اهڙي ته آهي سنڌي قوم!
اڳ نه ايئن هياس، جيئن اڄ جيڏيون،
هيڻيء مٿي هوتن، ڪيو ڪين قياس،
بي ڪفن بي لباس، مڙهه به هڪ مامرو (مهر فقير)
جڏهن کان ساماڻا آهيون تڏهن کان ٻڌندا ۽ پڙهندا پيا اچون ته سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب 5000 هزار سال پراڻي آهي ۽ سنڌي ازل کان ئي سڌريل ۽ سلجهيل قومن جي فهرست ۾ سرفهرست رهندا آيا آهن، جڏهن ته عربستان جا بدو عرب ڪنهن زماني ۾ نياڻين کي ڄمندي ئي دفن ڪري ڇڏيندا هئا، ها بلڪل تاريخ ڪنهن کان به ڳجهي ناهي رهي ۽ نه وري تاريخ ڪنهن تي ڪک رکي ڪو ڍڪ ڍڪيو آهي، بلڪه تاريخ سڀ ڪنهن کي وائکو ڪندي رهي آهي ۽ اهڙي وائکائپ اڄ به جاري آهي ڇو ته وقت وڏو بادشاهه آهي.
جڏهن ملڪ ۾ ٽچ موبائل جو ڪو وجود نه هو، تڏهن پرنٽ ميڊيا تي خبرون پهچائڻ جو ڪم صحافي مطلب ته نمائنده ڪندا هئا جيڪي انهن اخبارن طرفان مقرر ٿيل هئا پوءِ ڪڏهن ڪا خبر رسائي حاصل ڪندي هئي ته وري ڪا ويچاري خبر رهجي به ويندي هئي، پر هاڻي ته هر هٿ ۾ موبائل فون آهي ۽ هر ڪو سوشل ميڊيا تحت صحافي لڳو وتي، جنهن ڪري هر خبر ميڊيا تي اچيو وڃي، پوءِ انهن خبرن جو ڪڏهن داد ٿئي ٿو ته وري ڪڏهن اهي خبرون گردش ۾ گم ٿي وڃن ٿيون.
اهڙي خبر فيس بوڪ تي نظر آئي ته واقعي انسانيت ئي موڪلائي وئي آهي ڇا؟
پنوعاقل ويجھو سلطانپور ڳوٺ ميوو مهر ۾ حسن پير قبرستان ۾ قبرستان تي قبضو بااثر ڌر ٻارڙي جو لاش دفنائڻ کان اڳ قبر ۾ ڊنگهر ۽ پٿر اڇلائي ڇڏيا. وارثن کي معصوم ٻارڙي جو لاش قبرستان ۾ دفن ڪرڻ کان روڪيو ويو.
فوتي معصوم ٻارڙي جي والد محمد صابر مهر ۽ ٻين ڳوٺاڻن سخت سردي ۾ معصوم جو لاش روڊ تي رکي احتجاج ڪندي چيو ته فوتي معصوم ٻارڙي جو لاش دفنائڻ لاءِ قبر جي کوٽائي ڪئي ته قبضا مافيا معصوم جو لاش قبرستان ۾ دفنائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کوٽيل قبر ۾ ڊنگهر اڇلائي ڇڏيا.
ستل هس ساميءَ ۾، ڪڍي ٻاهر ڪيائون،
الا ايئن چيائون، اسان مالڪ هن مقام جا. (مهر فقير )
ڇا لکجي قيامت جو منظر آهي.
ڪجھه ڏينهن اڳ ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيورن تي وحشي درندن جي درندگي.
زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪيل مغوين جي جسمن تي پلاسٽڪ کي باهه ڏيئي ساڙي پگھاري هاريو پيو وڃي.
ٻرندڙ باهه جسم تي هارجڻ سبب مغوين جون هانء ڏاريندڙ ڪوڪون.
ٻئي طرف ساڳئي مغويءَ جي جسم تي هن رت ڄمائيندڙ سرديءَ ۾ ٿڌو پاڻي هاري کيس لٺين سان ماريو پيو وڃي.
ڇا لکجي قيامت جو منظر آهي.
قبرستان ۾ جنازي کي دفنائڻ وارو هي مسئلو ڪو نئون ڪونهي ڪو، پر هن کان اڳ به هتي اهڙا ڪيترائي واقعا جنم وٺي چڪا آهن، پر پوءِ به سرڪار ڪو نوٽيس ناهي ورتو، ڇو ته هتي خاص ڪري مافيا وارن جا قبرستانن تي به قبضا ٿيل آهن، جتي مافيائون انهن قبرستانن کي بلڊوز ڪري وڏيون وڏيون بلڊنگون جوڙين ٿيون، پر جي ڪو قبرستان ڳوٺن ۾ آهي ته اتي سرنديءَ وارا قبرن کي ڊاهي پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿا جتي هو گهر ۽ دڪان ٺهرائي مري ويندڙ ماڻهن کي دفنائڻ جو دڳ ئي بند ڪري ڇڏين ٿا.
ڪجھه سالن کان وٺي سنڌ جي شهرن يا ڳوٺن ۾ اهڙا واقعا جنم وٺي رهيا آهن جنهن سان انسانيت جو ڪنڌ جهڪيو ٿو وڃي ۽ سنڌ جي تهذيب به شرمسار ٿئي ٿي، ڇو ته هتي لاشن کان ڪفن به لاٿو پيو وڃي ته وري بيمارن ۽ دوا وٺڻ وارن کي به بخش نٿو ڪيو وڃي، ڪالهوڪي قديم سنڌ هاڻي ته اهڙي ٿي وئي آهي جو هتي جيئڻ جو مسئلو به ڏکيو آهي ته وري مرڻ به هڪ مامرو ٿي پيو آهي.
آخرڪار ڇا ٿي ويو آهي سنڌي قوم کي جو صفا ايئن جاهلن جي قطار ۾ پيا ڳڻجون جو روز قبيلائي جهيڙن ۾ پيا ڪسجون، اسڪولن کي ڊاهي اوطاقون پيا ٺاهيون، روز ڦرون، روز ڌاڙا، اغوا براءِ ڀنگ، پوليس جي خاموشي، وڏيرن جو ڪاروبار، زنا، جوا، ڪارو ڪاري وغيره، آخر اهو سڀ ڇا آهي ۽ ڪيستائين ٿيندو رهندو؟
باقي جي سنڌ ۾ جنازن سان اهڙي جٺ ٿيندي ته پوءِ مرندڙن کي ڪير ڪٿي دفن ڪندو، ڇا اهي قبرستان انهن مافيائن يا سرندي وارن ۽ لٺ سردارن جي ذاتي ملڪيت آهن جو هو جنازن جي بي حرمتي پيا ڪن ۽ هوڏانهن سرڪار به خاموش رهي ڪري اهڙا منظر ٿي ڏسي ۽ قانون ڪا حرڪت نٿو ڪري، سو جي ايئن ئي حالتون رهيون ۽ ايئن ئي انڌيرنگري رهي ته پوءِ اڳتي هلي ڪري بي پهچ ۽ غريبن جا جنازا ڪٿي به دفن نه ٿيندا.
اڄ ڪلھه ٻي طرف ڏسجي ته سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار آهي، سرڪاري زمينون سرڪاري ادارن ۽ سرمائيدارن کي ڀڳڙن مٺ تي الاٽ ٿي رهيون آهن جنهن سبب قديم ڳوٺ، قديم قبرستان ۽ مالڪاڻا حقن واريون زرعي زمينون اصل وارثن کان کسجي رهيون آهن، اصل وارثن ۽ ڌرتي ڌڻين کي جتان ڪٿان بيدخل ڪري زوال ۽ تباهيءَ طرف ڌڪيو ٿو وڃي، ان جي ابتڙ سنڌ جون ادبي، سياسي ۽ قوم پرست پارٽيون رڳو ووٽن، ورسين، سالگرهن ۽ عهدن جي حاصلات خاطر ڀڄ ڊوڙ ڪري رهيون آهن جڏهن ته ڏوهاري قسم جا ماڻهو سرعام ڏوهه ڪري ۽ زورآور پنهنجي زور تحت ٻيو ته ٺهيو، پر قبرن منجهان جنازن کي ڪڍي ڪري فرعونيت کي هٿي ڏئي رهيا آهن، ان ڪري وقت جي حاڪمن ۽ قانون جي رکوالن کي گهرجي ته اهڙن وحشي انسانن کي لغام ڏين ته جيئن اڳتي لاءِ ڪوئي اهڙي حرڪت نه ڪري سگهي جنهن سان سنڌ جي 5000 پراڻي تهذيب کي دنيا ۾ لڄي ٿيڻو پوي.
سنڌي قوم ڪڏهن سڌرندي، جڏهن سج اولهھ کان اڀرندو يا قيامت کان بعد، باقي ته هن وقت سنڌ جي تهذيب کي جيترو نقصان خود سنڌي ڏئي رهيا آهن ان حساب سان ٻين تي آڱر کڻڻ بيوقوفي آهي، ماضي ۾ ڌارين سان جنگ ڪندڙ قوم حال منجھه هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ خاطر ميدان ۾ لٿل آهي، هن وقت اسان سنڌي زوال طرف گامزن آهيون، پر افسوس جو ڪو به مرد مجاهد نظر نٿو اچي جيڪو سنڌ کي جهالت ۽ غلامي جي ڌٻڻ منجهان ڪڍي ڪري شعور ۽ آزادي جي راهه تي گڏ ڪري اڳتي وڌي سگهي.

