خاصنئون

پاڪ ڀارت ڪشيدگي خطي جي امن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي،چين

پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چيو آهي ته پاڪ، ڀارت ڪشيدگي هن خطي جي امن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي. خبرن موجب پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هن جي چين جي پرڏيهي وزير سان فون تي ڳاله ٻوله ٿي آهي. جنهن ۾ شاه محمود قريشي چين جي پرڏيهي وزير کي پلوامه حملي بعد پاڪستان پاران کنيل قدمن بابت آگاه ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت سان ڪشيدگيءَ کي مذاڪرات ذريعي حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ چاهي ٿو.شاه محمود قريشي مطابق چين جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ، ڀارت ڪشيدگي هن خطي جي امن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. چين دهشت گردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن کي مڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڳري قيمت ادا ڪري چڪو آهي. جنهن تي پاڪستان جي پرڏيهي وزير چين جي سهڪار تي چين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.