ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان پنهنجي آزاديءَ جا 78 سال پورا ڪري 79 سال ۾ داخل

برصغير اندر ايسٽ انڊيا ڪمپني جو بنياد 1600ع ۾ پيو، جنهن کانپوءِ 1757ع ۾ پلاسيءَ جي جنگ کانپوءِ بنگال تي ايسٽ انڊيا ڪمپني جو قبضو ٿيو. 1857ع جي جنگ آزاديءَ کانپوءِ برطانوي حڪومت سڌو سنئون ايسٽ انڊيا ڪمپني کان برصغير جو ڪنٽرول پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيو. جنهن کي پوءِ برطانوي راڄ جي نالي سان سڏيو ويو.

جنهن جو خاتمو 1947ع ۾ هندستان جي آزاديءَ تي ٿيو ۽ هندستان ۽ پاڪستان ٻه نوان ملڪ بڻجي دنيا جي نقشي تي اڀريا. آزادي هڪ نعمت آهي، ڪوبه گروهه يا قوم پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذاري پنهنجا فيصلا ڪري ۽ ان جي مٿان ڪوبه دٻاءُ نه هجي. هڪ فرد کي پنهنجي راءِ جي اظهار جي آزادي هجي، ڪنهن به موومينٽ هلائڻ لاءِ تحرڪ جي آزادي هجي، پنهنجي مذهب مطابق زندگي گذارڻ جي آزادي هجي، وري جڏهن اهي سڀئي آزاديون پوري قوم کي حاصل هجن جنهن ۾ انهن کي معيشت هلائڻ، فوج رکڻ ۽ پنهنجي آزاد خارجه پاليسي ٺاهڻ جو حق حاصل هجي ته ان ملڪ کي آزاد رياست چئي سگهجي ٿو.

پاڪستان برطانوي راڄ کان 14 آگسٽ 1947ع تي آزاد ٿيو، پر اڄ ڏينهن تائين پاڪستان جو عوام اهو سمجهي ٿو ته انهن کي جنهن آزادي جو انتظار هو اها آزادي اڄ ڏينهن تائين نه ملي سگهي آهي، پر ان هوندي به پاڪستان هڪ آزاد رياست جي طور تي هن وقت دنيا جي نقشي تي پنهنجو وجود برقرار رکندي اٺهتر سالن جو سفر طئي ڪندي اوڻاسينءَ سال اندر پير پاتو آهي.

پنهنجي سر زمين جو قدر صرف اهي ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا، جن کان يا ته سندن سر زمين کسجي وڃي ۽ ٻيو ڪو طاقتور ملڪ انهن جي سر زمين تي قبضو ڪري ويهي رهي يا وري اهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سبب کان پنهنجي ڌرتي کان ٽٽي ڌار ٿي پراون ملڪن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پون ٿا. پاڪستان جي قوم هڪ خوشقسمت قوم آهي جنهن وٽ پنهنجي سر زمين آهي، ان ۾ موجود قدرتي وسيلن تي ان جو حق آهي. پاڪستان کي پنهنجا درياءَ آهن، جنهن ۾ سنڌو درياءَ سڀ کان وڏو آبي ذخيرو آهي، جنهن سان پوري پاڪستان جون زرعي زمينون آباد ٿين ٿيون ۽ پاڪستان جو عوام پنهنجي معاشي سرگرميءَ جو 60 سيڪڙو ان پاڻيءَ تي زراعت سان ڪري ٿو.

پاڪستان پنهنجي حياتيءَ جا 33 سال آمريت جي دور ۾ گذاريا، جنهن ۾ 1958ع کان 1969ع تائين ايوب خان جو دور رهيو، جنهن کانپوءِ 1969 کان 1971ع تائين يحيٰ خان جي آمريت جو دور رهيو. 1977ع کان 1988ع تائين يارنهن سال ضياءُ الحق جو آمريت جو دور رهيو ۽ پوءِ 1999ع کان 2008ع تائين جنرل پرويز مشرف جو دور رهيو. خوش قسمتيءَ سان 2008ع کانپوءِ پاڪستان ۾ هن وقت تائين مسلسل جمهوري نظام قائم آهي.

هاڻي ايئن چئي سگهون ٿا ته پاڪستان ۾ 44 سال جمهوريت جو راڄ قائم رهيو آهي ۽ اميد ڪري سگهجي ٿي ته پاڪستان جي اندر جمهوريت مضبوط ٿيندي، جنهن جي لاءِ ضروري آهي ته عوام پنهنجي مثبت روين سان پنهنجي ملڪ کي مضبوط ڪري، جمهوريت دشمن قوتن سان سياسي مقابلو ڪري جمهوريت کي مضبوط بنائڻ جي مسلسل ڪوشش ڪندي رهي. هن وقت پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۽ معاشي پاليسين ۾ ڪافي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندي ترقي ڪري رهيو آهي.

اسان سڀني کي پنهنجي ملڪ سان وفاداري ۽ سچائي ڏيکاري پاڪستان جي هر اداري کي ترقي وٺرائڻ جي لاءِ روزانو جي بنياد تي ڪم ڪرڻو آهي. اسان مان هر فرد کي اهو ثابت ڪرڻو آهي ته هو هڪ ذميدار پاڪستاني شهري آهي. ان کي ڏنل ننڍي کان ننڍي ذميداري ايمانداريءَ سان نڀائڻي آهي ته جيئن هو پنهنجو پاڻ کي هن ملڪ جو هڪ ڪارگر ۽ ذميدار شهري ثابت ڪري ڏيکاري. صوبائي حڪومتن کان وٺي وفاقي حڪومت تائين اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي ملڪ کي طاقتور بنائڻو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان رياستي طور تي، ادارتي طور تي ۽ انفرادي طور تي آئين جي پاسداري ڪريون ۽ ان کي عزت عطا ڪري ان مطابق ملڪ ۽ قوم کي گڏجي کڻي هلون.

پاڪستان جي ترقيءَ جي لاءِ هن وقت ضروري آهي ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي جديد تعليم سان آراسته ڪريون، پرائمري تعليم کي اهميت ڏيندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته پرائمري تعليم سئو سيڪڙو ٻارن کي ڏني وڃي. اسڪولن کي بدلجندڙ وقت جي ضرورتن مطابق آءِ. ٽي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ڪريون ته جيئن اسان جا ٻار پرائمري اسڪولن کان وٺي ٽيڪنالاجي جو استعمال سکي پنهنجي زندگين کي بهتر بنائڻ جي قابل ٿي سگهن.

ان کان علاوه اسان جي ملڪ جي چئني صوبن کي هڪٻئي سان محبت سان گڏجي هلڻ گهرجي، پنهنجي پنهنجي قانوني ۽ آئيني حدن ۾ رهي پنهنجن صوبن ۾ ترقي ڪرڻ جي پاليسين تي عمل ڪرڻ گهرجي. هڪ اهڙو پاڪستان تعمير ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪوبه ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ نه هجي، اهوئي پاڪستاني قوم جو خواب آهي. اميد آهي ته چونڊيل حڪومتون چاهي اها وفاق جي هجي يا صوبائي سطح تي هجن پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ جي لاءِ ڪم ڪنديون رهنديون.