وزيراعظم وڏن منصوبن جي مانيٽرنگ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو
خزاني واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت 950 ارب رپيا ترقياتي منصوبن جي لاءِ رکيا آهن ۽ وزيراعظم وڏن منصوبن جي مانيٽرنگ جي هدايت ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته 221 ارب رپيا سبسڊي جي لاءِ رکيا ويا آهن جنهن سان ڪمزور طبقي کي فائدو پهچندو وڏي عرصي کانپوءِ هاڻي ايڪسپورٽ وڌي آهي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو 600 ارب رپين کان گهٽ ٿيو آهي. جڏهن ته گذريل هفتي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 9 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي.

