روزانو هڪ ٽن ڪچري مان ٻارڻ ٺاهيندڙ ماحول دوست ٻيڙي تيار
برطانيه جي هڪ ڪمپني سامونڊي گندگي صاف ڪرڻ واري هڪ خاص ٻيڙي تيار ڪئي آهي، جيڪا هر روز هڪ ٽن ڪچرو هٿ ڪري ان کي پنهنجي ٻارڻ ۾ استعمال ڪندي. هن ٻيڙي جي ڊيگهه 70 ميٽر آهي جنهن کي (اوشن سيوير) پروجيڪٽ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جو مطلب آهي سمنڊن جي نجات ڏياريندر هي سمنڊ ۾ هر قسم جي ڪچري جي ڳولها، شناخت ۽ جمع ڪري ان کي ري سائيڪل ڪرڻ جو ڪم ڪندي، تجرباتي طور تي هي ٻيڙي هر روز هڪ ٽن ڪچرو ميڙي ان کي ٻارڻ ۾ تبديل ڪري رهي آهي. هن منصوبي ۾ ڪم ڪندڙ ماهر رچرڊ ڊبليو رابرٽس چيو آهي ته هن وقت دنيا جي سمنڊن ۾ پلاسٽڪ جا 5 ٽرلين ٽڪڙا موجود آهن. انهن کي وڌيڪ جمع ٿيڻ کان اڳ ئي ميڙڻ جي ضرورت آهي. ۽ اميد آهي ته هي پروجيڪٽ ان قسم جي ڪچري کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

