اسان ڪنھن به مذھب جي ريتن رسمن يا تھوارن جي موقعي تي سرگرمين جا يا انھن جي خوشين جا مخالف نه آھيون، بلڪِه انھن جي سمورن تھوارن توڙي عبادتگاھن ۽ عبادتن جو احترام ڪريون ٿا، پر ھر سال اُھي ڏياري جي تھوار جي موقعي تي سنڌ جي شھرن ۾ پوليس کي راضي ڪري بارودي ڦٽاڪن وڪڻڻ جي مشروط اجازت وٺي 4 کان 5 ڏينھن تائين شھرن ۾ ڦٽاڪن (پٽاخن) جا ڌماڪا ڪرائي ايئن ڏياريءَ جون خوشيون ملھائيندا اچن، جيڪا رسم ڪجھ سالن ۾ زور وٺي وئي آھي. اڳ ۾ ايئن نه ٿيندو ھو، رڳو ڏيا يا ميڻ بتيون ٻاري روشني ڪري خوشيون ملھايون وينديون هيون، ھاڻ ڦٽاڪا دُکائي گھرن ۾ اڇلايا وڃن ٿا، پرديدار خواتين جي پيرن ۾ اڇلايا وڃن ٿا، ھلندڙ گاڏين جي ھيٺان به اڇلائي تماشا ڪيا ويندا آھن ۽ ايئن ٻين کي نقصانن ۽ تڪليفن ۾ وجھي خوشيون ملھايون وينديون آھن. اھڙو رواج اڳ ڪڏھن به نه ھو. چئن پنجن سالن کان تيزي سان وڌيو آھي ۽ ھر سال وڌندو پيو وڃي. ڦٽاڪن ۽ آتشبازي تي پابندي وارا قانون به لاڳو آھن ڇو ته اھو نقصانڪار بارود آھي. کڻي ايندڙ گاڏين کي ۽ جن دڪانن يا ريڙھن تي رکي انھن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو انھن مان انھن کي به باھيون لڳي سگھن ٿيون. آسپاس جا ٻيا دڪان ۽ گھر به ان کان متاثر ٿي سگھن ٿا. پوءِ به پياري پوليس چند ڏوڪڙن خاطر انھن کي ھلائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏيندي آھي ۽ جن جن کي ان غلط عمل خلاف آواز اٿارڻ کپي، سي 500 رپين جي خرچين تي خوش ٿي خاموش ٿي ويھي رھندا آھن. اچو ته پوليس تي اڳواٽ دٻاءُ وجھون ته ھن سال ڏياري واري عيد تي ڪنھن کي به اھا شھرن ۾ ڦٽاڪن جي وِڪري جي اجازت نه ڏئي. اھو به ته ڏياري جي موقعي تي ڦٽاڪا ڦاڙڻ ڪنھن به حوالي سان ڪوبه مذھبي فرض نه آھي. اھو عمل ھڪ ڏوهه آھي، جنھن سان ماڻھن جو سڪون تباھ ٿئي ٿو، باھيون به لڳي سگھن ٿيون. انھن ڦٽاڪن جي ڌماڪن جي آڙ ۾ ھٿياربند واردتون به ٿي سگھن ٿيون، ڦٽاڪن جي ڌماڪن جي آوازن ۾ خبر نه پوندي ته آواز فائرنگ جا آھن يا ڦٽاڪن جا آھن؟