ايڊيٽوريلنئون

اين ايف سي ايوارڊ جي آباديءَ واري اهڃاڻ ۾ سڌارو آندو وڃي مالي وسيلن جو 82 سيڪڙو آباديءَ جي بنياد تي ورهايو ٿو وڃي: احسن اقبال

رٿابنديءَ جي وفاقي وزير احسن اقبال اين ايف سي ايوارڊ ۾ آباديءَ جي فيڪٽر کي ڳڻتيءَ جوڳو قرار ڏئي ان ۾ سڌارو آڻڻ جي تجويز ڏني آهي، جيڪا انتهائي اهم ۽ وقتائتي آهي. هن وقت صوبن جي وچ ۾ فنڊن جي ورهاست لاءِ ڪجهه خاص اهڃاڻ مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ آبادي سڀ کان وڏو فيڪٽر آهي. جنهن ۾ 82 سيڪڙو آبادي، 10.3 سيڪڙو غربت ۽ پٺتي پيل علائقا، 5 سيڪڙو ٽيڪس جي پيداوار، 2.7 سيڪڙو بلوچستان جهڙن علائقن لاءِ جتي آبادي پري پري تائين پکڙيل آهي. هن فارمولي تحت پنجاب 51.74 سيڪڙو، سنڌ 24.55 سيڪڙو، خيبر پختونخواهه 14.62 سيڪڙو (پلس 1 سيڪڙو دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي ڪري)، بلوچستان 9.09 سيڪڙو اين ايف سي ايوارڊ کڻي رهيا آهن. هن وقت اين ايف سي ايوارڊ ۾ سڀ کان وڏو حصو لڳ ڀڳ 82 سيڪڙو آباديءَ جي بنياد تي ورهايو وڃي ٿو، جيڪو پاڪستان جي صوبن اندر آباديءَ جي واڌ جي لاءِ هڪ وڏو سبب ثابت ٿيو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ آبادي تمام تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جيڪا ملڪي معيشت لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي. 2023ع جي آدمشماري جي انگن اکرن مطابق پاڪستان جي آباديءَ جي واڌ جي شرح 2.55 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي، جيڪا ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ اها شرح 1.0 سيڪڙو 1.2 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي. 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن مطابق پاڪستان جي ڪل آبادي 24 ڪروڙ 14 لک تائين پهچي وئي آهي. هن وقت بلوچستان جي آباديءَ جي واڌ جي شرح 3.20 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي جيڪا سڀ کان وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 2.57 سيڪڙو، پنجاب 2.53 سيڪڙو، خيبر پختونخواهه لڳ ڀڳ 2.38 سيڪڙو آهي. اهو ئي سبب آهي جو احسن اقبال جهڙي پاليسي ساز پنهنجي پريشانيءَ جو اظهار ڪندي آباديءَ واري اهڃاڻ کي اين ايف سي ايوارڊ جي اهڃاڻن مان سڌارو ڪري تبديل ڪرڻ طرف اشارو ڪيو آهي.

ياد رهي ته جڏهن اوڀر پاڪستان (بنگلاديش)، پاڪستان جو حصو هو ته ان وقت وسيلن جي ورڇ مالي معاهدن ذريعي ٿيندي هئي. بنگلاديش (اوڀر پاڪستان) جي آبادي اولهه پاڪستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي. ان ڪري بنگالي اڳواڻن جو مطالبو هو ته ملڪي وسيلن ۽ سياسي نمائندگي جي ورڇ صرف آباديءَ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ايئن ٿئي ها ته بنگلاديش کي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ وسيلا ۽ سيٽون ملن ها، پر ان وقت اولهه پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن خاص طور تي پنجاب مان ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، ڇو ته ان ڳالهه جو ڊپ هو ته آباديءَ جي بنياد تي بنگلاديش هميشه مٿڀرو رهندو. جنهن جي نتيجي ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو. اڄ ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ پنجاب جي آبادي سڀ کان وڌيڪ آهي ته ورڇ جو 82 سيڪڙو بنياد آباديءَ کي بڻايو ويو آهي، جنهن جو سنئون سڌو فائدو پنجاب کي ملي رهيو آهي. ان ڳالهه کي هرگز وسارڻ نه گهرجي ته بنگلاديش آزاديءَ کانپوءِ پنهنجي آباديءَ تي تمام تيزيءَ سان ضابطو آڻي پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪيو آهي.

اهو ئي سبب آهي جو احسن اقبال ان ڳالهه ڏانهن سوچي رهيو آهي ته آباديءَ کي انعام بنائڻ بجاءِ ان جي نقصانن جي طرف ڏسڻ گهرجي. يقينن جيڪڏهن آباديءَ واري اهڃاڻ جي مطابق حصو ملڻ بند ٿي ويو ته پنجاب جو حصو گهٽجي ويندو، پر ٿي سگهي ٿو ته وري ٻيو ڪو اهڃاڻ شامل ڪيو وڃي جيڪو سڄي ملڪ جي لاءِ فائدي جي صورت ۾ ظاهر ٿئي. هن وقت ايئن سمجهو ٿو وڃي ته “ملڪ ۾ آبادي وڌايو ۽ فنڊ کڻو” جي حوصلا افزائي ٿي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي آباديءَ ۾ مسلسل اضافو ٿيڻ جي ڪري وسيلن تي تمام گهڻو بار پئجي رهيو آهي ۽ حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي. لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، صحت جي لاءِ جيتريون به سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون اهي ناڪافي آهن ۽ وڌندڙ آباديءَ جي ڪري هر سال لکين نوجوان بيروزگار نظر اچن ٿا. جيڪڏهن صوبن کي چيو وڃي ته اهي آبادي گهٽ ڪن ته انهن کي انعام ڏنو ويندو ته ان جو نتيجو يقينن اهو نڪرندو ته آباديءَ جو دٻاءُ ملڪ تان گهٽجي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ پاليسي ساز پنهنجي محدود وسيلن کي ڪنٽرولڊ آباديءَ لاءِ سٺي طريقي سان رٿابندي ڪري ملڪ ۽ قوم جي ڀلائيءَ لاءِ وسيلا فراهم ڪري سگهندا. آباديءَ ۾ واڌاري جي جاءِ تي فائدو ڏيڻ جي بجاءِ اين ايف سي ايوارڊ ۾ آباديءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪارڪردگي تي صوبن کي فائدو ڏنو وڃي، تعليم جي شرح جنهن صوبي ۾ وڌيڪ هجي، اسڪولن جون عمارتون ۽ انفرااسٽرڪچر بهترين هجن ان تي اين ايف سي ۾ وڌيڪ حصو ڏيڻو گهرجي، جنهن صوبي ۾ عوام جي صحت جي لاءِ وڌيڪ پارڪ، واڪنگ ٽريڪ ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ قدم کنيا وڃن انهن کي وڌيڪ حصو ڏنو وڃي ته جيئن صوبن جي اندر هڪ اهڙو مثبت مقابلو پيدا ٿئي، جيڪو عوام جي لاءِ فائديمند هجي ۽ ملڪ جي لاءِ ترقيءَ جو باعث بڻجي سگهي.