پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

آمريڪا افغان حڪومت ۽ فوج جي مدد جاري رکندو، زلمي خليل زاد

ٽوئٽر تي جاري هڪ پيغام ۾ زلمي خليل زاد چيو آهي ته پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ مطابق ٻن نا معلوم طالبان اڳواڻن چيو آهي ته معاهدي مطابق آمريڪا افغان حڪومت ۽ فورسن جي مدد بند ڪري ڇڏيندو. ان ۾ ڪا به صداقت نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته  ڪنهن کي به حق حاصل نه آهي ته اهي اشتهارن ذريعي ڪنهن کي به ڌمڪي ڏئي  يا ڌوڪو ڪري. آمريڪا جي خصوصي نمائندي جي هن ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چوڻ هيو ته مان اهو واضح ڪري ڇڏڻ چاهيان ٿو ته اسان هاڻي افغان فورسن جو دفاع ڪري رهيا آهيون ۽ اسان طالبان سان معاهدي بعد ان کي جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته سڀني گروپن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته افغانستان جو مستقبل اندروني ڳالهين ذريعي طئي ڪيو ويندو. ياد رهي ته آمريڪا جي نمائندي جنهن اخبار جو ذڪر ڪيو آهي ان ۾ ٻن طالبان اڳواڻن مان هڪ چيو هيو ته امڪان آهي ته هن هفتي معاهدو طئي ٿي ويندو  جنهن تحت  افغان فورسن کي فضائي مدد ڪرڻ واري آمريڪي هوائي فوج، طالبان تي حملا نه ڪندي ۽ طالبان جنگجو به آمريڪا جي فورسن تي حملا نه ڪندا. ان کان علاوه آمريڪا افغان فورسن جي حمايت  ۽ مدد بند ڪري ڇڏيندو. طالبان ڪمانڊ ر جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اسان افغان حڪومت خلاف لڙائي جاري رکندا سين ۽ طاقت جي ذريعي اقتدار حاصل ڪنداسين. واضح رهي ته آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين جا 8 دور قطر جي گادي واري شهر دوها ۾ ٿي چڪا آهن.