ڇا اليڪشن 2024 ۾ مخدوم خاندان جي سامهون نئين سياسي قوت مقابلو کٽي سگهندي؟
ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن جي لحاظ سان مٽياريءَ ۾ بہه تياريون شروع آھن. پي پي طرفان ٽڪيٽن خاص طور پي ايس 57 جي ٽڪيٽ تي وڏيون دعوائون ۽ اعلان مختلف ڌرين طرفان ٿيندا رھيا. نيٺ اعلان ٿي ويو ۽ ضلعي جون ٽئي ٽڪيٽون مخدوم فيمليءَ جي حوالي ڪيون ويون آھن.
اڄ اچو تہه ماضيءَ جي سڄي سياست جو جائز وٺون:
مٽياريءَ جي موجوده ضلعي ٿيڻ کان پھرين بہه ھتي ٻہه ڌريون ھڪ ٻئي سان سياسي طور مقابلي ۾ رھنديون آيون آھن. مخدوم ۽ ڄاموٽ فيملي سدائين پاڻ ڊائريڪٽ يا پنھنجي حمايت يافتہه اميدوارن ذريعي ھڪ ٻئي جي سامھون رھيا آھن. مخدوم فيمليءَ جي طاقت مرشداڻي گادي ۽ ملڪ جي وڏي عوامي پارٽي پيپلزپارٽي رھي آھي. ان سان گڏ سندن صدين کان ھلندڙ سياسي حڪمت عملي رھي آھي. جڏھن تہه ڄاموٽ فيمليءَ جي طاقت سندن انتھائي بااثر ھئڻ رھيو آھي. ذوالفقار علي شاھه ڄاموٽ ماضيءَ ۾ مسلسل سينيٽر رھڻ سميت اقتدار جي ايوانن ۾ انتھائي اھم قوتن سان سدائين ويجھو رھيو.!
باوجود ٻنھي خاندانن جو ھميشہه سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ جي ھن ٻنھي جا ھڪ ٻئي سان ذاتي دشمني يا جھيڙو نه رھيو ۽ ڪڏھن بہه اليڪشن دوران ڪو جھيڙو يا فساد نہه ٿيو. بلڪہه ھڪ ٻئي جي شادين غمين ۾ تمام سرگرم ۽ شانائتي شرڪت رھندي اچي.
ضياءَ جي مارشل لا دوران ٿيل غير جماعتي چونڊن ۾ ملڪ جي وڏي سياسي اتحاد ايم آر ڊي، جنھن جو پي پي اھم حصو ھئي، ان جي بائڪاٽ سبب مخدوم فيملي 1985 جي چونڊن ۾ حصو نہه ورتو ۽ ڄاموٽ جي قيادت ۾ قومي اسيمبلي ۾ سيد شھاب الدين شاهه حسيني ۽ صوبائي اسيمبليءَ ۾ سيد شفقت شاھه ڄاموٽ چونڊجي آيا. ان وقت شھاب الدين شاهه حسيني جو مقابلو ھالا جي منظور ميمڻ سان ھو. روايتن ٻڌائڻ وارا ٻڌائين ٿا تہه ان وقت مخدوم فيملي چونڊن جي بائڪاٽ تي سخت عمل ڪيو. ان جو بنيادي سياسي سبب اھو ھو تہه جيئن ھالا جي ووٽرن کي گھرن تائين محدود رکجي ۽ شھاب الدين شاهه حسيني آسانيءَ سان کٽي وڃي. ڇوتہه ھالا مان ڪنھن سياسي طاقت جو اڀرڻ مستقبل لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ھا.
جماعتي بنيادن تي پھرين چونڊ 1988 ۾ ٿي جنھن ۾ پي پي حصو ورتو ۽ مخدوم فيمليءَ پي پي جي طوفاني عوامي حمايت سبب آرام سان کٽي ويئي. مٽياريءَ جي سيٽ مخدوم رفيق زمان کي ملي. اھا پي پي حڪومت صرف ارڙھن مھينا ھلي.
1990 ۾ ٿيل چونڊن ۾ مٽياري ۾ ٺھيل ڄاموٽ اتحاد مان سيد پير نور شاھه ھاشمي الڳ ٿي ويو ۽ پي پي ٽڪيٽ حاصل ڪئي ۽ اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين. ساڳئي نموني 1993 جي چونڊن ۾ پڻ مٽياري سيٽ پير نور شاھه ھاشمي کي ملي.
پر 1997 جي چونڊن ۾ مٽياريءَ مان ٻه اميدوار پي پي ٽڪيٽ لاءِ ڪوششون ڪندا رھيا. پير نور شاھه ۽ سيد امير علي شاھ ڄاموٽ، پر ٽڪيٽ ھڪ دفعو وري مخدوم رفيق زمان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
مشرف جي مارشل لا سبب چونڊون 2002 ۾ ٿيون ۽ مخدوم فضل حسين مٽياريءَ جي سيٽ لاءِ ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ڄاموٽ صاحب طرفان سيد جلال شاھه ڄاموٽ چونڊ وڙھيو.
مخدوم فيمليءَ کي مخدوم فضل کي ٽڪيٽ ملڻ وارو عمل پسند نہه آيو ۽ مخدوم رفيق زمان کليل مخالفت ۽ جلال شاھه ڄاموٽ جي حمايت شروع ڪئي. روايتن بيان ڪرڻ وارا ٻڌائين ٿا تہه ظاھر ۾ تہه مخدوم رفيق زمان اڳيان ھو، پر اصل ۾ اھو سڄي فيمليءَ جو گڏيل فيصلو ھو ۽ اھڙيءَ طرح مخدوم فضل پي پي ٽڪيٽ باوجود ھارائي پارٽي قيادت کي ميسيج ڏنو ويو تہه مخدوم فيمليءَ جي فيصلي خلاف ھتان ڪوبہه چونڊ کٽي نہه سگھندو.
2005 ۾ مٽياري ضلعو قائم ٿيو ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڄاموٽ صاحب جي ويجھن واسطن ۽ سنڌ حڪومت ارباب رحيم جي ھئڻ سبب لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ مخدوم فيملي آئوٽ ٿي ويئي ۽ ذوالفقار علي شاھه ڄاموٽ جو فرزند محمد علي شاھه ڄاموٽ ضلعي جو ناظم بنا مقابلي چونڊجي ويو.
2008 ۾ چونڊون انتھائي جذباتي ۽ سوڳ واري ماحول ۾ ٿيون ڇوتہه ڪجهه مھينا اڳ پي پي جي اڳواڻ محترمہه بينظير ڀٽو دھشتگردن ھٿان شھيد ٿي چڪي ھئي ۽ سڄو ملڪ ماتمي ڪيفيت ۾ ھو. ان وقت مٽياري جي سيٽ لاءِ پي پي مخدوم امين فهيم کي ٽڪيٽ ڏني ۽ سندس مقابلو سيد تيمور شاھه ڄاموٽ ڪيو. چونڊ مخدوم امين فھيم کٽي. بعد ۾ اھا سيٽ پير امير شاھه ھاشميءَ کي ملي. ان وقت جلال شاھه ڄاموٽ نگران سرڪار ۾ شامل ھو.
2013 تائين جلال شاھه پي پي ۾ مٽياري سيٽ جي ٽڪيٽ ملڻ جي واعدي تي شامل ٿيو ھو، پر جيئن ئي 2013 جي اليڪشن جي تياري شروع ٿي تہه مخدوم رفيق زمان اعلان ڪيو تہه ھو ھتان جو اميدوار آھي.
ان دوران مختلف سببن ڪري مخدوم فيمليءَ جي ويجھن اتحادي وڏيرن ۽ بااثر فردن کانئن عليحدگي اختيار ڪئي ۽ ڄاموٽ جي قيادت ۾ جڙيل مٽياري عوامي اتحاد ۾ شامل ٿي ويا. پھريون دفعو مخدوم فيمليءَ کي حقيقي سياسي چئلينج کي منھن ڏيڻو پيو، ان جا ھيٺيان سبب ھيا:
قومي اسيمبلي تي حاجي عبدلرزاق ميمڻ، جيڪو تازو جڙيل سنڌ ميمڻ اتحاد جو سرواڻ ھو اھو چونڊ وڙھي رھيو ھو ۽ ضلعي اندر وڏي تعداد ۾ ميمڻ برادري سندن حمايت ڪئي. ھالا شھر اندر بہه مخدومن کي مشڪلاتون ٿيڻ لڳيون.
ڄاموٽ جي قيادت ۾ جڙيل اتحاد ۾ جي يو آءِ کان سواءِ رئيس نذير راھو، رئيس علي احمد نظاماڻي، وڏيرو ايوب ھنڱورو ۽ ڪيتريون ٻيون قوتون شامل ٿي ويون. مسلسل نظر انداز ٿيل عوام ۾ غم ۽ ڪاوڙ ھن اليڪشن کي اڃان وڌيڪ دلچسپ بنائي ڇڏيو.
حاجي عبدلرزاق ميمڻ نہه صرف سياسي ميدان تي، پر قانوني محاذ تي پڻ مخدوم صاحبن کي تمام گھڻو پريشان ڪيو. مخدوم امين فھيم جو فارم رد ڪرائڻ لاءِ ھن جي اثاثن جي ڏنل تفصيل کي چيلينج ڪيو ۽ انتھائي مضبوط ثبوت پيش ڪيا، پر پيرن جا پير زور ھئا ۽ ان قانوني مورچي تي سوڀارا ٿيا، پر سياسي ميدان تي مقابلو انتھائي سخت ٿي ويو.
مخدوم فيمليءَ جي سڄي سياسي سفر دوران جنھن ڳالھه کين ھميشہه مشڪلاتن کان بچايو آھي، اھو سندن ھر ڌر سان ھميشہ لاءِ رابطا بحال رکڻ شامل رھيو آھي. اھائي سندن حڪمت عملي کين سياسي راند ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿي. اھا روايت کين سڄي سياسي ميدان ۾ ھر کلاڙيءَ جي پوزيشن سمجھڻ ۽ ان پوزيشن کي پنھنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. 2013 جي ان سخت مقابلي ۾ بہه اھا شيءَ ڪم آئي.
ھر ان ڄاموٽ اتحاد جي مخالف کي پنھنجي پاسي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ جيڪڏھن سڌو پنھنجي سائيڊ ڏي نہه آڻي سگھيا تہه انھن جي ووٽ کي مخالف ووٽ تقسيم ڪرڻ جو ذريعو بنائي ڇڏيو.
مٽياريءَ مان جلال شاھه ڄاموٽ کي مخدوم فيمليءَ پنھنجو حامي بنائي ميدان ۾ لاٿو، جڏھن تہه باوجود ميمڻ جي اليڪشن ۾ بيھڻ جي برادريءَ جا اھم ماڻھو حاجي نثار ميمڻ، ماجد ميمڻ ۽ ٻيا ميمڻ پنھنجي پاسي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. نه صرف ايترو، پر سيد شاھه محمد شاھه قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ تي پنھنجا نمائندا بيھاريا جنھن سبب مخالف ووٽ تقسيم ٿي ويو.
انجي باوجود بہه اليڪشن ھڪ انقلاب جو ڏيک ڏيڻ لڳي ۽ مخدوم فيمليءَ جون مشڪلاتون گھٽ نہ ٿيون. چوڻ وارا اھو بہه چون ٿا تہه ڌانڌليءَ لاءِ ان وقت جي آر او وغيره کي ڪروڙن ۾ رقم بہه ڏني ويئي جيڪا بہه مٽياريءَ مان مخدوم صاحبن جي اتحاديءَ پنھنجي کيسي مان ڏني.!
سياسي حڪمت عملي، رشوتن ۽ ڌانڌليءَ باوجود اليڪشن جا نتيجا متنازعه بڻجي ويا ۽ حاجي عبدلرزاق ميمڻ ڌانڌليءَ جو الزام ھڻي ان کي قانوي فورم تي چيلينج ڪيو.
2015 جي لوڪل اليڪشن ۾ سيد جلال شاھه ڄاموٽ سان واعدو ٿيل ھو ضلعي چيئرمينشپ جو، پر چونڊن دوران ئي ڪوشش شروع ڪئي ويئي تہه کيس ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تان ئي ھارارائي ڇڏجي، پر جلال شاھه حاجي عبدلرزاق ميمڻ ۽ الھڏنو سچارويءَ جي ڪوششن سان بنا مقابلي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. حسب روايت مخدوم فيمليءَ چيئرمينشپ سيد جلال شاھه کي ڏيڻ بجاءِ مخدوم فخرالزمان کي ڏياري.
2018 جي چونڊن کان اڳ محمد علي شاھه ڄاموٽ پي پي ۾ شامل ٿي ويو ۽ کيس سينيٽر چونڊرايو ويو. 2018 ۾ مٽياري لاءِ پي پي ٽڪيٽ ھڪ دفعو وري مخدوم رفيق زمان کي ملي ۽ ھن دفعي انجو مقابلو سندس پراڻي اتحادي سيد جلال شاھه ڄاموٽ سان ٿيو. 2013 ۾ مقابلو ڪندڙ محمد علي شاھه ڄاموٽ پي پي ۾ ھئڻ سبب مخدوم فيمليءَ جو اتحادي ھو.
ھاڻ 2024 جي اليڪشن ۾ وڏين ڪوششن باوجود مٽياريءَ مان پي پي ٽڪيٽ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ وارن سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ، پير امير شاھه ھاشمي، علي حسين شاھه ڄاموٽ ۽ جاني شاھه حسينيءَ مان ڪنھن کي بہه ٽڪيٽ نہه ملي ۽ ٽڪيٽ ھڪ دفعو وري مخدوم فيمليءَ پاڻ وٽ رکي ۽ مخدوم رفيق زمان جي فرزند سابق ضلعي چيئرمين مخدوم فخرالزمان کي ڏني ويئي آھي.
مون مٿي مخدوم صاحبان جي سياسي حڪمت عملين متعلق چيو تہه ھنن سدائين سڀني ڌرين سان بھتر رابطا رکي انھن کي وقت اچڻ تي سھڻي نموني پنھنجي حق ۾ ميدان ۾ لاٿو آھي.! 2013 ۾ سيد جلال شاهه، 2018 ۾ سيد محمد علي شاھه ڄاموٽ ۽ 2024 ۾ شايد امير شاھه ھاشمي.!
2024 جي اليڪشن 2013 وارو طوفان بڻجي سگھندي يا نہه.؟ وڏيري ايوب ھنڱوري ۽ عرضي ھڪڙا جي چيئرمين جي بغاوت، سيکاٽ جي سمن ۽ اڏيري جي سيد مشتاق شاھه جون ناراضگيون، موٽر وي ڪرپشن اسڪينڊل کان وٺي ٻيون سوين ڪرپشن جون ڪھاڻيون ۽ 2022 ۾ بارش ۾ چيلھه جيتري پاڻيءَ ۾ غريبن جون آھون دانھون، مسلسل ميدان ۾ رھندڙ نصير ميمڻ جون خدمتون، ايمانداريءَ ۽ بھادريءَ سان زندگي گذاريندڙ بشير ميمڻ جي للڪار ۽ سدائين عوام جي ھر ڏک سک ۾ گڏ گذاريندڙ جلال شاھه ڄاموٽ جو ڪردار ڪنھن طوفان کي جنم ڏيندو .؟ اھا ڳالهھ ڪجھه ڏينھن اندر واضح ٿي ويندي.
باقي ھڪ ڳالھه صاف آھي تہه جيڪڏھن چونڊون ملتوي ٿيون ۽ ڪجھه سالن بعد ٿيون تہه نہه صرف مٽياري، پر سنڌ جو سياسي نقشو گھڻو تبديل ٿي چڪو ھوندو.