سنڌ صوبي ۾ گذريل مهيني کان جاري طوفاني برساتن جي تباهي کانپوءِ، سنڌ جي 30 ضلعن مان 22 کي مڪمل طور تي ۽ هڪ کي جزوي طور تي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. اخباري خبرن مطابق آفيسرن جو چوڻ آهي ته سڄي صوبي ۾ معمول کان 400 کان 500 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي آهي، جنهن عام زندگي کي سخت متاثر ڪيو آهي. مسلسل برساتن جي ڪري هزارين ڳوٺ ۽ شھر ٻڏي ويا آهن. جڏهن ته نوشهروفيروز، سانگهڙ، شھدادپور ۽ ميرپورخاص ۾ صورتحال خاص طور تي پريشان ڪندڙ ٻڌائي پئي وڃي. سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته محتاط اندازن ۽ اندازن موجب هاڻي تائين سڄي صوبي ۾ 40 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته 65 ٻارن سميت 150 کان وڌيڪ ماڻهو ٻوڏ يا برساتن سبب فوت ٿي چڪا آهن. سڄي صوبي ۾ تازين برساتن کان 450,000 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بدين، ڄامشورو، ڪوٽڙي ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 355 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ٿيو آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻو جي ڀر پاسي ۾ 125 ملي ميٽر ۽ خيرپور ۾ 79 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل سالن ۾ ساڳي صورتحال رڪارڊ ٿي هئي جنھن ۾ سانگهڙ ۾ 319 ملي ميٽر، عمرڪوٽ ۾ 172 ملي ميٽر، شهيد بينظير آباد ۾ 162 ملي ميٽر، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 158 ملي ميٽر، ٽنڊي الهيار ۾ 150 ملي ميٽر، حيدرآباد ۾ 113 ملي ميٽر، لاڙڪاڻي ۾ 127 ملي ميٽر، نوشهروفيروز ۾ 112 ملي ميٽر ۽ ٿرپارڪر ۾ 105 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو هو. تازو سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ ڪل 286 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو. حيدرآباد ڊويزن ۾ تيز برساتن 3,000 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي فصل تباهه ڪري ڇڏيا. جڏهن ته 150 کان وڌيڪ مال به برساتن ۾ مارجي ويا. سنڌ صوبي ۾ طوفاني برساتن سبب ٿيل تباهي کانپوءِ، سنڌ جي 30 ضلعن مان 22 کي مڪمل ۽ هڪ کي جزوي طور تي آفت زده قرار ڏنو ويو آهي. آفيسرن جو چوڻ آهي ته سڄي صوبي ۾ معمول کان 400 کان 500 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي آهي، جنهن عام زندگي کي سخت متاثر ڪيو آهي. مسلسل برساتن سبب هزارين ڳوٺ ۽ شهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته بدين، سجاول سانگهڙ، شهدادپور ۽ ميرپورخاص ۾ صورتحال خاص طور تي پريشان ڪندڙ ٻڌائي پئي وڃي. سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته محتاط اندازن ۽ اندازن موجب، سڄي صوبي ۾ 40 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته 65 ٻارن سميت 150 کان وڌيڪ ماڻهو ٻوڏ يا برساتن سبب فوت ٿي چڪا آهن. صوبي ۾ تازين برساتن کان 450,000 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن سنڌ کان علاوه بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وڌيڪ مينهن جي اڳڪٿي. هن چيو ته تيز برساتن سبب انفرااسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، جنهن ۾ روڊ، آبپاشي نيٽ ورڪ، عمارتون ۽ مختلف عوامي صحت جون اسڪيمون شامل آهن ۽ آبپاشي کاتي، ورڪس اينڊ سروسز، پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين کاتن کي انهن نقصانن جو اندازو لڳائڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته صوبي جي شهرن ۾ صرف 30 کان 40 ملي ميٽر مينهن لاءِ نيڪال جو انتظام آهي، پر جڏهن 300 ملي ميٽر يا ان کان وڌيڪ مينهن پوندو آهي ته نيڪال ۾ وقت لڳندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو آهي.
صوبائي اختيارين جي هڪ اندازي مطابق، متاثر ماڻهن جي بحالي، انهن جي گهرن سميت، انهن جي فصلن ۽ دڪانن کي ٿيل نقصان جو معاوضو ۽ خراب روڊ نيٽ ورڪ، پلن ۽ سيوريج سسٽم جي مرمت تي لڳ ڀڳ 40 ارب رپيا خرچ ايندا. جڏهن ته بجلي جي بندش يا پمپنگ مشينن جي خرابي سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ نيڪال جو ڪم شروع نه ٿيو آهي. نيڪال جي درست منصوبا بندي نه هجڻ سبب ڪوٽڙي ۾ جولاءِ مھيني جي شروعات کان 19 ۽ 20 تاريخ تي پوندڙ ٿوري يا گهڻي برسات جو به پاڻي نيڪال ٿيڻ وبالِ جان ٿيو وڃي. جڏهن ته ڪوٽڙي ۾ اندازن ٻن، ٽن سالن کان اربين رپين جي لاڳت سان ٺھندڙ وڏا نالا برسات جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن، ان ئي ڳالھه کي مدِ نظر رکندي ايماندار آفيسرن ڪوٽڙي ۾ ٺھندڙ نيڪال واري ڪم ۾ ان ڪري هٿ وجهڻ پسند نه ڪيو جو بنيادي منصوبا بندي ۽ مٿان ئي مٿان پئسي جو ڪٽجي وڃڻ سبب باقي بچيل رقم مان عوام جي بھتري لاءِ ڪوبه ڪم بھتر ٿيڻ ناممڪن ٿئي ٿو. حيدرآباد جي به ساڳي صورتحال آهي جو خاص طور تي گدو چوڪ وٽ ريلوي پل هيٺان جمع ٿيندڙ پاڻيءَ جي نيڪال واري مسئلي کي سالن کان حل نٿو ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت جي رليف کاتي صوبي جي 30 ضلعن مان 22 کي مڪمل طور تي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي. ٿرپارڪر ضلعي ۽ ڪراچي جي ڇهن ضلعن کانسواءِ سڄي صوبي کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي ملير ضلعي جي ٻن ڳوٺن، ڪُنڊ جهنگ ۽ گڏاپ کي به آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) جو چوڻ آهي ته هاڻي تائين، صوبي جي بدترين متاثر علائقن ۾ 100,000 خيمن ۽ رليف ڪئمپن ۾ رهندڙ ماڻهن کي کاڌو ۽ ٻيون ضروري شيون فراهم ڪيون وينديون، پر سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏن جي صورتحال طرف غور ڪنداسين ته انتھائي افسوس واري صورت نظر آئي هوندي ان ڪري حڪومت ۽ ادارن کي برساتن جي ڄاڻ مطابق غريب ماڻهن جي اجھي جو انهن جي جان مال جو خيال ڪرڻ گهرجي خاص طور تي جيڪي ماڻهو دريائن جي ڪپ تي گهر ٺاهي بندن کي نقصان ڏئي رهيا آهن، انھن کي درياءَ جي ڪپن تان فوري هٽايو وڃي ته جيئن ڊيمن جي ڀرجڻ بعد جيڪا ايندڙ وقت ۾ صورتحال پيدا ٿيڻي آهي ان کي منهن ڏيڻ ۾ آساني ٿي سگهي.
جيڪڏهن ضلعي انتظاميا، ضلعي جي اهم ادارن آگسٽ تائين پوندڙ برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ کي مد نظر رکي انتظام ڪرڻ بجاءِ قائم علي شاھ کان مراد علي شاهه تائين رڳي هيليڪاپٽرن تي چڙهي ٺلهيون وزٽ ڪيون يا رڳو پريس بريفنگ ڏيندا رهيا ته سنڌ ۾ ٿي سگهي ٿو اڳين حادثن کان وڌيڪ حادثا جنم وٺي اخبارن جي زينت نه بڻجن.