خاصنئون

پاڪستان جي ماهر فلڪيات اينٽارڪٽيڪا پهچي وئي

 

لاهور سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر طيبه ظفر اصل ۾ هڪ ماهر فلڪيات آهي جنهن جو ڪم ستارن، سيارن ۽ ڪهڪشائن تي تحقيق ڪرڻ هوندو آهي. پر هن کي هوم ورڊ بائونڊ پروگرام تحت اينٽارڪٽيڪا ڏانهن موڪليو ويو آهي. هوم ورڊ بائونڊ پروگرام 2018 ۽ 2019 تحت 26 ملڪن سان تعلق رکندڙ 80 سائنسدان عورتن کي چونڊيو ويو آهي. جنهن ۾ پاڪستان طرفان اڪيلي طيبه ظفر به شامل آهي. هن پروگرام تحت سڄي دنيا مان خواتين سانئنسدانن کي برفاني کنڊ تي موڪليو ويو آهي ۽ ان پروگرام جو مقصد انهن جي اعتماد ۾ اضافو ۽ انهن ۾ اڳواڻي جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ آهي. هن پروگرام تحت انهن عورتن کي ٽن هفتن لاءِ اينٽارڪٽيڪا تي رهڻو هيو جتي انهن کي ليڊرشپ تي تربيت ڏيڻ کان علاوه ليڪچر پڻ ڏنا ويا. جنهن کان علاوه انهن کي اهڙن حساس علائقن جو دورو پڻ ڪرايو ويو. جيڪي آب و هوا ۾ تبديلي يا ڪلائيميٽ چينج سان متاثر ٿيا آهن. انهن ۾ رجندڙ گليشيئرز کان وٺي پينگوئن تي ٿيندڙ تحقيق ۽ وهيل مڇين به ڏيکاريون ويون. ڊاڪٽر طيبه هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته هي سفر تمام دلچسپ هيو پر ان ۾ ڪجه عورتن سي سڪنيس (Sea-Sickness) جو شڪار به ٿي ويون. ڊاڪٽر طيبه ماهر فلڪيات آهي. هن فزڪس ۾ ماسٽرز ڪرڻ بعد ڪوپن هيگن مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.ڊاڪٽر طيبه فرانس ۾ موجود يورپين آبزرويٽري ۾ به ڪم ڪيو آهي، جنهن کان علاوه هن چلي جي اتاڪاما صحرا ۾ موجود 9 ميٽر جي دوربين سان به خلا جا مشاهدا ڪيا آهن. ڊاڪٽر طيبه چيو آهي ته پاڪستان جي عورتن کي فزڪس سميت تمام شعبن ۾ اڳيان اچڻ گهرجي ۽ پرڏيهي شرڪت ۽ تربيت وارن پروگرامن ۾ به شرڪت ڪرڻ گهرجي.