صدي جو ڊگهو چنڊ گرهڻ اڄ رات ٿيندو
موسميات کاتي پاران 21 هين صدي جو ڊگهي عرصي تائين رهندڙ چنڊ گرهڻ اڄ رات ٿيندو. جيڪو رات جو سوا ڏهين وڳي شروع ٿيندو، جيڪو سڄي ملڪ ۾ نظر ايندو. پاڪستان کان علاوه اهو چنڊ گرهڻ يورپ، آفريقا، ايشيا پئسيفڪ، سائوٿ آمريڪا ۽ اينٽلانٽڪ اوشن تي به نظر ايندو. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته 27 جولاءِ رات 12 لڳي 30 منٽن تي اهو گرهڻ شروع ٿيندو ۽ رات جو هڪ لڳي 22 منٽن تي مڪمل ٿي ويندو. صدي جي ڊگهي چنڊ گهرڻ جو اختتام صبح جو 4 لڳي 29 منٽن تي ٿيندو، جنهن بعد هن چنڊ گرهڻ جو مڪمل عرصو 6 ڪلاڪ 13 منٽ رهندو.

