سنڌ ڪيبينيٽ صوبي جي سرڪاري ڊاڪٽرن جي پگهارن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي

سومر ڏهاڙي سنڌ ڪيبينيٽ صوبي جي ڊاڪٽرن جي پگهارن ۾ اضافو ڪندي ٻه الائونس وڌائي ڇڏيا آهن. هاڻي سنڌ جي سرڪاري ڊاڪٽرن جون پگهارون پنجاب جي ڊاڪٽرن برابر هونديون. هن اضافي بعد صوبي تي سالانا 56 لک رپين جو اضافو ٿيندو. ڪالهوڪي اجلاس جي صدارت سنڌ جي وڏي وزير سيد مرا د علي شاهه ڪئي جنهن ۾ ڪل 31 مان 21 ايجنڊن تي ڳالهايو ويو. اجلاس ۾ سڀني صوبائي وزيرن، صلاحڪارن شرڪت ڪئي. صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عزرا فضل پيچوهو ۽ صحت واري سيڪريٽري ڪيبينيٽ کي بريفنگ ڏيندي چيو ته 17 کان 20 گريڊ جي ڊاڪٽرن جي گهرجن مطابق انهن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته 17 ۽ 18 گريڊ جي ڊاڪٽرن کي ڏه هزارن جو هيلٿ الائونس ڏنو ويندو. جڏهن ته 19 ۽ 20 گريڊ جي ڊاڪٽرن کي 5000 جو الائونس ڏنو ويندو. ان کان علاوه هيلٿ پروفيشنل الائونس ۾ ڪيل اضافو هن ريت آهي. 17 گريڊ جي ڊاڪٽرن لاءِ 23هزارن مان وڌائي 28 هزار، 18 ۽ 19 ۽ 20 گريڊ جي ڊاڪٽرن لاءِ 15 هزارن کان وڌائي 19 هزار ڪيو ويو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *