بلاگخاصنئون

تعليم جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا

هن ڳالهه تي سمورا پاڪستاني متفق ٿي سگهن ٿا ته بيشڪ ملڪ جو تعليمي نظام ڏيوالپڻي جو شڪار آھي. حالانڪه اها صورتحال ته شروع کان ئي جيئن جو تيئن رهي آھي، پر هن وقت واريون حالتون نهايت ئي خطرناڪ ڏيک ڏين ٿيون. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهو ممڪن آھي ته پاڪستان ۾ ھڪ تعليمي انقلاب آڻي سگهبو؟ يعني اهڙو انقلاب جنهن ۾ ھرهڪ ٻار کي اهڙي تعليمي زيور سان سينگاريو وڃي جيڪو هن وقت مٿين طبقن سان لاڳاپيل ٻارڙن کي حاصل آھي. ڇا ان قسم جو انقلاب ٻن ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ آڻڻ ممڪن ٿيندو؟ مون کي ته ائين لڳي ٿو ته تعليمي دنيا ۾ اسان ايترا ته پوئتي رهجي ويا آھيون ته وڌيڪ وقت وڃائڻ جي ضرورت ناهي. ڇا اهو ممڪن آھي ته تعليمي انقلاب انهن مالي حالتن ۾ آڻڻ ممڪن آھي، جيڪي هن وقت ملڪ کي چئني پاسن کان وڻ ويڙھي جيان گهيريون پيون آھن؟ ظاهر ۾ ته اهو ممڪن ڏيک نه پيو ڏئي، پر هن مضمون جي وسيلي اهو چٽو ڪرڻو آھي ته ائين يقيني طور تي ممڪن آھي، پر شرط ته ملڪ ۽ معاشرو ان جي لاءِ تيار هجن.
جيئن ته مون اڳ ۾ به بيان ڪيو هو ته اسلامي دنيا ۾ تعليمي مسئلن جون پاڙون نهايت ئي گهريون آھن ۽ انهن جو حل تلاش ڪرڻ جي لاءِ تعليمي بنيادن کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ انهن مسئلن جو حل تلاش ڪرڻو پوندو، جن جي بدولت اسلامي دنيا گذريل ڪيترين ئي صدين کان علمي ميدان ۾ پنهنجو حصو وجهڻ ۾ ناڪام رهي آھي، جنهن جو تفصيل سان بعد ۾ ذڪر ڪيو ويندو. هتي منهنجو زور انهن حالتن تي هوندو، جيڪي ملڪي وسيلن جي بنياد تي ممڪن آھي ۽ جن کان اسان جي ۽ ترقي يافته ملڪن جي وچ ۾ فرق جي چٽي تبديلي ڪري سگهجي. انهن جو محور انفارميشن ٽيڪنالاجي جو انقلاب آھي جيڪو اسان جي زندگي ۾ پيدا ٿيڻ وارو سڀ کان اهم واقعو آھي يعني اهو انقلاب اسان جي اکين جي سامهون ڏسندي ڏسندي چٽو ٿيو. انٽرنيٽ سان منهنجو پهريون تعارف 1992ع ۾ منهنجي هڪ ساٿي طبيعات دان جي معرفت ٿيو، جيڪو پولينڊ جو رهواسي هو ۽ جنهن سان آمريڪا ۾ ملاقات ٿي (هڪ ماهر جو چوڻ) هن مون کي پهريون ڀيرو ڏيکاريو ته اهڙي ريت هڪ بٽڻ دٻائڻ سان هڪ مڪمل تحقيقي مطالعو بجلي جيان اک ڇنڀ کان اڳ آمريڪا کان پولينڊ پهچي ويو ۽ ان پل ملڻ واري خوشي مون کي اڃان تائين ياد آھي. ان جي ٻن ٽن سالن کانپوءِ اسان ڏٺو ته ڪمپيوٽر معلومات جي ميسري تيز ترين رابطا ڪرڻ، معلومات جي مٽاسٽا ڪرڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جو سڀ کان خاص وسيلو بنجڻ لڳو. ڪمپيوٽر علم جي حاصلات ۾ ھڪ قسم جي جمهوريت به قائم ڪري ڇڏي. هينئر ڪوبه انسان ڪٿي به وڃي انٽرنيٽ کان اها سموري معلومات حاصل ڪري پئي سگهيو، جيڪا دنيا ۾ ڪنهن ٻئي کي ميسر هئي. اهو هڪ اتساهه ڏيندڙ احساس هو، نيٺ ڪٿي ته جمهوريت اصل معنيٰ ۾ نظر آئي.
ٽين دنيا جو هڪ پوئتي پيل ٻھراڙي وارو، جنهن جي انٽرنيٽ تائين پهچ هجي، هو انٽرنيٽ جي وسيلي اٽڪل اهائي معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪا ڪنهن ترقي يافته ملڪ جو رهواسي هڪ اعليٰ يونيورسٽي ۾ ويهي حاصل ڪري سگهي ٿو. اها هڪ انساني خواب جي تعبير به هئي ۽ ھڪ سائنسي معاشري جي قيام جي اميد به. هينئر پاڪستان جهڙي ٽين دنيا جي رهواسي جي هر قسم جي معلومات جي پهچ جي وسيلي جي حوالي کان شڪايتن جي سبب جو خاتمو ٿي ويو. هينئر انٽرنيٽ زندگي جي گهٽ وڌ سمورن شعبن ۾ پنهنجي افاديت ثابت ڪرڻ لڳو آھي. هو ڪاروباري شخص سان گڏ سڌو سنئون ڪاروبار ڪري سگهي ٿو. ساڳئيءَ ريت پاڪستان ۾ ويٺل هڪ شاگرد جي لاءِ اهي مواقعا پيدا ٿي ويا آھن ته هو دنيا جي اعليٰ ترين درسگاهن ۾ ڏنل ليڪچرز نه صرف ڏسي سگهي ٿو، بلڪه آن لائين ڪورسن مان فائدو به وٺي سگهي ٿو. نه فقط اهو بلڪه هينئر اسان پنهنجي سوچ ۽ خيال دنيا جي هر حصي ۾ وڌيڪ سولائي سان موڪلي سگهون ٿا. ان حيرت انگيز دريافت کان اهڙا امڪان پيدا ٿي ويا ۽ اميد ڪئي پئي وئي ته پهرين دنيا جي جديد معاشرن ۽ ٽين دنيا جي پوئتي پيل معاشرن جي وچ ۾ علمي وٿي تمام گهٽ وقت ۾ ڀرجي ويندي ۽ اها اميد به پيدا ٿي ته انسانن جي وچ ۾ رابطا تيز ۽ سولا ٿيڻ سان مختلف ملڪن، مذھبن ۽ تهذيبن سان تعلق رکڻ وارن فردن جي وچ ۾ هڪ لاڳاپو ممڪن ٿيندو، جنهن سان گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري جو ماحول قائم ٿيندو ۽ سمورا مسئلا پرامن ڳالهه ٻولهه وسيلي طئي ٿيندا. بين الاقوامي سرحدن جي حيثيت هڪ نشاني طور هوندي ۽ اهي لڪيرون اسان جي محبت ۽ ھڪٻئي کي سمجهڻ جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻبيون، پر نهايت افسوس جي ڳالهه اها آھي ته ائين نه ٿي سگهيو بلڪه حالتون بدتر کان بدتر ٿي ويون. علم گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌنڌو ويو. هڪ نسل گذري وڃڻ جي باوجود تعليم جو نظام اونڌي منهن ڪري چڪو آھي. مذھبي ۽ فرقيوراڻو تعصب پنهنجي اوج تي آھي. معاشي اڻبرابري وارو ريشو وڌي رهيو آھي ۽ اسان جو تعليمي نظام اهم موقعا وڃائي ڇڏڻ سبب ناڪامين جي هڪ داستان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي رهيو. معلومات جا وسيلا محدود، عام ۽ تيز ٿيڻ جي باوجود تعليم جو وڌي وڃڻ هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه آھي، جنهن تي الڳ تحقيق ۽ تجزيي جي ضرورت آھي، جيڪو اڄ جو سڀ کان ضروري ۽ اهم سوال آھي، جنهن جي اهميت کان ڪافي ماڻھو واقف ناهن. هن مضمون ۾ آئون ڪجهه اهڙين رٿن جي ڳالهه ڪندس جنهن تي عمل ڪرڻ سان پاڪستاني نوجوان محدود وسيلن سان گڏ بهترين تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا، پر ان کان اڳ ته آئون اهي رٿون پيش ڪريان، مناسب ٿيندو ته پهرين پاڪستان ۾ تعليمي نظام تي روشني وڌي وڃي.
سڀ کان پهريون مسئلو پاڪستان ۾ تعليمي سهولتن جو فقدان آھي. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ايتري کوٽ آھي ته اسڪول ۽ شاگردن جو انگ نهايت ئي گهٽ آھي. ان ڪري سڀ کان ضروري ۽ اهم ڪم ته اهو آھي ته پهرين ته وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليج کوليا وڃن، جتي گهٽ ۾ گهٽ پهرين جماعت کان ميٽرڪ تائين تعليم مفت ۽ لازمي هجي، پر ان جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل آھن، جن جو حڪومت پورائو نٿي ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته حڪومت پنهنجين عياشن تي خرچ ڪري يا تعليم تي خرچ ڪري.
ٻيو مسئلو استادن جي معيار جو آھي، عمارتن ٺھڻ جي باوجود جيڪڏھن استاد قابل ناهن ته پوءِ به تعليم جو معيار بلند نٿو ڪري سگهجي. هتي هڪ وڏي فيصلي جي ضرورت آھي، پهرين جماعت کان وٺي گريجوئيشن تائين شاگردن کي پڙھائڻ لاءِ تعليم يافته، هنرمند ۽ قابل استادن جي اهم ضرورت آھي.
ٽيون مسئلو تعليمي نصاب جو آھي يعني اسان کي سمورين جماعتن جي لاءِ سمورا مضمون پڙھائڻ لاءِ اعليٰ درجي جو نصاب گهرجي. هن وقت نصابي ڪتاب هر صوبي جي مختلف ٽيڪسٽ بورڊز جي نگراني ۾ لکيا وڃن پيا، اعليٰ معيار جا ناهن. مثال طور: اهي ڪتاب“او-ليول” ۽ “اي- ليول” ۾ پڙھائيندڙ ڪتابن جي ڀيٽ ۾ نهايت ئي گهٽيا آھن. اهو هڪ ٻيو سبب آھيم جنهن کان هڪ عام ماڻھو جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙھڻ واري ۽ اميرن جي مهانگن اسڪولن ۾ پڙھڻ وارن ٻارڙن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آھي ۽ ان کان هڪ معاشرتي فرق به پيدا ٿي چڪو آھي.
ايندڙ سوال ته اسان جي تعليمي پاليسي جا مقصد ڇا هجن؟:
سڀ کان اهم ڳالهه ته اها آھي ٿه تعليم کي هر فرد جو بنيادي حق تسليم ڪيو وڃي. هن وقت پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ناخواندگي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته هر ٻار کي اعليٰ درجي جي تعليم جا برابري وارا موقعا ميسر ڪيا وڃن، ڪنهن به سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي هڪ قومي مقصد جو اعلان ڪيو وڃي ته ستت ئي ستت ٻن ٽن سالن ۾ اهو ٽارگيٽ حاصل ڪيو وڃي. اسان جي تعليمي پاليسي جي منزل اهائي هئڻ کپي ته اهڙا ذھن پيدا ڪريون جيڪي شعور ۽ آزاديءَ سان سوچڻ جي صلاحيت رکندا هجن. اسان جو ايندڙ نسل اهڙن شاگردن تي ٻڌل هجي جيڪو جديد علم سان سرشار هجي. تخليقي صلاحيتن سان منور، فيصلي ڪندڙ ۽ ليڊرشپ جي صلاحيتن کان ٽمٽار ۽ ڪنهن به خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن جي شاگردن جي برابر هجي. هاڻي ايترن وڏن وڏن مقصدن تي ڪم جي شروعات ڪٿان کان ڪئي وڃي؟ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي انقلاب کان ڪيئن فائدو وٺي سگهجي؟ هي ڪجهه رٿون آھن، جن هن تي ٻيا ماڻهو به سوچيندا هوندا. اسان جي تعليمي پاليسي جو بنيادي نقطو اهو هئڻ گهرجي ته اسان ڦيٿن کي ٻيهر ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريون. مثال طور: وچولي درجي جا ڪتاب بار بار لکڻ جي بجاءِ شاگردن کي زبردستي پڙھايا وڃن ٿا. مثلن اميرن جي لاءِ مقرر تعليمي ادارا جتي “او- ليول” ۽ “اي- ليول” جو نصاب نافذ آھي انهن بهترين ڪتاب چونڊي رکيا آھن، جن جو معيار بين الاقوامي آھي. هڪ ڳوٺ ۾ ويٺل هاريءَ جو پٽ ان تعليمي معيار کان محروم ڇو رهي، جيڪو پاليسي ساز جي ٻار کي حاصل آھي. بهترين ڳالهه ته اها آھي ته انهن ڪتابن جا مقامي ٻولين ۾ ترجما ڪيا وڃن، جيڪي هر شاگرد جي پهچ ۾ ھجن. هاڻي رهيو استادن جو مسئلو هتي انفارميشن ٽيڪنالاجي کان فائدو وٺي سگهجي ٿو. سڀ کان پهرين ته اهڙن استادن جي ٽيم کي تيار ڪيو وڃي جيڪي هر سطح تي ۽ پنهنجن پنهنجن مضمونن ۾ ماهر ھجن. مثال طور: پنجين جماعت کي رياضي، ڇهين جماعت کي تاريخ، انٽرميڊيٽ کي فزڪس، گريجوئيشن کي ڪيمسٽري ۽ ماسٽرز جي شاگردن کي معاشيات بجاءِ ان جي ته هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ هر مضمون پڙھائڻ لاءِ الڳ الڳ استاد هجن، انهن استادن جا ليڪچرز (سبق) سموري ملڪ ۾ “انٽرنيٽ جي زوم ٽيڪنالاجي” جي وسيلي ڏيکاريا ۽ ميسر ڪيا وڃن. ٻيو اهو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي ٻين انقلابي طرح جي تسليم ٿيل استادن جي هر سطح تي هر مضمون تي مشتمل آڊيو وڊيو ليڪچرز تيار ڪيا وڃن. ان ۾ دنيا جي بهترين انتظام ڪندڙن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. اهي سبق ليڪچرز خاص ويب سائيٽ تي موجود ڪيا وڃن. سٺن اسڪولن ۾ شايد اهو طريقيڪار شايد ڪارگر ٿئي. ڇاڪاڻ ته اتي ته اڳ ۾ ئي بهترين استاد موجود آھن. اهي رٿون پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ خرچن سان گڏ ھڪ اهڙي انقلاب جو سبب بڻجي سگهن ٿا، جنهن جي وسيلي ڏورانهن علائقن ۾ موجود انهن اسڪولن ۾ سٺي تعليم جو بندوبست ٿي سگهي ٿو، جتي عام طور تي اهو ممڪن ناهي. انهن اسڪولن ۾ ھينئر استاد جو اهو ڪم هوندو ته زوم ٽيڪنالاجي جي وسيلي يا انٽرنيٽ جي وسيلي ليڪچرز جي وقت شاگردن جو ڌيان ليڪچرز ڏانهن ڇڪايو وڃي. اها ته هڪ شروعاتي سوچ آھي ۽ صرف پيش ڪيا ويا آھن، اهم ڳالهه اها آھي ته اهي سموريون رٿون عمل جي قابل آھن. ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته ملڪي سطح تي انهن سوچن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ منصوبي سازي ڪئي وڃي. سڀ کان وڏو چئلينج اهو ٿيندو ته اهڙي منصوبي کي تعليمي پاليسي جو حصو ڪيئن بڻايو وڃي؟ اهڙين غير روايتي ڳالهين جي مختلف ڌرين کان تنقيد هڪ فطري شيءِ آھي، مثال طور: امتحانن جو نظام ڪيئن هجي ان تي سوچ ويچار جي ضرورت آھي. مگر اهم ڳالهه اها آھي ته انهن رٿن تي عمل ڪندي گهٽ خرچ سان گهٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان سينگاري سگهجي ٿو.