خاصنئون

 ڪشمير جي صورتحال هٿن مان نڪري سگهي ٿي: عمران خان

آمريڪا جي اخبار نيو يارڪ ٽائيمز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته ڪشمير جي صورتحال اڃان خراب ٿي سگهي ٿي. انڊيا پاڪستان تي حملو ڪري سگهي ٿو جنهن جي جواب ۾ پاڪستان به ڪارروائي ڪندو ۽ اها صورتحال سڄي دنيا لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته انڊيا ڪشمير ۾ ڪوڙو حملو ڪرائي ان جو الزام پاڪستان تي لڳائي، پاڪستان تي حملو ڪري سگهي ٿو، جنهن جو پاڪستان جواب ڏيندو. هن چيو ته هن وقت ڀارت سان ڳالهيون ڪرڻ بيڪار آهن. ڪشمير ۾ 80 لک ماڻهن جون جانيون خطري ۾ آهن. اسان کي خوف آهي ته ڪشمير ۾ نسل ڪشي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته مودي هڪ فاشسٽ آهي جيڪو ڪشمير مان مسلمانن کي ڪڍي اتي هندن کي آباد ڪرڻ ٿو چاهي. هن چيو ته مان آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان به فون تي ان باري ۾ ڳالهائي چڪو آهيان. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته ڪشمير ۾ گڏيل قومن جا پيس ڪيپر ۽ آبزرور موڪليا وڃن.