خاصنئون

مقبوضه ڪشمير ۾ پابندين سان لاڳاپيل ڀارتي سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ڀارتي سپريم ڪورٽ مقبوضه ڪشمير ۾ پابندين متعلق ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته مخالف راءِ کي دٻائڻ لاءِ دفعه 144 جو استعمال نٿو ڪري سگهجي. ڀارتي سپريم ڪورٽ گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪومتن طرفان آرٽيڪل 370 جي منسوخي بعد مقبوضه ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ ٻيون پابنديون نافذ ڪرڻ خلاف دائر درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي چيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته جمهوري نظام ۾ راءِ جي اظهار جي آزادي اهم هوندي آهي ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي لاءِ انٽرنيٽ تائين رسائي بنيادي حقن ۾ شامل آهي. ياد رهي ته اهي درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ ڪانگريس جي رهنما غلام نبي آزاد ۽ ڪشمير ٽائمز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر انو راڌا ڀاشن ۽ ٻين طرفان داخل ڪيون ويون هيون.