ايڊيٽوريل

ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ٽيڪس جي واڌ جي تجويز

آءِ ايم ايف ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ڪيش جي ڏيتي ليتي ۾ ٽيڪس ۾ اضافو تجويز ڪيو آهي. انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ اصل ۾ اهو چاهي ٿو ته ملڪ ۾ ٽيڪس جي وصولي وڌي ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ڏيتي ليتي تي اضافي ٽيڪس لڳائي اهڙن ماڻهن جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي. جيڪو به ڪاروبار ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ٿئي اهي فائلر ڪن. نان فائلر جيڪي روڪڙ سان ڏيتي ليتي ڪن ٿا انهن تي وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ جو نظام هجڻ گهرجي. پاڪستان ۾ جيئن ته ٽيڪس گهٽ جمع ٿئي ٿو. ملڪ جو گهڻو ڪري ڪاروبار غير دستاويزي آهي. وزارت خزانه ۽ عالمي مالياتي ادارا اهو چاهين ٿا ته هتي ٽيڪس جي وصولي جو اعليٰ نظام هجي جيئن ملڪ جو مالياتي ڪار وهنوار سولائي سان هلي سگهي. ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ خريداري کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ وارو معاملو تازو بحث هيٺ آيو آهي.
اڄڪلهه آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان جي وزارت خزانه جي نمائندن سان نئين پئڪيج تي ڳالهيون ٻولهيون ڪري رهيو آهي. پاڪستان کي جيڪڏهن نئون بيل آئوٽ پئڪيج ملي ويو ته اهو آءِ ايم ايف جي طرفان پاڪستان لاءِ 24 هون پروگرام هوندو. معاشي مبصرن جي مطابق نئون پروگرام 6 ارب ڊالر جو هوندو جيڪو ايندڙ ٽن سالن لاءِ ملڪ کي گهربل آهي. اسان کي عالمي مالياتي ادارن کان مالياتي پروگرامن جي ان ڪري گهرج پوي ٿي جو اسان جي معيشت جو وڏو مسئلو خرچ وڌيڪ ۽ آمدني گهٽ آهي، انهيءَ ڪري اسان جي سالياني مالياتي بجيٽ ۽ ٻيا پروگرام هميشه خساري جي اثر هيٺ رهيا آهن. ٽيڪس جي وصولي جيڪڏهن هر سيڪٽر ۾ انصاف ڀري هوندي ته اسان جو مالياتي خسارو گهٽ ٿيندو. ان خساري کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪومت قومي بينڪن مان ۽ ضرورت پوڻ تي بين الاقوامي مالياتي ادارن کان قرض وٺي ٿي. صورتحال ايتري قدر ڏکي آهي جو اسان کي پوئين قرض ادا ڪرڻ لاءِ نئون قرض وٺڻو پوي ٿو. ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ جتي خرچ کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي اتي آمدني کي وڌائڻ بنا ڪم نٿو هلي سگهي ۽ ان لاءِ موقعا به موجود آهن. اسان جو ملڪ جيئن ته بنيادي طرح زرعي ملڪ آهي انهيءَ ڪري زرعي اپت ۾ واڌ ملڪ جي بنيادي ضرورت آهي. صنعت جي شعبي ۾ به ترقي وڌندي ته اسان جو مالياتي خسارو گهٽجي ويندو. ملڪ جي سموري ڪاروبار کي جيڪڏهن اسين ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي وياسين ته اسان کي اڳتي هلي عالمي مالياتي ادارن کان قرض وٺڻ جي ضرورت نه رهندي.
جيئن ته اسان مٿي زرعي ترقي جي ڳالهه ڪئي آهي. زراعت اسان جي جي ڊي پي (GDP) جو 20 سيڪڙو آهي انهيءَ ۾ ٽيڪس جي وصولي جي شرح سڀني کان گهٽ آهي. زراعت سان گڏ صنعت، ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين شعبن ۾ ٽيڪس جي وصولي بهتر ٿيڻ ضروري آهي. ريئل اسٽيٽ جيئن ته اسان وٽ سيڙپ جو وڏو شعبو آهي. جائيداد ۾ سيڙپ نه صرف ملڪ جو ماڻهو ڪري ٿو، پر ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني به جائيداد ۾ سيڙپ ڪري ٿو. جتي ڪٿي اسين اهو ڏسون ٿا ته اسان جي سماج ۾ ماڻهو شارٽ ڪٽ ڳولهين ٿا. ايئن جائيداد جي سيڙپ ۾ به سيڙپڪار به ڪوشش ڪن ٿا ته اهي سيڙپ به ڪن، منافعو به ڪمائين، پر ٽيڪس نه ڏين. ان ڪري اهي جائيداد جي خريداري روڪڙ ۾ ڪن ٿا ته جيئن اهي پاڪستان ۾ ٽيڪس جي نظام ۾ نظر نه اچن. تڏهن ته اهو ٿيو آهي ته ملڪ جي خزاني واري وزارت جي نمائندن ۽ آءِ ايم ايف جي ٽيم جي وچ ۾ ٻين شعبن سان گڏ جائيداد جي خريداري ۽ سيڙپ به بحث هيٺ آئي آهي. جائيداد جي خريداري ۾ ٽيڪس جي وصولي ۾ حڪومت جون ڪوششون ڪامياب ٿيڻ گهرجن. ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ڏيتي ليتي جو وڏو مرڪز آهي، لازمي آهي ته انهيءَ کي مناسب ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي.