جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگي ٻين جي خدمتن ۽ بهتريءَ لاءِ وقف ڪن ٿا، تن جا نالا وقت جي ورقن تان ڪڏهن به ختم نٿا ٿي سگهن. اُهي ئي ماڻهو اصل ۾ سماج جا سچا رهنما ۽ انساني روشنيءَ جا پيغام ڏيندڙ هوندا آهن. اهڙين ئي اعليٰ صفتن سان سينگاريل شخصيتن ۾ استاد مختيار احمد شنباڻي به هڪ آهي. جنهن تعليم، اخلاق ۽ انسانيت جي خدمت کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو آهي. استاد مختيار احمد شنباڻي 25 نومبر 1975ع تي گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ لعل ڪنڀر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي لڳ پرائمري اسڪول علي محمد ناريجو مان حاصل ڪيائين، جتي کيس محنتي ۽ فرض شناس استاد فيض محمد ناريجو جهڙي شخصيت پڙهايو. 1989ع ۾ هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول رپڙي مان ميٽرڪ ۽ 1991ع ۾ سُپريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان انٽر پاس ڪري تعليم جي دنيا ۾ قدم رکيو. تعليمي سفر مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کيس پرائمري اسڪول استاد طور نوڪري ملي ۽ سندس پهرين مقرري گورنمينٽ پرائمري اسڪول بس اسٽينڊ راڻيپور ۾ ٿي ۽ اُن کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي جاين تي سندس مقرري ٿي، جتي استاد مختيار احمد شنباڻي پنهنجا فرض پوري ايمانداري سان سرانجام ڏنا. اڄڪلهه هو گورنمينٽ پرائمري اسڪول سيد ڪوڙل شاهه جيلاني ۾ پنهنجي فرض شناسي، اخلاص ۽ خدمت جي جذبي سان تدريس جا فرض نڀائي رهيو آهي. استاد مختيار احمد جو شمار انهن استادن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي تعليم کي رڳو پيشو نه، پر عبادت ۽ ذميواري سمجهن ٿا. هن سدائين پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري غريب ۽ مسڪين شاگردن لاءِ ڪتاب، ڪاپيون، قلم ۽ اسڪولي ٿيلها آڻي انهن ٻارن کي پڙهڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪيون، جيڪي ٻار غربت جي سبب انهن سهولتن کان محروم هئا. سندن چوڻ آهي ته “جيڪو ٻار غربت سبب تعليم کان پري رهجي وڃي، ان جي مدد ڪرڻ منهنجي لاءِ عبادت کان گهٽ ناهي.”