اها جديد سماج جي عجيب حقيقت آهي ته اسين رڳو ڪجهه مخصوص شعبن کي “تخليقي” سڏڻ جو اعزاز ڏيندا آهيون. ڪنهن فنڪار، اداڪار يا ليکڪ کان پڇو ته هو ڇا ڪندا آهن ته تخليق جو لفظ هڪدم سامهون اچي ويندو، پر هڪ اڪائونٽنٽ، وڪيل يا ڊاڪٽر لاءِ ائين گهٽ ئي ٿيندو. جڏهن ته سچ هي آهي ته ڪاميابي ڪنهن به شعبي ۾ هجي، ان ۾ تخليقي سوچ بنيادي ڪردار ادا ڪندي آهي. ڪنهن قانون جي نئين تشريح يا ڪنهن بيماري جي غير معمولي تشخيص سڀ ان وقت ممڪن ٿينديون آهن، جڏهن ذهن معمولي سوچ کان هٽي ڪجهه غير معمولي سوچي.
اڪثر ماڻهن لاءِ، تخليق بابت ڳالهائڻ به اهڙو شوق آهي، جيڪو هو برداشت نٿا ڪري سگهن. گهڻا روزگار اهڙا آهن، جتي هڪ ئي ڪم کي ورجايو وڃي ٿو، جتي نئون سوچڻ لاءِ نه وقت آهي نه گنجائش. ان جو نتيجو اهو آهي ته ماڻهو ذهني آرام لاءِ هڪ ئي رستي تي هلندا وڃن ٿا، بنا ڪنهن سوال، بنا ڪنهن تبديليءَ جي.
اهڙي صورتحال ۾، تعجب جي ڳالهه ناهي ته اميرن ۽ غريبن جي وچ ۾ وڇوٽ وڌندي وڃي ٿي. هڪ گروهه وٽ نوان خيال سوچڻ ۽ تجربا ڪرڻ جي آزادي هوندي آهي. جڏهن ته ٻيو گروهه صرف پنهنجو وجود قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهي ٿو. اهو ڪو اتفاق ناهي ته دنيا جا گهڻا انقلابي، سياستدان هجن يا واپاري، خوشحال خاندانن مان اچن ٿا. موجوده نظام خلاف آواز اٿارڻ صرف بهادري نه، پر ان اعتماد سان ڀرپور عمل آهي ته جيڪڏهن ناڪام ٿي ويا ته به سنڀالي وٺڻ وارو ڪو آهي.
تخليقي طور سوچڻ ۽ تجسس کي پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ شامل ڪرڻ، اڄ جي دنيا ۾ سڀ کان اهم فرق بڻجي ويو آهي ۽ جيڪڏهن بالغن لاءِ تخليق جي کوٽ افسوسناڪ آهي ته ٻارن لاءِ ته اها صورتحال مڪمل طور ناقابلِ قبول آهي. تعليم مان تخليق کي ڌار ڪرڻ، تعليم کي بي قدر بڻائڻ برابر آهي. اڄ جي دور ۾، جتي هر قسم جي ڄاڻ صرف ڪجهه ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي، اتي سکيا صرف معلومات جي منتقلي تائين محدود نه هجڻ کپي. استاد جي ضرورت ان ڳالهه لاءِ ناهي ته هو ٻارن کي ٻڌائي ته اينٽارڪٽيڪا ڪٿي آهي يا پانِي پت جي جنگ ڪڏهن ٿي هئي. اهي ڳالهيون ٻار پاڻ به انٽرنيٽ تان معلوم ڪري سگهن ٿا.
تعليم هاڻي اها هجڻ گهرجي، جيڪا ٻار جي خيالن کي، دنيا بابت سندس نظرئي کي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه، سندس سڃاڻپ کي بڻائي ۽ سنواري. مخصوص طبقي لاءِ سوچڻ جي آزادي ۽ باقي لاءِ پگهار جو پريشر، اليٽ پرائيويٽ اسڪولن ۾، جتي ٻارن کي تعليمي نصاب کان ٻاهر سوچڻ جي اجازت آهي، جتي “ميڪرسپيسز” موجود آهن، اتي ٻارن کي “ڪيئن سوچجي” سيکاريو وڃي ٿو، نه صرف “ڇا سوچجي.” اهي ٻار استاد جي ڳالهه تي سوال ڪن ٿا، پنهنجا خيال ظاهر ڪن ٿا ۽ ان عمل ۾ خود اعتمادي حاصل ڪن ٿا، جيڪا سندن مستقبل کي سنواريندي آهي. ان جي ابتڙ، سرڪاري اسڪولن ۾، خاص ڪري غريب يا شهري گهٽ وسيلن وارن علائقن ۾، ٻارن کي رڳو رٽو هڻايو وڃي ٿو. استاد جي ڳالهه حرفِ آخر سمجهي ويندي آهي. ڪوبه اختلاف برداشت نه ڪيو ويندو آهي، تخليق لاءِ جاءِ ئي ناهي. ڇو ته مقصد آهي صرف امتحان پاس ڪرڻ. اهڙي ماحول ۾ تخليق ختم ٿيندي وڃي ٿي ۽ تجسس هڪ اهڙي “فالتو شيءِ” بڻجي وڃي ٿي، جيڪا سسٽم کي تڪليف ڏئي سگهي ٿي. سڌاري لاءِ تخليق ضروري آهي، صرف اميرن جي ٻارن لاءِ نه، سڀني ٻارن لاءِ.
هڪ غير مساوي تعليمي نظام ۾، رڳو ڪجهه مخصوص ٻارن کي تخليقي سوچ جي آزادي ملي ٿي. جڏهن ته باقي ٻار سخت محنت سان به انهيءَ سطح تي نٿا پهچي سگهن، ڇو ته انهن کي “سوچڻ جي آزادي” ئي ناهي ڏني وئي. هتي“Ah! Aha! HaHa!” جي اصولن کي ٻيهر هر ڪلاس روم ۾ واپس آڻڻ جي ضرورت آهي:
“آه!” تجسس جو اهو لمحو، جڏهن ٻار ڪنهن نئين سوال تي حيران ٿئي ٿو.
“آها!” اهو لمحو، جڏهن هو سمجهي ٿو ۽ جواب لهي ٿو.
“هه هه!” سکيا جو اهو لطف، جيڪو هو دل سان محسوس ڪري ٿو.
تخليق لاءِ پئسو نه، سوچ جي تبديلي گهرجي، اها به غلط فهمي آهي ته تخليقي تعليم مهانگي هوندي آهي. سادي مواد سان سستن تجربن ۽ وسيلن سان اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهي ٿو. مالي ڄاڻ لاءِ رڳو جعلي نوٽ يا راند به ڪافي آهي. رياضي ته صرف نشانيون آهن ۽ انهن مان هڪ نشاني اڻ کٽ (∞) به ڏيکاري ٿي. ٻارن کي نيون ڳالهيون سکڻ لاءِ وڏين ليبارٽرين جي نه، پر آزادي جي ضرورت آهي.
تخليق لاءِ، صرف هڪ سادي اجازت کپي ته: “سوچ! تجربو ڪر! ۽ ناڪاميءَ کان نه ڊڄ”! اوهان جا يادگار سبق ڪهڙا هئا؟ ڪنهن به شاگرد کان پڇو ته سندن يادگار تعليمي لمحو ڪهڙو هو ته جواب ۾ نصاب نه، پر استاد جي ڪنهن الڳ انداز يا بي ترتيب سبق جو ذڪر ايندو. مون لاءِ، اهو انگريزي جو ڪلاس هئي، جتي اسان نان سينس شاعري لکي. ڪيميسٽري جي ليب هئي، جتي اسان جو تجربو عمارت خالي ڪرائي ويو ۽ معاشيات جو استاد، جنهن هڪ ڏينهن معمول جي سبق کي ڇڏي سسٽم خلاف هڪ متاثر ڪندڙ تقرير ڪئي ۽ آخر ۾ چيو:
“هميشه ‘انهن ماڻهن’ کان خبردار رهو، جيڪي توهان کي سوچڻ نه ڏين.” اهو سبق شايد نصاب مطابق نه هو، پر ان سان گڏجي، اسان کي يقين ٿيو ته ڪو اسان جي پويان بيٺو آهي، جيڪو چاهي ٿو ته دنيا اسان کي بي سوچيءَ سان نه ڳهي وڃي.
آخري سوچ-تخليق کانسواءِ تعليم اڌوري آهي: تخليق نه صرف سکيا جي خوبصورتي آهي، پر ان جو مرڪز آهي. جيڪڏهن اسين پنهنجن ٻارن کي صرف امتحان لاءِ تيار ڪري رهيا آهيون ته اسين مستقبل لاءِ تياري نه ڪري رهيا آهيون. ڇا اسين اهو نٿا چاهيون ته هر ٻار کي اهو احساس ٿئي: “مان سوچڻ جي سگهه رکان ٿو. مان تبديلي آڻي سگهان ٿو. مان دنيا کي مختلف طريقي سان ڏسي سگهان ٿو.” جيڪڏهن ها ته پوءِ اسان کي تخليق کي تعليم ۾ واپس آڻڻو پوندو ۽ ها، اهو هر ٻار جو حق آهي، چاهي اهو امير هجي يا غريب.