اياز قادري لاڙڪاڻي جي اهل علم، ادب، دانش ۽ روحانيت واريون رمزون رکندڙ خاندان جو هڪ اهڙو فرد هو، جيڪو نه رڳو پنهنجن بزرگن جي نقش قدم تي هلي روحاني روايتن تي ڪاربند رهيو، پر هو سنڌي ادب ۾ تحقيق ۽ تخليق واري عمل سان لاڳاپجي ايندڙ نسلن لاءِ لازوال ادبي شاهڪار به ڇڏي ويو. اياز قادري جو خاندان لاڙڪاڻي ۾ علم ادب ۽ سماج جي مختلف پھلوئن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ واري حوالي سان هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿو. هن خاندان جا ڪيترائي فرد سٺا شاعر، ڪھاڻيڪار، استاد، قابل منتظم ۽ ڪامورا هجڻ سان گڏوگڏ سنڌي صحافت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. صحافت جو اهو سلسلو اياز قادري کان اڳ سندس بزرگن ۽ پوءِ سندس پونئرن تائين به جاري رهيو.
اياز قادري ته شاعراڻي ماحول ۾ نپنيو ۽ پليو ان لاءِ ڪو ڪامياب شاعر ٿيڻ ته مشڪل به ڪونه هو، پر ڪھاڻي واري صنف هن کي پاڻ ڏانهن ايترو ڇڪيو جو هن پنھنجي اظھار جو گهڻو ذريعو ڪھاڻيءَ واري صنف کي ئي بڻايو. ان کان علاوه اياز قادري سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۽ هفتيوار اخبارن ۾ ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. سندس ادارت ۾ نڪرندڙ اهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ “سنڌ مسلم” مئگزين، “سنڌ ڪوارٽرلي”، هفتيوار “نوجوان” ڪراچي، هفتيوار “ناخدا” ۽ هفتيوار “الحقيقت” شامل آهن. پاڻ ناميارو شاعر، افسانه نگار، ڪھاڻيڪار ۽ ماهر تعليم هو جيڪو 19 جنوري 1927ع تي لاڙڪاڻي جي مشھور قادري خاندان ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير غلام سرور قادري هو. جنھن صحافت وارن ڏينھن ۾ هفتيوار اخبار “الحقيقت” به شايع ڪئي. اياز قادريءَ لاڙڪاڻي مدرسه هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ڪراچيءَ مان بي.اي (آنرز)، ايم. اي (فارسي)، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بيءَ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن پي ايڇ ڊي جو مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي، ڊاڪٽريءَ جي سَند حاصل ڪئي. اياز قادري 1950ع کان 1970ع تائين ايس. ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر رهيو. 1971ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پھريون چيئرمين مقرر ٿيو ۽ ڏهن سالن تائين انهيءَ عھدي تي فائز رهيو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ “شاهه لطيف چيئر” جو باني ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ان دوران سندس يادگار ڪارنامو، پروفيسر سيد وقار رضويءَ جي تعاون سان، شاهه لطيف رحه جي مڪمل ڪلام جو نثري اردو ترجمو آهي. اردو، سنڌي ۽ فارسي زبانن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئس. تعليم ۽ صحافت کان علاوه اياز قادري جي سڃاڻپ جو جيڪو وڏو حوالو آهي، اهو آهي سنڌي ادب، سنڌي ادبي دنيا ۾ اياز قادري نه رڳو قلم جي ذريعي پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي، پر هو هڪ ادبي ڪارڪن جي حيثيت سان پڻ ادبي تنظيمن ۾ بي لوث طريقي سان ڪم ڪندو رهيو هو. انهيءَ حوالي سان سندس نمايان شھرت ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پھرين سيڪريٽري واري آهي، پر ان کان علاوه پاڻ جميعت الشعراءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. اياز قادري 1950ع واري دور ۾، پنھنجي رهائشگاهه تي “سنڌي ادبي سنگت” جون هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ڪوٺائيندو رهيو. “سنڌي ادبي سنگت” جي ورهاڱي کانپوءِ واري دور جو پهريون سيڪريٽري جنرل ٿيو، جنهن 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪنوينشن ۾ سنگت جي آئيني جوڙجڪ ۽ سڄي سنڌ ۾ تنظيمي ڍانچي کي پکيڙڻ ۾ ابتدائي ڪردار ادا ڪيو. پاڻ سنڌيءَ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن مان هو. سندس چونڊ افسانن جو مجموعو “بِلو دادا” جي عنوان سان 1956ع ۾ ڇپيو. اياز قادريءَ “مئڪسم گورڪيءَ” جي مشھور ناول “آتم ڪهاڻيءَ” جا ٻه جلد پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جيڪي سنڌي ادبي بورد طرفان ڇپرايا ويا. سندس تحقيقي مقالو سنڌي غزل جي اوسر ٻن جلدن ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس هيءَ ڪتاب سنڌي غزل جي نه صرف جامع تاريخ آهي، پر سنڌي شاعرن جو مستند تذڪرو پڻ آهي، جيڪو ٽن صدين تي مشتمل آهي. ان کانسواءِ پاڻ جي الانا جي انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو “اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ” عنوان سان ڪيو. سندس ٻين ڪتابن ۾ “مٽيءَ لڌو مانُ” “عشقيه داستان” ۽ “پرين جون ڪهاڻيون” لوڪ ادب به مثالي حيثيت رکن ٿا. ڊاڪٽر اياز قادري 15 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي ۽ کيس لاڙڪاڻي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو.