خاصنئون

پاڪستاني نوجوان بائيڪ ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم لڳائي ڇڏيو

بنون جي علائقي پير خيل ڪڪي سان تعلق رکندڙ 17 سالن جي نوجوان عمر نياز خان انوکي ايجاد ڪندي موٽرسائيڪل ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم لڳائي ڇڏيو. هن سسٽم سان بائيڪ کي صرف مالڪ ئي اسٽارٽ ڪري سگهي ٿو. عمر نياز خان صرف ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. ميٽرڪ کان اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگهندڙ عمر نياز اليڪٽريشن بڻجي ويو هو، جنهن بعد هن پنهنجو دڪان کوليو. هن ٻڌايو ته حڪومت ساٿ ڏئي ته هو هن تجربي کي وڏي پيماني تي ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي ٿو.