مولا بخش ولد گل محمد قمبراڻي 18 جون 1980ع تي حيدرآباد جي ڳوٺ ڀينڊي شريف ۾ جنم ورتو، ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد موري منگر مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪيائين. سچل ڪاليج حيدرآباد مان گريجوئيشن ۽ ايم اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين ”وفا“ سندس شاعري جو تخلص آهي، هن جي سڃاڻپ شاعر طور آهي، پاڻ استاد جي پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل آهي، موجوده وقت سنڌ ايجوڪيشن کاتي ۾ ليڪچرار آهي.
جواب: منهنجو جنم 18 جون 1980ع تي تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي هڪ قديم ڳوٺ ڀينڊي شريف ۾ هڪ لوئر مڊل ڪلاس فيملي ۾ ٿيو. ننڍپڻ عام مسڪين ٻارن وانگر غربت ۾ گذريو، پر ڏاڍو شاندار گذريو. شروعاتي تعليم اٺين ڪلاس تائين پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۽ انٽر ڀر واري ڳوٺ موري منگر مان حاصل ڪيم. بي. اي سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان ڪيم ۽ ايم. اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيم. ان کانپوءِ اي. ٽي. سي ۽ پي. ٽي. سي ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۽ بي. اي علامه اقبال يونيورسٽي اسلام باد مان ڪئي اٿم. هن وقت ايم. فل سنڌي فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي مان ڪري رهيو آهيان. سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ شموليت اسڪول ۾ پڙهائي دوران سنڌي ٻارڙا رسالي جي ايڊيٽر سائين اسرار شام جي صحبت ۾ اچڻ ۽ سنڌي ٻارڙا رسالي جي مطالعي جي ڪري اختيار ڪيم.
سوال 2: پهرين تحرير ڪهڙي ڇپي ۽ اُن وقت محسوسات ڪهڙيون هيون؟
جواب: پهرين تحرير هڪ چوسٽو هئي، جيڪا سنڌي ٻارڙا رسالي ۾ ڇپي. پنهنجي شاعري ۽ نالو رسالي ۾ ڇپيل ڏسي بي انتها خوشي ٿي ۽ وڌيڪ خوشي اُن وقت ٿي جڏهن ڳوٺ جي هڪ معززا ُستاد سائين حبيب الله سومري شاباسي سان گڏ 2 رپيا نقد انعام پڻ ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته علم ادب جو رستو ڪڏهن به نه ڇڏيان. سچ پڇو ته اها شاباسي ۽ اهو انعام منهنجي لاءِ ڪنهن به وڏي ادبي انعام کان وڌيڪ آهي.
سوال 3: ٻارڙن لاءِ توهان جي لکيل ڪم جو وچور ڄاڻايو؟ ڪهڙين اخبارن ۽ ڪهڙن رسالن ۾ توهان لکيو يا انهن سان وابسته رهيا؟
جواب: منهنجو ٻارڙن لاءِ لکيل مواد روزاني عوامي آواز جي ٻارڙن جي صفحي جوت، روزاني هلال پاڪستان جي ٻارڙن جي صفحي ٻارڙا اکين جا تارڙا، روزاني جاڳو جي ٻارڙن جي صفحي جاڳو ٻارڙا، روزاني مهراڻ جي ٻارڙن جي صفحي مهراڻ جا موتي، روزاني آفتاب اخبار جي ٻارڙن جي صفحي ٻارن جي دنيا، روزاني هلچل اخبار جي ٻارڙن جي صفحي سُرهاڻ، ٻارڙن جي هفتيوار اخبار سنڌ سُرهاڻ، ماهوار گل ڦل، ماهوار گلڙا ٽنڊو ڄام، ماهوار ادا سائين، ماهوار ساٿي، ماهوار روشن دنيا ٽنڊو ڄام، ماهوار روشن راهه، پندرنهن روز ارچڪ مرچڪ، ماهوار گلستان حيدرآباد، سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن حيدرآباد ٽي ماهي باغ بهار احمد آباد انڊيا ۽ ٻين به ڪيترن رسالن ۾ ڇپيو آهي. آئون هلچل اخبار جي ٻارڙن جي صفحي جو انچارج، سنڌ سُرهاڻ اخبار جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، ماهوار ادا سائين جي بورڊ جو ميمبر، سنڌي ٻارڙا رسالي جو سرڪيوليشن مئنيجر، ماهوار گلڙا ٽنڊو ڄام جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ جوائنٽ ايڊيٽر، پڻ رهيو آهيان.
جواب: سنڌي ٻاراڻي ادب کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ٻارڙن جا رسالا چپيندڙ ادارن کي خصوصي رعايتون ڏنيون وڃن. سرڪاري سطح تي اهڙن ادارن لاءِ خاص اشتهارن جو بندوبست ڪيو وڃي. ٻارڙن جو ادب تخليق ڪندڙن اديبن کي مڃتا ايوارڊن سان گڏ انعامي رقم ڏني وڃي ۽ کين جوڳي مڃتا ڏئي منجهن ٻارڙن جو ادب تخليق ڪرڻ لاءِ اُتساهه پيدا ڪيو وڃي. هر سال ٻارڙن لاءِ چپجندڙ ٽن ڪتابن کي سال جا بهترين ڪتاب قرار ڏئي اديبن جي همت افزائي ڪئي وڃي. جيڪڏهن ان قسم جا اُپاءَ ورتا ويا ته اسان ٻاراڻي ادب کي بهترين ترقي وٺرائي سگهون ٿا.
سوال 5: ڇا اسان جي ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي ڪتابن ۾ ٻالڪ ادب لکندڙن کي ڪا اهميت آهي؟ ڪڏهن ڪو سيمينار ڪا ڪانفرنس يا ڪا گڏجاڻي سنڌ جي ٻاراڻو ادب لکندڙ اديبن سان ڪئي وئي آهي؟
جواب: اڳ ۾ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي ڪتابن ۾ ٻاراڻو ادب لکندڙن کي گهٽ اهميت ملندي هئي، پر 2014 کان جيئن ئي درسي ڪتابن ۾ سُڌارن جو عمل شروع ٿيو آهي ته ڪيترن ئي ٻاراڻي ادب جي ليکڪن جون تحريرون هاڻ نصابي ڪتابن جو حصو آهن. ڪيترن ادارن طرفان ان سلسلي ۾ گڏجاڻيون ۽ ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون آهن، پر ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پاران سڌي طرح اڃان ان سلسلي ۾ ڪا اهڙي اڳڀرائي نه ٿي آهي، جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ته درسي ڪتابن جي تياري يا مواد جي چونڊ جي سلسلي ۾ ٻاراڻي ادب جي تخليقڪارن جي راءِ کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي.
سوال 6: سنڌي ٻاراڻي ادب جي سرڪاري سطح تي سرپرستي لاءِ ڪي صلاحون ڏيو؟
جواب: مون مٿي به گذارش ڪئي ته حڪومتي سطح تي ٻارڙن جي رسالن لاءِ اشتهارن جي ڪوٽا مخصوص ڪئي وڃي ۽ سنڌي ٻاراڻن رسالن ۽ ڪتابن جون ڪاپيون حڪومت پاران خريد ڪري سنڌ جي مختلف سرڪاري لائبريرين ۾ رکيون وڃن ۽ اديبن کي انعام نقد رقم سان گڏ ڏنا وڃن ته سنڌي ٻاراڻي ادب کي بهترين ترقي ملي سگهي ٿي. ٻاراڻي ادب جي گهٽ تخليق ٿيڻ جو سبب مڃتا نه ملڻ آهي.
سوال 7: ٻارڙن لاءِ ڪو پيغام ڏيو؟
جواب: پيغام ته وڏا ماڻهو ڏيندا آهن. آئون ته ٻارڙن جو هڪ ننڍڙو ليکڪ ۽ ٻارڙن جو دوست آهيان ۽ بحيثيت دوست جي کين اها گذارش ڪندس ته وڌ کان وڌ محنت ڪري تعليم حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ ته اوهان جي روشن آئندي ۽ ترقي جو واحد ذريعو فقط تعليم آهي.