بلاگنئون

ادبي ميلا ۽ ادب جون گهرجون

ادبي ميلا (فيسٽيول) هاڪاري شيون آهن، انهن تي اعتراض ناهي، پر پڇڻو اهو هو ته انهن ميلن ۾ ادب جي ترويج ٿئي ٿي يا رڳو اديب جي؟ انهن ادبي ميلن ۾ ڪجھ اهڙا به ماڻهو (اديب) اسٽيج تي نظر ايندا آهن، جن کي پنهنجي سُپاري کپائڻ اچي ٿي، پر اهڙا Introvert اديب به آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي پروموٽ ناهن ڪري سگهندا يا خاموش سپاهي هوندا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي مورچي ۾ ويهي پيا ڪم ڪندا آهن. انهن جي فطرت Extrovert ناهي هوندي، پر اهي درجن ڪتاب لکڻ کانپوءِ به ان اسٽيج تي نظر ناهن ايندا يا انهن جي ڪتابن جي مهورت به ناهي ٿي سگهندي. ان ڪري ته انهن وٽ ايتري دولت ناهي هوندي، جو اهي آرٽ ڪائونسل جا هال بُڪ ڪرائي سگهن يا ايتري وڏي سنگت جوڙي سگهن. ان ڪري ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ جيڪي به اديب آهن انهن ۾ گهڻو ريشو بيورڪريٽس، وڏين نوڪرين ڪندڙن جو ۽ يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن جو به هجي ٿو، جيڪي رڳو ڀلا مقرر هوندا آهن يا انهن کي اسٽيج تي Space والارڻ جو ڏانءُ هوندو آهي. اها ڳالھ عامُ يا Generalized به ناهي ته سڀ اديب هڪ جهڙا هوندا يا ٿي به سگهن ٿا، پر اهي اديب پوءِ به پوئتي رهجي ٿا وڃن جيڪي سياسي پهچ نٿا رکن. هڪڙي ادبي پروگرام ۾ (هتي بس اهو سمجهو ته اهي سڀ پروگرام يا ته سنڌ ادبي فيسٽيول جا هوندا آهن يا ورلڊ اردو ڪانفرنس جا سنڌي پروگرام هوندا آهن، ان ڪري ته اديبن سڳورن جا نالا کڻڻ مناسب ناهي) ته پروگرام ۾ مقرر ماڊريٽر (ميزبان) کي منهن تي چئي ڏنو ته ”جيتري توکي سرڪاري ٽيڪ آهي، اوتري اسان کي به ٽيڪ آهي (اهو جواب ماڊريٽر جي سوال جي جواب ۾ هو). وري ٻئي پروگرام ۾ ڪجھ سينيئر اديبن جي اها به راءِ هئي ته سيکڙاٽ اديبن کي ڳالهائڻ نٿو اچي، ان ڪري اهي سڀ کان پهرين درجن کن ڪتاب ڏين (لکن)، ڳالهائڻ سکن، پروگرام اٽينڊ ڪن، رڳو تاڙيون وڄائين، پوءِ ڏٺو ويندو، پر اسان سڀني جو معصوم سوال اهو به آهي ته اها اسٽيج، ادارو، ڊپارٽمينٽ ڏسيو جتي اهڙي سکيا ملندي هجي. اسان ته اهو ٿا سمجهون ته جيڪي به سينيئر اسٽيج تي ويٺا هوندا آهن، اهي سياسي پارٽين جي پليٽ فارمن تان مٿي ايندا آهن، جيڪي سياسي اسٽيجن تي نعرا هڻي هڻي پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندا آهن، ان ڪري جيڪڏهن ريشي جي ڳالھ ڪجي ته هر پروگرام ۾ سيکڙاٽ به ويهارجن ۽ عورتن سان گڏ مردن جي ريشو به برابر رکجي، جيڪي به شاعر حضرات ۽ ان سان گڏ ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار هجن، اهي لاڳاپيل موضوعن تي ڳالهائڻ لاءِ مدعو هجن، پر مصيبت اها به آهي ته مشاعرن ۾ به انهن ساڳين ساڳين شاعرن کي وارو ملندو آهي جيڪي پنهنجا رستا سڌا ڪيو ويٺا هوندا آهن، ان ڪري شفافيت جي ڳالھ اڌ ۾ رهجي ٿي وڃي.

ادبي ميلا ۽ تقريبون ڪا هاڻوڪي ڳالھ ناهي، پر انهن جون پاڙون قديم ثقافتي تاريخ مان ملن ٿيون، جتي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر پنهنجا پنهنجا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌئيندا هئا، جيڪي زباني ڪلامي روايتن تحت هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ڪندا هئا. هاڻي جديد دور ۾ اهي ادبي ميلا وڏي پيماني تي ترقي ڪري چڪا آهن، جيڪي شرڪت ڪندڙن، ٻڌندڙن، ٽي وي ڏسندڙن ۽ انٽرنيٽ جي دنيا جي چوڌاري ماڻهن کي متوجھ ڪن ٿا. اهي ادبي ميلا هاڻي دنيا جي مختلف شهرن ۾ منعقد ڪيا وڃن ٿا. انهن ميلن ۾ هرهڪ پنهنجي پنهنجي منفرد ادبي تاريخ ۽ ثقافتي ورثو پيش ڪندو آهي. پوءِ انهن ميلن جي ڪجھ تعريف ۽ ڪجھ تنقيد به ڪجي، پر تعريف پوءِ به گهڻي ڪجي، ان ڪري ته هي جيڪي به پروگرام ٿين ٿا انهن جي هاڪ وڏي هجي ٿي، ڇو ته اردو جي مقابلي ۾ اسان ئي آهيون جيڪي ادبي پروگرام ڪرايون ٿا، توڻي جو اردو وارن جي سترهين ڪانفرنس هئي ۽ اسان جو ”سنڌ ادبي فيسٽيول“ ستون هو (اها ٻي ڳالھ آهي ته ادبي ميلي جو نالو به سنڌي ۾ ناهي (رڳو اياز ميلو چئي سگهجي ٿو) ۽ نه ئي هن ڀيري پروگرامن جا نالا پويان اسٽيج تي پروجيڪٽر ۾ هلايا ويا، جنهن تي فيسٽيول جا نگهبان ٿورو نگھ ڪن ۽ انهن تي خرچ ڪن جيڪو ائين ڏسڻ ۾ اچي) اها به حيرت آهي ته ٻوليءَ جي پرگرامن ۾ به اهي ئي اسپيڪر ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا جيڪي ادبي تحريڪن، ڪهاڻين کان وٺي شاعري ۽ ناول تي ڳالهائڻ لاءِ ويهاريا وڃن ٿا، جيڪي ٻڌي ٻڌي آڊيننس جا ڪن پچي پيا آهن. ان ڪري ناول جي موضوعن تي اهي نالا سامهون اچن جن ناول لکيا هجن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن کي به وارو ملي. اردو ڪانفرنس جي هڪ مثبت ۽ منفي ڳالھ اها به هئي ته جيڪي به ڪراچي واسي آهن اهي اردو ادب ۾ گهٽ، پر بزنس جي طرف گهڻا مائل آهن، جيڪي به پروگرام ۾ مدعو هئا اهي صوبي ۽ ملڪ کان ٻاهر جا هئا، ان ڪري جيڪڏهن ڪن ڏئي ٻڌجي ته اهي به تنقيد ۽ تعريف جا بند ٻَڌندا هوندا، پر اهي ڳالهيون ڪير ٻُڌي ۽ پُڇي؟ ڇو ته اردو ادب تي غلبو رڳو پنجابي ۽ غير اردو طبقي جو آهي، ان ڪري انهن تي ميار ناهي، اها به ڳالھ آهي ته اسان مان ڪوبه سنڌي اديب انهن اردو ڪانفرسن جي اسٽيج تي نظر ناهي ايندو يا جيڪو اردو ۾ ادبي ڪم ڪندو به هجي يا ان کي اسٽيج تي مدعو به ڪن. اها حقيقت آهي ته يونيورسٽين جي انٽرنيشنل ڪانفرنس وانگي اردو ڪانفرسن ۾ به جيڪي اديب اچن ٿا، انهن کي به گهرايو ٿو وڃي، پر اسان جي پروگرامن ۾ جيڪي اديب ٻاهرين ملڪن ۾ هجن ٿا انهن کي آن لائين به ناهي ورتو ويندو، گهرائڻ ته پري رهيو. (مثبت ڳالھ اها به آهي ته انهن پروگرامن ۾ جن کي لفٽ ملي ٿي انهن جي لاءِ ادبي پروگرام ڀلا آهن ۽ جن کي لفٽ نٿي ملي انهن کي پروگرام سٺا نٿا لڳن). صلاح اها به آهي ته ادبي پروگرامن ۾ منشي ابراهيم، سرويچ سجاولي، استاد بخاري، تاجل بيوس، ڊاڪٽر تنوير عباسي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، سراج (هن ڀيري امر جليل کي لفٽ ملي) نسيم کرل، نورالهديٰ شاھ ۽ ڪجھ نون اديبن کي به لفٽ ملي ۽ انهن جا سيشن به هلايا وڃن، جنهن سان انهن کي مڃتا ملي سگهي.

دنيا جي ادبي فيسٽيولز جي ڳالھ ڪجي ته Hay-on-Wye فيسٽيول جي ڳالھ ايندي، جيڪو ”ويلز“ جهڙي خوبصورت شهر ۾ لڳندو آهي، اتي سڀ ادب ۽ آرٽ گڏ ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪم کي نروار ۽ نشاپڙ ڪن ٿا، اتي انگريزي ادب جا عالمي سطح تي نالي وارا رائيٽر مڙَن ٿا. ”ميلبورن رائٽرز فيسٽيول“ جيڪو آسٽريليا اندر اعليٰ پايي جي انگريزي اديبن کي گڏ ڪندو آهي. ”سڊني رائيٽرز فيسٽيول“ به ان سان گڏ ئي ٿيندو آهي (يا گهڻي ڀاڱي ساڳين تاريخن تي لڳندا آهن) هي ادبي ميلا هڪ هفتي تائين لڳل هوندا آهن، جن ۾ اديب پنهنجا پنهنجا ادبي پورهيا پيش ڪندا آهن. ”فرانڪفرٽر بخميس“ ميلو جرمني ۾ لڳندڙ شاندار ميلو هوندو آهي، هن ميلي ۾ هر ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ ادب سرجيندڙ شامل ٿيندو آهي. ”ايڊنبرگ انٽرنيشنل بڪ فيسٽيول“ هي به هڪ ادبي جشن آهي جنهن ۾ اديب لفظن جي اظهار سان پاڻ پنهنجو ادب پيش ڪندا آهن، هن ميلي ۾ به گاڏڙ ساڏڙ پروگرام ٿيندا آهن، هي ميلو تخليقي آزادي جي حوالي سان دنيا جو وڏو ميلو ليکيو وڃي ٿو، هر سال آگسٽ ميهني ۾ لڳندڙ ميلي ۾ سموري شهر کي ثقافت ۽ تخليقيت جي حوالي سان سينگاريو ويندو آهي، جيئن ماڻهن ۾ آگاهي ۽ گهربل ڄاڻ آڻي سگهجي، ڇو ته هي ميلو دنيا جي وڏن ميلن ۾ ليکيو ويندو آهي. ”آڪسفورڊ ادبي فيسٽيول“ هي ميلو هر سال بهار جي موسم ۾ لڳندو آهي، جيڪو دنيا جي قديم ترين ميلن مان هڪ آهي، آڪسفورڊ يونيورسٽي جيڪا 11 صدي ۾ اڏي وئي هئي ۽ دنيا جي پراڻين علمي مادر مان هڪ ليکي ويندي آهي، هن ۾ ”بوڊلين لائبريري“ به آهي جيڪا تاريخ جي پراڻي لائبريري آهي، هن پروگرام جي خاص ڳالھ يا شرڪت ڪرڻ جو هڪ وڏو سبب مشهور ليکڪن ۽ مفڪرن پاران ڪيل ڳالهيون، بحث ۽ پرفارمنس به هوندي آهي. ”جئپور لٽريچر فيسٽيول“ اتر هندستاني رياست راجسٿان ۾ لڳندڙ هي ادبي ميلو مهاراجا جي محلات ”پيلس آف دي ونڊ“ ۾ لڳندو آهي، جيڪا هن جي وجھ شهرت به آهي، هي دنيا جو سڀ کان وڏو مفت ۽ بغير ٽڪيٽ وارو ادبي ميلو آهي، جيڪو هر سياري جي مند ۾ لڳندو آهي، جنهن ۾ موسيقي جا پروگرام به ٿين ٿا. ”برلن انٽرنيشنل لٽريچر فيسٽيول“ هن فيسٽيول ۾ هر قسم جي ادب جي ترويج ٿئي ٿي جنهن ۾ ٻاراڻي ادب کان وٺي ٻولين ۽ ڪتابن تي بحث ٿين ٿا. ”ٽورڊو انٽرنيشنل فيسٽيول آف رائيٽرز“ ڪيناڊا ۾ لڳندڙ دنيا جو ڊگهي عرصي تائين هلندڙ ميلو هوندو آهي، جنهن ۾ بين الاقوامي معيار جا اديب پنهنجا پنهنجا ڪتاب ۽ آرٽ پيش ڪندا آهن. ”لوزيانا لٽريچر فيسٽيول“ جو ماڳ ”ميوزيم آف ماڊرن آرٽ“ هوندو آهي، جيڪو اتر- اوڀر ڊينش جي شهر ۾ لڳندو آهي جيڪو ڪوپن هيگن ۽ هيلسنگر جي وچ ۾ واقع آهي، هر سال آگسٽ مهيني ۾ هي ٽن ڏينهن جي لاءِ لڳي ٿو. ”ميڪنڊو لٽريچر فيسٽيول“ نيروبي (ڪينيا) جي والز شهر ۾ لڳندو آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت عربي، انگريزي، فرينچ، پرتگالي ۽ اسپيني رائيٽر گڏ ٿين ٿا، هن ميلي ۾ سئنيمائن ۾ فلمون، ميوزڪ ۽ جهجي انداز ۾ ڪتاب به پيش ڪيا وڃن ٿا، هن ميلي ۾ پروفيسر، ليکڪ، ڪتاب فروش، ميڊيا ۽ پڙهندڙن آفريڪا سميت سڄي دنيا مان گڏ ٿين ٿا. انهن سڀني دنيا جي فيسٽيلوز جي نچور کانپوءِ چوڻ جي ڳالھ اها آهي ته دنيا ۾ جيڪي به فيسٽيولز ٿين ٿا اهي انگريزي يا لساني فيسٽيولز ناهن هوندا، اهي يا ته شهرن جي نالن سان ڪوٺيا وڃن ٿا، يا اتي جي مشهور لائبريرين جي نالن سان ملهايا يا لڳايا وڃن ٿا، ته پوءِ اردو فيسٽيول ڇو؟ يا اتي رڳو اردو به هڪ علاقائي ٻولي هجي، اتي ملڪ جي سڀني ٻولين جي اديبن کي موقعو ڏنو وڃي، ڇو ته اها بجيٽ وفاقي بجيٽ هجي ٿي، ان ڪري ان ۾ سڀ ٻولي ڳالهائيندڙ اچن ۽ پنهنجا پنهنجا ڪتاب، ڪهاڻيون، شاعريون، ناول، موسيقيون ۽ راڳ رنگ پيش ڪن ته ڀلي ڳالھ آهي.