ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۽ هند ۾ جتي مرد ڳائڻن جھڙوڪ: استاد منظور علي خان، مھدي حسن، نصرت فتح علي خان، غلام علي ۽ جڳجيت سنگهه، وڏو نالو ڪمايو اتي عورت گائڪائن ۾ چوڏهين صدي دور جي مشھور ڀڳتي رس گائڪا “ميران ٻائي” ھندستان ۾ پنھنجي مڌر ڀڳتي گيتن، مٺڙي آواز ۽ روحاني سنگيت سبب مشھوري ماڻي. ان کان علاوه 1934 ۾ نالو ڪمائيندڙ ڪملا ڪيسواڻي هندستاني لوڪ گلوڪارہ ۽ پلي بيڪ ڳائڻي هئي. هوءَ هندستان جي مشھور سنڌي ٻولي جي ڳائڻين مان هڪ هئي 1966 واري ڏهاڪي ۾ جنم وٺندڙ جنھن سريلي گلوڪاره هندستان جي فلمي دنيا ۾ فن جي مڃتا ماڻي الڪا ياگنڪ جنهن کي ماکيءَ کان مٺي آواز واري گلوڪاره سڏيو ويو، جنھن عورت گائڪا جا ڳايل گيت، لاڏا، ڪافيون ۽ ڪلام سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشھور آھن، اها هئي زيب النساءِ ۽ ٻي هئي روبينا قريشي جيڪا وري سنڌ جي ڪوئل طور مشھور ٿي جنهن ڪلاسيڪل انداز ۾ به ڳايو. هن جيان 1942 ۽ 1999 ڌاري نور بانو به تمام گهڻي مشھور ٿي. جيڪڏهن عورت گلوڪارائن جي لسٽ ٺاهڻ ويهنداسين ته هڪ ڊگهو مضمون ٺھي ويندو ان ڪري ڪوشش ڪندس ته پڙهندڙن جي يادگيري لاءِ ڪجھه نالا ٻڌايان ته مردن جي مقابلي ۾ عورت گائڪائن جو هڪ وڏو تعداد آهي جن کي وساري نٿو سگهجي. انهن ۾ اقبال بانو، غزل ڳائڻ ۾ فريده خانم، ريشما، لتا منگيشڪر، آشا ڀوسلي ۽ بيگم اختر شامل آهن.
آشا ڀوسلي جيڪا لتا جي ڀيڻ آهي، پنهنجي ورسٽائل گائڪي لاءِ مشهور آهي ۽ ڪيترن ئي قسمن جا گانا ڳائي پنهنجو پاڻ کي مڃرائي چڪي آهي. سنڌ جي جيڪڏهن مائي ڀاڳي کي وسارجي ته وڏي زيادتي ٿيندي جنھن کي ٿر جي ڪوئل سڏيو ٿو وڃي. ان کان علاوه سنڌ ۾ ٻه ٻيون فنڪارائون به اهڙيون گذريون آهن جن کي فقيرياڻي جي نالي سان سڏيو ويندو هو انهن ۾ هڪ روهڙيءَ جي بيگم فقيرياڻيءَ هئي جنھن کي تصوف ۽ راڳ جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو، ان کان علاوه سنڌ جي مشھور لوڪ فنڪاره ڳائڻي جيوڻي ٻائي هئي جنھن کي به فقيرياڻي جي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو، سندس نالي سان فقيرياڻي لفظ جي ڳنڍجڻ جو قصو مون هيٺ لکيو آهي. سنڌ جي هيءَ لوڪ فنڪاره جيوڻي ٻائي، فقير ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو جي گهر ۾ 22 جنوري 1901 ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي “ڀيلواڙ” رياست ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي هو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي. هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون. 1918 ۾ ڦڪو پنھنجي وطن کي ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشھور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنھنجي ڌيءَ بنائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ هڪ ڏينھن ساڻس گڏجي حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو، سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنھنجين محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشھور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، جنهن کي جيوڻيءَ جي راڳ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جيوڻي به استاد کان متاثر ٿي. آخر استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد کان ڪافي جي فن جي سکيا پڻ ورتي. جيوڻي ٻائي 1928ع ۾ راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي مريدياڻي ٿي. جنهن سندس نالو جيدي مان بدلائي “جيوڻي ٻائي” رکيو هو. جيوڻي حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم به حاصل ڪئي.
1932ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، سندس شاديءَ جو قصو ڪجهه هن طرح مشهور آهي ته ڪنھن محفل ۾ جيوڻي مائي ڳايو پئي نواب خان ٻڌو پئي کيس پئسي ڏوڪڙ جي گھٽتائي ڪونه ھئي، سو جيوڻي ٻائي جي راڳ کان خوش ٿيندي راجائي انداز ۾ چيائين اڄ فقيرياڻي جيڪو گھرڻو اٿئي گھر، جيوڻي مائي ڪن ۾ چيس نواب خان تون کپين موسان شادي ڪر، ھي ته سوال ئي ڏکيو ھو نواب خان سخن جو پڪو ھو ۽ راءِ ڏياچي انداز ۾ ڪنڌ ھيٺ ڪندي چيائين، مائي اڄ کان تون اسان جي آھين ۽ پوءِ باقائده شادي ڪري گھر سکر وٺي آيس، جتي جڏھن نواب خان جي پھرئين زال کي خبر پئي ته مائي جيوڻي پئي اچي ته هن حويليءَ جو وڏو دروازو کولرائي ڇڏيو ته فقيرياڻي دري مان ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇو لنگھي اچي ۽ هن پنھنجي ٻانھن جا ڪنگڻ لاھي کيس پارايا ۽ چيو ته تون اسان جي عزت آھين، اهو قصو جيوڻي ٻائي جي شادي جي موقعي جو سنڌ ۾ مشهور آهي، پر کيس ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ پورن تيرهن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪئي. ڪاري رنگ، وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد، گول ۽ سونھندڙ چھري واري جيوڻي ٻائي پُروقار ۽ باعزت عورت هئي. پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجن تنن سان وڏي عقيدت هئي. هٿ جي ڇوٽ هوندي هئي. سنڌ جي هي سدا بهار ڳائڻي 5جون 1942ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.