پنجاب ۾ اسان حڪومت ٺاهينداسين: حمزه شهباز
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته مخالفن تي تحفظات هئڻ باوجود اسان چاهيون ٿا ته جمهوريت ترقي ڪري. نواز شريف ۽ شهباز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ ن پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪندي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو چوڻ هو ته 2013 ۾ اسان کي حڪومت ملي ۽ وزيراعظم نواز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ جي عزت ڪندي، عمران خان کي صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ جي اجازت ڏني. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت پنجاب ۾ اسان وٽ اڪثريت آهي ۽ اسان وٽ 129 سيٽون آهن. جڏهن ته اسان جي مخالف پي ٽي آءِ وٽ صرف 118 سيٽون آهن، ان ڪري پنجاب ۾ اسان حڪومت ٺاهينداسين. هن اهو به چيو ته چونڊن کان اڳ اسان تي مقدمه ٺاهيا ويا اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو پر اسان پنهنجو آئيني حق ادا ڪندا رهنداسين. عمران خان جي تقريب جي تعريف ڪندي هن چيو ته هن واعدا وڏا ڪيا آهن جيڪا سٺي ڳالهه آهي پر انهن تي عمل به ڪري ڏيکاري.

