خاص

جولاءِ ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پرڏيهي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته معيشيت سان لاڳاپيل وڌيڪ سٺيون خبرون آهن. عمران خان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته اوور سيز پاڪستانين جو پرڏيهي ناڻو جولاءِ ۾ 2 ارب 76 ڪروڙ 80 لک ڊالرز ٿي ويو جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ پرڏيهي ناڻي جي اها سڀ کان وڌيڪ رقم آهي. وزيراعظم وڌيڪ ٻڌايو ته جون 2020 جي مقابلي ۾ پرڏيهي ناڻي ۾ 12.2 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو جولاءِ 2019 جي مقابلي ۾ 36.5 سيڪڙو اضافو آهي. ڌيان ۾ رهي ته يوم آزادي جي موقعي تي به وزيراعظم عمران خان قوم کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو هو ته آئي پي پيز سان معاهدو ٿي ويو آهي، هاڻي بجلي جون قيمتون  هيٺ وينديون.