بلاگنئون

وينزويلا جو بحران صرف سامراجي نه بلڪه اندروني سياسي لالچ جو نتيجو به آهي

جديد عالمي سياست جي انهن پيچيده ۽ گهڻ رخن مسئلن مان هڪ وينزويلا ۽ آمريڪا جو تڪرار آهي، جيڪو رڳو ٻن ملڪن جي وچ ۾ سياسي اختلاف جو نتيجو ناهي، پر اهو دراصل طاقت، وسيلن، سامراجيت، قومي خود مختياري ۽ عالمي سرمائيدار نظام جي وچ ۾ هلندڙ هڪ ڊگهي ۽ گهري فڪري، معاشي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جو اظهار آهي. انساني تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به ڪو ملڪ قدرتي وسيلن سان مالا مال رهيو آهي ۽ ساڳئي وقت پنهنجين پاليسين ۾ خود مختيار رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن عالمي طاقتون ان کي دٻائڻ، ڪنٽرول ڪرڻ يا غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪنديون رهيون آهن. وينزويلا به اهڙي ئي تاريخي حقيقت جو شڪار رهيو آهي.

وينزويلا لاطيني آمريڪا جو اهو ملڪ آهي، جنهن وٽ دنيا جا سڀ کان وڏا ثابت ٿيل تيل جا ذخيرا موجود آهن. هي حقيقت هن ملڪ کي عالمي سياست ۾ انتهائي اهم بڻائي ٿي، پر ساڳئي وقت اها ئي دولت هن لاءِ مصيبتن جو سبب به رهي آهي. اسپيني نوآبادياتي دور کان وٺي آزاديءَ کانپوءِ به وينزويلا مڪمل طور خود مختيار، معاشي ۽ سياسي نظام قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ڇاڪاڻ ته پرڏيهي طاقتون، خاص طور آمريڪا، هن ملڪ کي هميشه پنهنجي اثر واري دائري ۾ رکڻ چاهيو. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن تيل جي وڏي پيماني تي دريافت ٿي، تڏهن آمريڪي ۽ يورپي ڪمپنين وينزويلا جي معيشت تي عملي طور قبضو ڪري ورتو. ملڪ جي سياست مقامي اشرافيه ۽ پرڏيهي مفادن جي وچ ۾ هڪ ڳٺ جوڙ جو شڪار ٿي وئي، جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان عام عوام کي پهتو. ڊگهي عرصي تائين وينزويلا جي دولت چند خاندانن ۽ پرڏيهي ڪمپنين تائين محدود رهي، جڏهن ته ملڪ جو وڏو حصو غربت، بي روزگاري، تعليم جي کوٽ ۽ صحت جي خراب حالتن ۾ زندگي گذاريندو رهيو. اهڙي صورتحال ۾ عوام جي اندر هڪ اهڙو سياسي شعور جنم ورتو، جيڪو تبديلي جو طلبگار هو. اهو ئي پس منظر هو، جنهن مان هوگو شاويز جهڙو اڳواڻ سامهون آيو. 1999ع ۾ هوگو شاويز اقتدار ۾ آيو ۽ هن ملڪ جي سياست، معيشت ۽ پرڏيهي پاليسيءَ کي نئون رخ ڏنو. شاويز پاڻ کي سيمون بوليوار جي فڪر جو وارث قرار ڏنو ۽ هڪ اهڙي رياست جو تصور پيش ڪيو، جتي وسيلن تي عوام جو حق هجي، نه ڪي پرڏيهي ڪمپنين جو.

هوگو شاويز جون پاليسيون آمريڪا لاءِ ناقابلِ قبول هيون، ڇاڪاڻ ته اهي سڌي طرح آمريڪي معاشي ۽ سياسي مفادن سان ٽڪراءَ ۾ هيون. شاويز تيل جي صنعت کي قومي ملڪيت بڻايو، سماجي فلاح جا وسيع پروگرام شروع ڪيا، غريب طبقي کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون ۽ لاطيني آمريڪا جي ٻين ملڪن سان گڏجي آمريڪي بالادستيءَ کان آزاد بلاڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کليءَ طرح آمريڪي سامراجيت تي تنقيد ڪئي ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته لاطيني آمريڪا هاڻي خاموش رهڻ لاءِ تيار ناهي. آمريڪا هميشه پاڻ کي جمهوريت، انساني حقن ۽ آزاديءَ جو علمبردار قرار ڏئي ٿو، پر وينزويلا جي معاملي ۾ هن جون پاليسيون هن دعويٰ جي ابتڙ نظر اچن ٿيون. جڏهن وينزويلا هڪ خود مختيار پاليسي اختيار ڪئي، تڏهن آمريڪا سياسي مخالفت، معاشي پابندين ۽ سفارتي دٻاءُ جو رستو اختيار ڪيو. هن تڪرار جو بنيادي سبب نظرياتي به آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا عالمي سرمائيداري نظام جو مرڪزي محافظ آهي. جڏهن ته وينزويلا سوشلسٽ طرزِ حڪمراني ڏانهن وڌيو. آمريڪا کي خدشو هو ته جيڪڏهن وينزويلا جو ماڊل ڪامياب ٿي ويو ته لاطيني آمريڪا جا ٻيا ملڪ به ساڳي راهه اختيار ڪري سگهن ٿا، جيڪو آمريڪي اثر لاءِ وڏو خطرو هوندو.

وينزويلا جي تيل پاليسي هن تڪرار جو مرڪزي نقطو رهي آهي. آمريڪا دنيا جو وڏو توانائي استعمال ڪندڙ ملڪ آهي ۽ هو هميشه چاهي ٿو ته تيل جا وڏا ذخيرا سندس ڪنٽرول هيٺ رهن يا گهٽ ۾ گهٽ دوستاڻن حڪومتن وٽ هجن. جڏهن وينزويلا تيل جي وسيلن تي مڪمل قومي ڪنٽرول قائم ڪيو، تڏهن آمريڪا ان کي پنهنجي اسٽرٽيجڪ مفادن لاءِ خطرو سمجهيو. نتيجي طور آمريڪا آهستي آهستي وينزويلا خلاف معاشي جنگ شروع ڪئي، جنهن ۾ پابنديون، بئنڪنگ نظام تي پابنديون، اثاثن جي ضبطگي ۽ واپار ۾ رڪاوٽون شامل هيون. اهي پابنديون وينزويلا جي معيشت لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿيون. تيل جي برآمدات، جيڪي ملڪ جي آمدنيءَ جو وڏو ذريعو هيون، سخت متاثر ٿيون. بئنڪنگ نظام بين الاقوامي سطح تي مفلوج ٿي ويو، جنهن سبب وينزويلا کي خوراڪ، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون درآمد ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون. ڪرنسي جي قدر انتهائي گهٽجي وئي ۽ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. انهن سڀني حالتن جو سڀ کان وڏو بار عام عوام تي پيو، جنهن کي بک، بيماري ۽ بي روزگاري جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. ڪيترائي عالمي ماهر ۽ انساني حقن جا ادارا انهن پابندين کي اجتماعي سزا قرار ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن جو مقصد حڪومت کان وڌيڪ عوام کي متاثر ڪرڻ رهيو آهي.

سياسي مداخلت به هن تڪرار جو اهم حصو رهي آهي. 2002ع ۾ هوگو شاويز خلاف ٿيندڙ فوجي بغاوت، جنهن کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ڪاميابي به ملي، عالمي سطح تي وڏي بحث جو سبب بڻي. بعد ۾ اهو واضح ٿيو ته ان بغاوت جي پويان پرڏيهي حمايت موجود هئي. شاويز جي واپسي عوامي طاقت جو ثبوت هئي، پر آمريڪا جي پاليسي ۾ ڪا بنيادي تبديلي نه آئي. هوگو شاويز جي وفات کانپوءِ نڪولس مادورو اقتدار ۾ آيو، جنهن کي اڳ ئي ڪمزور معيشت، اندروني سياسي اختلافن ۽ سخت پرڏيهي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو. 2019ع ۾ آمريڪا پاران خوان گوائيڊو کي عبوري صدر تسليم ڪرڻ وينزويلا جي خود مختياريءَ تي هڪ کليل حملو هو. هي قدم بين الاقوامي قانون جي بنيادي اصولن جي ابتڙ هو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ٻئي ملڪ جي حڪومت جو تعين ڪري. وينزويلا جي حڪومت هن عمل کي بغاوت ۽ سامراجيت قرار ڏنو، جڏهن ته آمريڪا ان کي جمهوريت جي حمايت جو نالو ڏنو. حقيقت اها آهي ته اهڙن قدمن سان وينزويلا جو بحران وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويو.

وينزويلا جو تڪرار هاڻي عالمي طاقت جي سياست جو حصو بڻجي چڪو آهي. روس، چين ۽ ايران جهڙيون طاقتون وينزويلا جي حمايت ڪن ٿيون. ڇاڪاڻ ته اهي به آمريڪي بالادستيءَ کي چئلينج ڪرڻ چاهين ٿيون. هن تڪرار ۾ لاطيني آمريڪا، يورپ ۽ گڏيل قومن جو ڪردار به اهم رهيو آهي. ڪيترائي ملڪ آمريڪي پابندين تي تنقيد ڪن ٿا، جڏهن ته ڪجهه ملڪ آمريڪا جي موقف جي حمايت ڪن ٿا، جنهن سان عالمي برادري ورهايل نظر اچي ٿي. اصل حقيقتن جو تجزيو ڪرڻ سان اهو نتيجو سامهون اچي ٿو ته وينزويلا جو بحران هڪ رخو ناهي. هڪ طرف آمريڪي سامراجيت، معاشي پابنديون ۽ سياسي مداخلت آهن ته ٻئي طرف وينزويلا جي حڪومت جون به اندروني ڪمزوريون، بدانتظامي، بدعنواني ۽ معاشي پاليسين ۾ غلطيون موجود آهن، پر انهن اندروني مسئلن کي پرڏيهي مداخلت کان الڳ ڪري نٿو ڏسي سگهجي، ڇاڪاڻ ته مسلسل دٻاءَ هيٺ ڪا به معيشت يا رياست مستحڪم رهي نٿي سگهي.