لڳي وئي دل جي بيماري
1994ع دوران حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ دل جي مرض ۽ ان جي احتياطي اپائن بابت هڪ سيمينار منعقد ٿيو هو. تڏهوڪو سيڪريٽري هيلٿ ڊاڪٽر ڪامل راڄپر ان سيمينار جو خاص مهمان هو. سيمينار ۾ دل جي بيمارين جا نامور اسپيشلسٽ پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهڻ لاءِ آيل هئا، انهن ڏينهن ۾ منهنجي امڙ به دل جي تڪليف ۾ مبتلا هئي. ڪنهن ڊاڪٽر دوست جي معرفت مون به سيمينار ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي هئي. موضوع خشڪ ضرور هو پر هوٽل جي خوبصورتي ۽ سدا بهار ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جي موجودگيءَ ماحول توڙي سيمينار کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو هو. سيمينار ۾ جيڪي متاثر ڪندڙ ڳالهيون ٿيون تن ۾ ٻڌايو ويو ته دل جو ڪم هاڻي صرف جسم جي مختلف حصن ڏانهن خون ئي پهچائڻ نه رهيو آهي پر ان جي چوڌاري اهڙا گهرڙا به آهن، جن ۾ دماغ جيان سوچڻ جي سگهه به هجي ٿي. گهڻو کائڻ، پيئڻ، شراب، شباب، سگريٽ نوشي توڙي ٻين نشن واپرائڻ جو بيحد استعمال دل کي نقصان پهچائي ٿو، ان کانسواءِ هروڀرو جي پريشاني، ڳڻتي، ڊپ، خوف ۽ سوداءُ به دل کي جهورڻ جو ڪارڻ آهي. جنهن جي نتيجي ۾ موت واقع ٿئي ٿو. عشق محبت ۾ آسرا، ايلاز ۽ منٿون، بي وفايون ۽ بي قراريون دماغ جي سگهه کانپوءِ دل جي ڌڙڪڻ کي گهڻو تيز ڪرڻ، بلڊ پريشر کي ڊسٽرب ۽ ٻيا به اهڙا مامرا دل جي نازڪ نرمل ۽ پرڪشش انساني روپ کي بجاءِ خوشي ڏيڻ جي غم ۽ پريشانيءَ تبديل ڪريو ڇڏين. گهٽ آمدني ۽ وڌيڪ خرچ، گهرو حالات، دفتري معاملات، ياري دوستي، برادرين ۾ جهڳڙا، مال متاع ٺاهڻ جو حرس، اڻ سهپ، ساڙ ۽ تعصب، اولاد جي بي راهه روي ۽ ٻيا ڪارڻ به دل جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ ان جي تڪليف جو باعث بڻجن ٿا. ڪنهن ڊاڪٽر جو اهو به چوڻ هو ته پيار محبت دوستي ۽ قرب دل کي خوش رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن.
سيمينار ۾ مهمان خاص جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر راڄپر پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته دل جي مرض جا ڪجهه سبب دفتري مامرا، تحقيقاتي ادارن پاران جانچ پڙتال يا وزارتن تان هٽجي وڃڻ به آهي. هن چيو ته اڪثر بينڪرن جو موت دل جي دوري سبب ٿيو آهي ڇو ته بينڪرن جي دل نازڪ ٿئي ٿي ۽ ان جي چوڌاري دولت جا انبار هجن ٿا. ذهني دٻاءُ ۾ جنهن ۾ پورهيتن جي يونين، نوڪر شاهي ۽ سياستدانن جا داٻا ۽ دڙڪا به هجن ٿا. جيڪي دل جي مرض جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
سيمينار جي ختم ٿيڻ کانپوءِ شريڪ ٿيندڙ دوستن جو اهو به چوڻ هو ته دل جي مرض جي دوائن جون قيمتون به آسمان سان ڳالهائي رهيو آهن، تڏهن مرحوم الهڏني نوناري جو ڳايل ڪلام ياد اچي ويو ته؛
لڳي وئي دل جي بيماري خبر
ناهي ته ڇا ٿيندو؟
***

