بلاگنئون

بارشون ٻوڏ جو هڪ واضح ۽ خوفناڪ پيغام

پاڪستان ۾ گذريل مون سون جي برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ هڪ واضح ۽ خوفناڪ پيغام ڏياريندڙ هئي ته تبديل ٿيندڙ موسم مستقبل ۾ وڌيڪ تباهي آڻيندي ۽ رياست وقت سر ڪي جوڳا اپاءُ وٺي. گڏيل قومن جي جاري ڪيل رپورٽ به خبردار ڪيو هو ته نظام بهتر ڪيو ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ کي محفوظ بڻايو. 2023 ۾ بارشن جي گهڻائي جي ڪري ڪجھ علائقا پاڻي هيٺ رهيا ۽ ڪجھ علائقا وري وڏي ٻوڏ واري صورتحال سبب تباهي جو شڪار ٿيا. پاڪستان ۾ گذريل آگسٽ 2023 ۾ قومي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو هو، وڏي ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ مون سون برساتن جي ڪري ملڪ جو ٽيون حصو گهٽ ۾ گهٽ پاڻي هيٺ رهيو. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، اقوام متحده 9 جنوري 2024 تي جنيوا ۾ موسمياتي ڏمرن تي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي، جنهن ۾ دنيا اندر تبديل ٿيندڙ موسميات جي نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف شين تي غور ڪيو ويو هو. گڏيل قومن جي معاونت سان ڪيل مختلف مطالعاتي ۽ تحقيقي ڪمن مان حوالو ڏيندي ڪجھ شيون عام ماڻهن تائين پهچايون ويون، پر انديشو اهو به آهي ته هيل به ايندڙ بارشون ملڪ ۾ تباهي مچائي سگهن ٿيون. رپورٽ مطابق موسمياتي تبديليون ۽ مسلسل گرمي جو پد هڪ وڏو خطرو قرار ڏنو ويو آهي. تحقيقي رپورٽن ۽ موسمياتي تبديلين جي وقتي تنبيهه جي باوجود به دنيا جي رياستن ڪي خاطر خواهه قدم نه کنيا آهن جنهن سبب وڏيون تباهيون ڏسڻ ۾ آيون ۽ اينديون جيڪي اڃان به وڌيڪ ٿيڻ جو انديشو ۽ امڪان آهي.
رياستن جي ناڪامي تي افسوس ضرور آهي ته اهي ڪاربن جي اخراج کي گهٽائي نٿيون سگهن ۽ موسمياتي ايمرجنسي لاڳو نه ڪري سگهيون آهن، لاڳاپيل ترقي يافتا ۽ ترقي پزير ملڪ به ڪو اهڙو ترت اپاءُ ناهن وٺي سگهيا، جنهن مان اها ڳالھ سمجهي سگهجي ته موسمي تبديلين کي ڪنهن صورت منهن ڏئي سگهبو. بين الاقوامي رپورٽ مطابق دونهين جي خارج ٿيڻ ۽ تيل جي ٻارڻ جي استعمال کي گھٽائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو آھي. هيل تائين ڪنهن صورت پيٽرول، ڊيزل، گيس، ڪوئلي، فرنيس آئل، ڪاٺين جا ٻارڻ، مال جي ڇيڻي جا ٻارڻ، جهنگن جون اڻ مندائتيون باهيون، فيڪٽرين جا دونهان، صنعتن جو ڏينهن رات هلڻ، ٽريفڪ جي دونهين جي پيھ وغيره وغيره گهٽايا ناهن ويا. حيرت اها به آهي ته ترقي يافتا ملڪ ترقي ڪندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ لاءِ انساني ٺاھيل موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ناهن ٿيا، جن جي صنعتي ترقي غريب ملڪن اندر خشڪي، ٻوڏ ۽ سخت موسمن جو سبب بڻجن ٿا.
گڏيل قومن جي رپورٽ ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن جي هڪ تازي مطالعي جو حوالو پڻ ڏئي ٿي، جنهن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته گرمي جي لهر 2060 جي ڏهاڪي تائين تمام وڌيڪ گهڻي ٿي ويندي. ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن هڪ گڏيل قومن جي موسمياتي ايجنسي جي مطابق موسمن جي تبديلي سخت سردي ۽ سخت گرمي هوندي، جنهن جا سبب ترقي يافتا ملڪن جي تيز ترقي به آهي، جنهن جي لاءِ ماحولياتي گدلاڻ ۽ آباديءَ جي پيھ گهٽائڻي پوندي. بدلجندڙ آبهوا سرد ۽ گرم موسمن جي لاءِ سنگين خدشا وڌائي ٿي، جنهن جي لاءِ رپورٽ وڌيڪ خبردار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي اهڙي رپورٽ گرين هائوس گيسن جو به حوالو ڏئي ٿي، جنهن ۾ ٽن خاص گيسن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽرس آڪسائيڊ ۽ ميٿين جي رڪارڊ سطحن جو تفصيل ڏنل آهن، جنهن ۾ 40 سالن اندر هر سال انهن گيسن جي وڌاءَ ۾ وڏو اضافو ٿيندو رهيو آهي، جيڪو انساني زندگي سان گڏ پاڻي ۽ خشڪي جي جيوت لاءِ به وڏو هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي. جيڪو موسمي تبديلين جا اڻ ڳڻيا سبب بڻيو آهي، جنهن کي انساني روزمره جي زندگي، معاشي، معاشرتي سرگرمين ۽ تبديلين جا بنيادي عنصر مڃيو وڃي ٿو. ان ڪري انهن سڀني ثبوتن ۽ نتيجن کي ڏسي گهٽ ڪاربن واري معيشت ڏانهن هڪ شفٽ جي فوري ضرورت آهي ته امير ملڪ جلدي ان شيءِ تي ڌيان ڏين ۽ هڪدم اپاءُ وٺن.
دنيا جي وڏين معيشتن يوڪرين ۽ فلسطين ۾ جنگي حالتن کي توانائي جي بحرانن جو واضع ثبوت سڏيو آهي، جنهن ۾ رياستن جي لاءِ پراڻن پاور پلانٽن کي ٻيهر کولڻ ۽ نون تيل ۽ گئس فراهم ڪندڙن ذخيرن جي ڳولا ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. گڏيل قومن جي اهڙي رپورٽ امير قومن کي ياد ڏياريو آهي ته جيڪڏهن اهي ماضيءَ ۾ توانائي ۾ سيڙپڪاري ڪن ها ته اهي تيل جي مارڪيٽ جي قيمت جي عدم استحڪام کان بچي سگهن ها. گهريلو مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ آبهوا جي عمل کي هڪ طرف رکڻ جو دليل به ڳرو آهي، ڇو ته صاف ۽ صحتمند ماحول تائين پهچ به هڪ عالمي انساني حقن ۾ شامل آهي. عام طور تي ماحولياتي ناانصافين کي گهٽائڻ، ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ماڻهن کي ماحولياتي آفتن کان محفوظ رهڻ ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ وقت سر مدد فراهم ڪري ٿو. نومبر 2023 ۾ مصر ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي ڪانفرنس ۾ هڪ فنڊنگ ميڪينزم قائم ڪيو ويو هو ته جيئن غريب ۽ معاشي طور تي ڏتڙيل قومن کي موسمياتي آفتن جي ڪري ٿيل نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي، ڇو ته غريب ۽ معاشي طور ڪمزور قومون ڏهاڪن کان اهڙي تحفظ جي لاءِ واجهائينديون رهيون آهن. بهرحال، امير ۽ غريب ملڪن کي ٻين اهم مسئلن سان گڏ دونهين کي ختم ڪرڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي 1.5 سينٽي گريڊ تائين گهٽائڻ جي ضرورت تي زور ڏيڻو پوندو.
هاڻي ملڪ جي وڏي حصي ۾ جاري برساتن ۽ نتيجي ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي هڪ اهڙي ايمرجنسي جو اعليٰ مثال آهي، جنهن کي ڪو رياستي ادارو منهن نٿو ڏئي سگهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سڄي قوم گڏ ٿئي. تنهنڪري اسان جي اڳواڻن کي به رياستي سياست جي غمن کان علاوه هن وقتي درد کي به محسوس ڪرڻو پوندو. مثال 2023 جي ٻوڏ ۾ ان وقت جي وزيراعظم کي سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هيلي ڪاپٽر مان کاڌي پيتي جا پارسل اڇلائيندي ڏٺو ويو هو. هڪ ٻي وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو هو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو به شهباز شريف سان گڏ سکر ۾ قائم امدادي ڪيمپ ۾ وڃي رهيا هئا. سچ پڇو ته انهن ليڊرن ان وقت به پنهنجي فرضي ڪم ۾ دير ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته ان وقت ٽن چئن هفتن کان شديد برسات ٿي رهي هئي، پر اهي اڳواڻ به ڄڻ ڪنهن تباهيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ان ڪري انهن اڳواڻن کي اها وضاحت ڪرڻي پوندي ته ايترن ڏينهن کانپوءِ اهي دوري تي ڇو نڪتا هئا ۽ انهن فوج کي مدد لاءِ دير سان ڇو گهرايو ۽ اڳ ۾ ڇو نه گهرايو ويو؟ ان سان گڏ جڏهن ته سڄي ملڪ کي خبر آهي ته اسان جا ڪجھ سياسي اڳواڻ ڪيترا امير آهن، پر اهي پنهنجي کيسي مان هڪ رپيو خرچ رکڻ کانسواءِ چندي جي اپيل ڪري رهيا هئا، جيتوڻيڪ اهي خاموشي سان فنڊ ڏئي پئي سگهيا. جيڪڏهن اهي محسوس ڪن ٿا ته ٻوڏ متاثر ماڻهن سان ملڻ ۽ پاڻيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ کاڌي پيتي جا پارسل موڪلڻ سٺو ڪم آهي ته هو پنهنجي کيسي مان عطيو به ڪري سگهن پيا ته جيئن سماج جا ٻيا امير ماڻهو به ان جو مثال ڏئي سگهن.
ان وقت مير منور ٽالپر کي پئسا ورهائيندي ڏيکاريو ويو ته هو بي گهر ماڻهن جي مدد ڪري رهيو هو. اهو ان ڪري جو هن کي شايد لڳو ته هي وڏو سخي مرد آهي يا اهو هن کي پاڻ مرادو محسوس ٿيو هجي ته اهڙي پئسي سان شايد ڪجھ ماڻهن جو خيال رکي سگهجي ٿو پر اها وڊيو شايد هڪ تماشو هئي، جيڪا نه ٿيڻ کپي ها. هن فورن پنجاھ پنجاھ جا نوٽ ڪڍيا ۽ ماڻهن ۾ ورهائڻ شروع ڪيا. ان وقت سنڌ صوبي جي وڏي حصي وانگر، ڏکڻ پنجاب جا ڪيترائي ضلعا ٻڏي رهيا هئا، اتي ماڻهن کي شڪايت هئي ته امدادي ڪم نٿو ٿئي. ان وقت نون ليگ کي پنجاب صوبي ۾ شڪست به ملي هئي، ان جو سبب اهو به هو ته نون ليگ جو ڪو به اڳواڻ ڏکڻ پنجاب جي ڪنهن به حصي ۾ اهڙي ڪم ۾ مشغول نه هو يا ڪنهن به نه ڏٺو هوندو ته ڪو انهن جو اڳواڻ انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ نڪتو به هجي، جنهن ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي هجي يا شايد نون ليگ جي هارائڻ جو سبب به اهو هو ۽ نون ليگ وارن کي ڪڏهن به ڪنهن به طريقي ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ بارشن يا زلزلن جي ڪري ٿيل تباهين سبب ڪڏهن به ايڪٽو ناهي ڏٺو ويو، جو انهن ماڻهن جي همدردي ڪئي هجي يا جن جا گهر ڊهي پيا هجن ۽ انهن جي مدد لاءِ اڳتي آيا هجن. هر برسات ملڪ جي ڪنهن به صوبي تباهي ڪئي بنا گذري نه ٿي، جنهن ۾ گهڻي تباهي ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ٿئي ٿي، جتي حڪومت جون ڪوششون پوريون ساريون هونديون آهن، اها ڳالھ به مڃون ٿا ته رياست شديد اندروني ۽ بيروني دٻاءُ کي منهن ڏئي رهي آهي، پر بارشن جي تباهيءَ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾ گذريل سال 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا هئا جن جو اڃان تائين تدارڪ ناهي ٿيو، جيڪي انگ اکر حيرت ۾ وجهندڙ آهن ته اهي ماڻهو انهن بارشن سبب بي گهر ته ٿيا، پر انهن ٻين مصيبتن کي به منهن ڏنو جنهن ۾ بيماريون، وبائي مرض، بي روزگاري، بدحالي ۽ سهولتن جي اڻهوند به شامل آهن، هيل به ساڳيو ئي حشر آهي، پر رياستي بي حسي ڏسڻ جهڙي آهي جيڪي شايد ان انتظار ۾ آهن ته تباهي ٿئي ۽ اهي انگ اکر گڏ ڪري بين الاقوامي طور وري چندا گڏ ڪري سگهن.