بلاگنئون

ڪلڪتي ۾ ڊاڪٽر موميتا جي حيوانيت ڀرئي قتل ۽ دنيا ۾ ڏک جي لهر…

ڊاڪٽري پيشي کي مسيحائي پيشو سمجھڻ ڪري دنيا ۾ ڊاڪٽرن جي عزت احترام ڪندي سماج ۾ کين “ڊاڪٽر صاحب” جي معتبر لفظن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ڀلي پوءِ جعلي عطائي ڊاڪٽر ڇو نه ھجن، پر ھن ڀڳواني پيشي سان سلھاڙيل ھجڻ ڪري کين عزت سان ڏٺو وڃي ٿو. اسان وٽ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ ڊاڪٽر صاحبان جن ۾ مرد يا عورت ڊاڪٽر اچي وڃن ٿا تن جو وڏو مان رھيو آھي. شاگرد طبقو ڊاڪٽري پيشي کي عزت جي نظرن واري اھميت سان ڏسڻ ڪري “ڊاڪٽر” ٿيڻ کي اوليت ڏين ٿا.
پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ھندوستان جي اولھ بنگال جي گاديءَ وارو تاريخي شھر ڪلڪتو Kolkata وڏي آبادي رکندڙ ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهن جي گهڻائي وارو فن، فنڪار، اداڪاري، فلمي ۽ صنعتي شھر طور مشھور آھي جنهن جي “راڌا گوبند ڪر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال” ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو رونما ٿيو آھي. بريڪنگ خبرن ۽ رپورٽن موجب، ھن ڏکوئيندڙ ڏوھ ۾ ھڪ نياڻي “ڊاڪٽر موميتا ديڀناٿ” سان 8 ۽ 9 آگسٽ جي رات واري شفٽ ڊيوٽي دوران جڏھن ھن پنهنجن ٻين ساٿي ڊاڪٽر عملي سان رات جي ماني کاڌي ۽ پنهنجو فرض به نڀائيندي رھي ته کيس ٿوري دير آرام ڪرڻ لاءِ اسپتال جي سيمينار ھال ۾ وڃي ننڊ جو جھوٽو ڪيو، تڏھن تاڙ ۾ رھندڙ يا رھندڙن طرفان مٿانئس جنسي حملو ڪري سخت تشدد ڪري خون ڪري ڇڏيو آھي. ڪلڪتا پوليس ھن سُٽ کي سلجھائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ٿي وئي آھي جنھن ۾ ھڪ شخص جي گرفتاري ظاهر ڪندي معاملي جا وڌيڪ پيرا کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ڇو جو کين شڪ آھي ته ھي سخت ھانءُ ڏاريندڙ واردات ھڪ شخص جي نه پر ٻين جي ملوث ھجڻ جو پتو ڏئي ٿي.
ڪلڪتي جي اسپتال ۾ سکيا وٺندڙ ڊاڪٽر موميتا جھڙي انساني خدمتگار نياڻي مسيحا سان ھن قسم جي غير انساني وحشياڻي عمل (جنھن کي گينگ ريپ جو به نالو ڏنو پيو وڃي) سبب ڪلڪتي سان گڏ سموري ھندوستان ۽ ڪيترن ملڪن جي شھرن ۾ ڊاڪٽري پيشي سان واسطو رکندڙ هڪ فرض شناس نياڻي سان ٿيل گناھ ۽ سخت تشدد سان خون ڪري ڇڏڻ تي ڪاوڙ ڀريا مظاهرا شروع ٿي ويا آھن. ميڊيا خاص طور سوشل ميڊيا پاران ھن قسم جي خوني عمل تي بيان رپورٽون ۽ مظاھرن جي ڪوريج ڏيڻ ڪري ھندوستاني حڪومت جي امن امان واري پت وائکي ڪري ڇڏي آھي.!
ڊاڪٽر، پيرا ميديڪل اسٽاف، انساني حقن جون تنظيمون، سماج سڌار، سول سوسائٽي، توڙي سينئر سٽيزنس طرفان پنھنجي غم ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڊاڪٽر موميتا جي عزيزن ۽ سوسائٽي سان يڪجھتي ڪندي احتجاج ڪرڻ لڳا آھن. انڊيا ۾ سوڳ درد، ڪاوڙ، مايوسي بدامني ۽ بيچيني جو عالم نروار ٿيڻ لڳو آھي. جنھن ۾ خاص طور ڊاڪٽرن جي زندگين جو تحفظ ڪرڻ سان گڏوگڏ موميتا ڪيس ۾ اصلي وحشين جي گرفتاري جو مطالبو زور وٺي ويو آھي.
ھن عوامي سخت رد عمل تي ڀارت جون سياسي پارٽيون عوام جي ڪاوڙ ڀريي موڊ کي ڏسندي پاڻ به انصاف جو مطالبو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. ممتا بينرجي جھڙي سياسي اڳواڻ حڪومت ۾ رھندي ڪلڪتي جي عوام کي پرامن رھڻ جا ڀاشن ڏنا آھن، پر عوام خاص طور ڊاڪٽري پيشي سان واڳيل عملي ۾ سخت ڪاوڙ ۽ مايوسي ڏٺي وڃي ٿي.
ھن وحشياڻي ڏوھي خونخوار قدم تي خاص ڪري جيڪي نياڻيون رات واري شفٽ ۾ ملازمت ڪن ٿيون جن مان ڊاڪٽري شعبي سان واسطو رکندڙ نياڻين جا عزيز والدين پريشان ٿي ويا آھن. ھندوستان جي شھر ڪلڪتي ۾ ٿيل واقعي جھڙيءَ ريت 31 سالن جي نياڻي سان بربريت وارو جنسي عمل کانپوءِ کيس وحشياڻي طريقي سان قتل ڪيو ويو آھي تنھن تي سماج ۾ ھڪ قسم جي ڳڻتي ۽ بدامني جو خوف طاري ٿي چڪو آهي جيڪو انڊين سرڪار لاءِ فڪر جو باعث بڻجي چڪو آھي.
رابندر ناٿ ٽئگور جي سر زمين بنگال انڊيا جي مشھور سياسي حڪومتي اڳواڻ ممتا بينرجي جيڪا پاڻ شاعره، ليکڪا ۽ پينٽر آھي ان سميت ڪانگريس جي رھنمائن ۽ ٻين سياسي سماجي انساني تنظيمن ڊاڪٽرياڻي موميتا جي خون جو نوٽيس وٺندي مذمت ڪئي آھي. مطلب ته ھنن جو رد عمل صحت کاتي جي ھڪ اسپتال اندر ڊاڪٽرياڻي سان ٿيل خوني واردات سبب ڏک، صدمي ۽ غصي ۾ ٻڌايو ٿو وڃي.
ھندوستان ۾ ٿيل ھن تازي گناھ تي دنيا جي مظلوم انسانن طرفان ڏک وچان مذمت جو سلسلو جاري ٿي ويو آھي، جيڪي ڊاڪٽري پيشي جي عظمت جي بچاءُ ۽ احترام لاءِ آواز اٿاري سندن جاني مالي حفاظت جو مطالبو ڪرڻ لڳا آھن. ھن قسم جي وحشت ڪنھن به سڌريل معاشري ۾ قطعن قبول نٿي ڪري سگهجي، جنھن لاءِ اھڙن جنسي واقعن جي روڪٿام توڙي ان جي سببن تي ويچارڻ به ضروري سمجهيو وڃي ٿو. انسانيت جي ناتي ڊاڪٽرياڻي مميتا سان ٿيل دردناڪ عمل تي ڏک جو اظھار ڪندي مذمت ڪجي ٿي. اميد ته ھندوستاني سرڪار مظلوم خاندان ۽ ڊاڪٽرن جي تنظيم جي گهرجن/مطالبن جو جلد پورائو ڪندي.