تڪيندو رهيس.هي ڇوڪرو ڪير آھي؟ سائين ڀاڻيجو آهي منهنجو. پوء جي هن کي ڳوٺ وٺي وڃان ته مونکي گگهيون ۽  پيالا ڏيکاريندو. مير صاحب پڇيو. ها سائين  ھا ،ابا هي نواب مير علي بخش خان ٽالپر اٿئي.ساڻس گڏجي وڃ کيس گهرن ۾  پيل ٿانوء ڏيکار. سائين آء ويٺس مير صاحب جي گاڏي ۾ ،اسان جو ڳوٺ ٻه ٽي ڪوه کن پري هو.رستا ڪچا ،گاڏي ۾ چڙهڻ جو شوق، وليز جيپ زوڪاٽ ڪندي اچي ڳوٺ پهتي.

ڪنڊيء جي وڻ هيٺيان گاڏي جو بيٺي، ته سڀ ڳوٺ وارا پيا پڇا ڪن ،ڪنڀارن جي گهر جي ڀرسان جيپ بيٺي آھي الائي ڪير آهي.تيستاء منهنجو ڪو ماروٽ،پفاٽ کٽ به کڻي آيو.ڪو وري پاڻي جو جڳ ڀري آيو. مير علي بخش ٿانوء  ٿپا ڏٺا ۽ ورتا پيسا ڏنائين.مون کان پڇيائين پٽ ڇا ڪندو آهين؟سائين پڙهندو آهيان.ڪهڙي درجي ۾؟ سائين نائين درجي ۾ .ان وقت مون سندس چهري جي چمڪ ۽ اکين جي جوت کي پنهنجي اندر ۾ روشني وانگر محسوس ڪيو.پٽ شاباش همت ڪري پڙهجئين، بابا ڇا ڪندو آھي،سائين ماستر آهي.ھن کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ بنا ڪجھ ڏسڻ جي منهجي ھٿ تي هٿ رکيو .پنج روپيا جڏهن منهنجي ھٿ ۾  آيا، ته انهي کان  پوء مون پوري زندگي ۾  اھڙي وڏي سخا ڪنهنجي نه ڏٺي ۽ نه ئي انهن  پنجن رپين جي  وڏي ۽ خطير رقم مون کي  ملي سگهي. توڻي جو  زندگي ۾  لکين روپيا آيا ويا پر انهن  پنجن روپين جو ملھ بڻجي نه سگهيا. مير علي بخش  ٽالپر اسان جي تر ۾ حاجي شاه محمد شر ،حاجي رمضان ڪالرو وٽ ايندو هو ته بابا سائين کي به گهرائي وٺندا ھئا.” استاد  ! مير علي بخش  ٽالپر کي توهان منهن ڏيو  ،مير صاحب ڪندو آ رڳو ڪتابن ۽ انقلابن جيون  ڳالهيون. چاچو شاه محمد شر بابا کي کلندي چوندو هو.بابا سائين علم ادب فلسفي جو ۽  سائنسي سوچ رکندڙ ،مير صاحب تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽  بابا سائين جو  وڏو قدر ڪندو هو.ايوب خان جي آخري دور ۾ جڏهن ذالفقار علي ڀٽو ميرپور خاص آيو ته مير علي بخش ٽالپر سان ملاقات ڪيائين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ٿرپارڪر  جي صدارت سندس حوالي  ڪيائين.1970 ۾ مير علي  بخش ٽالپر پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ٿرپارڪر مان  قومي اسيمبلي جي ميمبر تحت اليڪشن وڙهيو،۽  خان بهادر غلام محمد وساڻ کي شڪست  ڏنائين. پاڻ  پاڪستان پيپلز پارٽي جو پارليامينٽري سيڪريٽري به رهيو.ذالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جي آخري دور ۾ نعپ جي ورڪرن ،عبدلولي خان ،عطالله مينگل ۽ بزنجو خلاف بغاوت جا ڪيس داخل ٿيا ته مير علي بخش ٽالپر جا ڀٽي صاحب سان شديد اختلاف ٿيا.

  پيپلز پارٽي تان استعفي ڏيڻ کان پوء ،نعپ ۾ شامل ٿيو ته ڀٽو صاحب سخت  ناراض ٿي پيو ۽  کيس  جيل اماڻي ڇڏيائين .جتي ارڙهن مهينن جي اسيري ۾ سخت ٽارچر جو شڪار رهيو.پوء اهو ڪيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ چالان ٿيو.جنرل ضياء جڏهن جهموري حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو ته حيدرآباد سازش ڪيس جي سمورن قيدن کي آزاد ڪيو ويو.پر انهن قيد جي ڏينهن دوران مرحوم علي بخش ٽالپر تي جيڪو ذھني تشدد ٿيو،انهي کيس سخت متاثر ڪيو.مونکي ياد آھي ته مير صاحب جي ڪچهري هلندي ڪجھ سيڪنڊن لاء اک لڳي ويندي ھئي.جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوء ضياء کي سنڌ مان ڪجھ سياستدانن جي ضرورت پئي ته ڪجھ مشير  وزير کڻي حڪومت ٺاھجي.ضياء جو  ايلچي پيغام کڻي مير صاحب وٽ پهتو ۽  کيس ضياء جو پيغام پهچايو ته ضياء کيس سنڌ جو گورنر ٺاھڻ ٿو چاهي .مير علي بخش جواب ڏنو  ته ضياء کي چئجان ته ڀٽي صاحب جي وقت ۾ مون جيل انهي لاء ڪون ڪاٽيا ھئا.ته آء ڪنهن ڊڪٽيٽر يا مارشلا جي حمايت ڪري گورنري وٺان.آء جهموريت پسند آهيان ،آء مارشلا ۾    گورنر ٿيڻ بجاء عوام ۾  رهڻ کي ترجيح ڏيندس.

سندس سڀ  پوئنير سدائين خوش ۽ آباد ھجن.انهن کي عرض آهي مير علي بخش سنڌ جو ھڪ وڏو جهموري فڪري علمي ۽ انقلابي ڪردار آھي.سال ۾  ھڪ ڀيرو سندس ورسي ملهائي سندس جهموريت پسند سوچ جو اعتراف ڪري کيس ڀيٽا ته ڏني وڃي.مير علي بخش  توهان جتي به آرامي ھجو مون کي توهان ياد آهيو” رام جاڳي “جي ميلي ۾ مليل مير علي بخش خان ٽالپر مونکي اڄ به ياد آھي.جنهن پنهنجي  کيسي ۾ ھٿ وجهي بنا ڏسڻ جي مونکي پنج روپيا خرچي طور ڏنا هئا. مونکي تنهنجي  سخا ۽  تنهجا خرچي طور ڏنل  پنج رپيا جن  کي  مون اڄ به پنهنجي اندر ۾  سنڀالي رکيو  آهي.

 

خالد پرويز

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي  ۾  ليفٽ جي  شاگرد  سياست  ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر  به  رهيو  آهي، سنڌي  ڪالمن  کانسواءِ اردو  جا بلاگ  پڻ  لکندو  آھي. سندس  لکڻ جو  محور، اقليتون، عورتون  ۽ ٻار  آهن. پاڻ  حيدرآباد ۾  رهندا آهن.