سپريم ڪورٽ جو هوائي اڏن تي مسافرن سان ناروا سلوڪ تي سخت ناراضگيءَ جو اظهار

چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته ملڪ جا ايئر پورٽ دنيا جي سڀني ڏوهن جي ڊيل جي جاءِ ٿي ويا آهن. چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ هوائي اڏن تي مسافرن سان ناروا سلوڪ جي معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سول ايوي ايشن عملدارن تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشن کي فوري طلب ڪري ورتو. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته مسافر ايئرپورٽن تي زمين تي پيا هوندا آهن، انهن جو ڪوبه حال احوال وٺڻ وارو نه هوندو آهي. مسافرن سان سول ايوي ايشن وارا ڇا ٿا ڪن، سڀ معلوم آهي. چيف جسٽس، ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشن کي ٻن هفتن ۾ مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو.
